15 آڪٽوبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
ڪروناوائرس خلاف ويڪسين لڳرائڻ واري مهم کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ اداڪار فيصل قريشي پاران ڪراچي ايڪسپو سينٽر جو دورو
ڪراچي (15 آڪٽوبر 2021) – آمريڪا ۽ سنڏ حڪومت پاران گڏيل طور تي شروع ڪيل ويڪسين آگاهي مهم “فضائن کان فلاح تائين” جي سلسلي ۾ آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ مشهور اداڪار فيصل قريشي ڪراچي ايڪسپو سينٽر جو دورو ڪيو جيڪو پاڪستان جي سڀني کان وڏين ويڪسينيشن سينٽرن منجهان هڪ آهي. ان مهم ذريعي پاڪستاني شهرين کي ڪروناوائرس کان بچاءُ ڪري انساني جانيون بچائڻ جي ترغيت ڏني پئي وڃي. قونصل جنرل مارڪ اسٽرو آمريڪي فائزر ويڪسين جي ٽُڪي لڳائڻ واري عمل جو سڌو سنئون مشاهدو ڪرڻ سميت اُتي موجود صحت ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا ۽ فائزر ويڪسين لڳرائڻ وارن پاڪستانين کي مبارڪ پڻ ڏني.
قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ايڪسپو سينٽر ۾ فائزر ويڪسين لڳرائڻ وارن شهرين سان ڳالهائيندي چيو ته “آمريڪا ان عالمي وبا خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن سال جولاءِ کان هن وقت تاين آمريڪي عوام، پاڪستاني عوام کي هڪ ڪروڙ 58 لک زندگيون بچائڻ واريون ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏئي چڪو آهي ۽ هلندڙ آڪٽوبر مهيني ۾ وڌيڪ 96 لک فائزر ويڪسينون پڻ پهچائيندو.”
فائزر جا اهي ٽُڪا ھنن گرمين ۾ آمريڪا پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا جي 92 ملڪن کي فراھم ڪرڻ لاءِ خريد ڪيل 50 ڪروڙ فائزر خوراڪن جو حصو آھن تہ جيئن صدر بائيڊن جي پوري دنيا ۾ محفوظ ۽ اثرائتي ويڪسين فراھم ڪرڻ ۽ وبا خلاف عالمي محاذ کي مضبوط ڪرڻ واري عزم جي آبياري ڪري سگھجي. سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي حاشيي تي منعقد ٿيل ورچوئل گلوبل ڪووڊ-19 سربراھي اجلاس ۾ صدر بائيڊن اعلان ڪيو ھيو ته آمريڪا پوري دنيا ۾ گھٽ ۽ گھٽ وچولي آمدني وارن ملڪن کي 50 ڪروڙ فائزر ويڪسين فراھم ڪندو جنھن جي ترسيل جنوري 2022 ۾ شروع ٿي ويندي. ان سان آمريڪا پاران عطيو ڪيل ويڪسين جو ڪُل انگ 1.1 ارب کان وڌيڪ ٿي ويندو جيڪو دنيا جي ٻين ملڪن جي مجموعي عطيو ڪيل ويڪسين جي انگ کان به وڌيڪ تعداد آهي جيڪو مفت فراهم ڪيو وڃي پيو.
ڪرونا وبا جي شروعات کان وٺي هيل تائين آمريڪا ڪرونا ٽُڪن جي عطئي سان گڏ پاڪستان جي عوام کي هنگامي طبي سامان، تربيت ۽ طبي ڍانچي جي بھتري لاءِ 6 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي امداد پڻ فراهم ڪري چڪو آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪووڊ ويڪسين جي عطئي بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ھن لنڪ تي وڃو: https://www.state.gov/countries-areas/pakistan
###