4 فيبروري 2020
رابطو: سڊني سمٿ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
80 شاگردن ۽ شاگردياڻين يو ايس پاڪستان سينٽر فار ائڊوانسڊ اسٽڊيز مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون
ڪراچي – مستقبل جي پاڪستاني انجنيئرن ۽ پاڻي ماهرن هڪ گريجوئيشن تقريب ۾ يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان هلندڙ يو ايس پاڪستان سينٽر فار ائڊوانسڊ اسٽڊيز مان ڪورس پورو ڪرڻ تي ڊگريون حاصل ڪيون.
مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل ڪانووڪيشن ۾ يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر جولي ڪونن، قدرتي وسيلن واري وزير شبير علي بجاراڻي سان گڏجي ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ۽ تمغا ورهايا. ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪندڙ انهن 80 شاگرد ۽ شاگردياڻين يو ايس ايڊ جي هن پروگرام هيٺ امريڪا جي يونيورسٽي آف يوٽا ۾ ايڪسچينج پروگرام ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.
ان موقعي تي مشن ڊائريڪٽر جولي ڪونن چيو ته، ”اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هتان جي نوجوانن کي ئي اڳتي اچڻو پوندو. خانگي شعبي، استادن ۽ سرڪار وچ ۾ ڀائيواري ۽ سندن گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي مستقبل جون راهون هموار ٿي سگهن ٿيون. ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچي پاڪستان جي مستقبل جون واڳون سنڀالڻيون پونديون.“
صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي يو ايس ايڊ جي مدد جي ساراهه ڪندي چيو ته ”تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ امريڪي عوام جي مدد سببان بهتري ۽ جدت اچي رهي آهي.“
سال 2014 ۾ پاڪستاني يونيورسٽين جي سهائتا لاءِ امريڪي سرڪار 127 ملين ڊالرن وارو پروگرام شروع ڪيو جنهن هيٺ پاڻي، توانائي ۽ کاڌي جي کوٽ وارن شعبن ۾ تخليقي حل تجويز ڪرڻ لاءِ تحقيقي مرڪز قائم ڪيا ويا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ قائم تحقيقي مرڪز پڻ انهن مان هڪ آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جا لاڳاپا ويتر مضبوط ٿيا آهن. مهراڻ يونيورسٽي ۽ يوٽا يونيورسٽي (امريڪا) ايندڙ پنجن سالن تائين اها ڀائيواري قائم رکڻ لاءِ يادداشتنامي تي صحيحون پڻ ڪيون آهن.
پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ يو ايس ايڊ جي سهائتا بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ http://www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.