ڪراچي ۾ واپار بابت امريڪا جي نائب نمائندي طرفان پاڪستان ۽ امريڪا جي واپاري سربراھن نمائندن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهيون

ڪراچي، 9 مارچ، 2022: ڪراچي جي دوري تي پهتل ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ امريڪا جي نائب نمائندي (AUSTR) ڪرسٽوفر ولسن ۽ امريڪي بزنس ڪائونسل، پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستان جي مالياتي، ٽيڪسٽائل ۽ زراعت جي شعبن سان واڳيل نمائندن ۾ اهم ڳالهيون ٿيون. امريڪي قونصل خاني ڳالهين جي انتظامن ۽ ميزباني جون ذميواريون نڀايون.

صنعت، واپار ۽ ڪاروبار سان واڳيل نمائندن سان ملاقاتن دوران وفدن طرفان امريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو. اُن موقعي تي آسٽر ولسن چيو ته “امريڪا ۽ پاڪستان کي واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي مانُ آهي، اسان جو هي دورو به ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جي حوالي سان اهم موقعو آهي.”

ڳالهين جي مختلف دورن ۾ امريڪي وفد جو چوڻ هو ته امريڪا پنهنجي پاڪستاني ڀائيوارن سان گڏجي سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي. آسٽر ولسن پاڪستاني ادارن کي پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ماحولياتي پائيداريت لاءِ کنيل قدمن تي واڌايون ڏنيون ۽ پاڪستاني معيشت ۾ سندن ڀرپور شرڪت توڙي عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ بابت اهميت تي به زور ڏنو.

آسٽر ولسن پاڪستان جي سويابين ۽ ٽيڪسٽائيل صنعت سان واڳيل نمائندن سان ملاقاتن دوران پاڪ-امريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن ۽ چيلينجز سميت سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان آسٽر جي عزم تي روشني پڻ وڌي.