پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن ۾ هوا جي معيار جي ڏسڻي
آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي احاطن ۾ نصب ٿيل ايئر ڪوالٽي مانيٽر هوا ۾ پيدا ٿيندڙ سنهن زرن کي ماپيندا آهن (عام طور تي ان ڏسڻي کي 2 کان ٻه ڏهائي پنج پي ايم به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته اُهي زرڙا 2.5 مائڪران کان ننڍا يا ان جي برابر هوندا آهن.) ڪنهن به هڪ هوائي نگراني واري مرڪز جي ڊيٽا پوري شهر تي لاڳو نٿي ڪري سگهجي. ان ڪري آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن پاران گڏ ڪيل ڊيٽا شهرجي ٻين هنڌن تي نصب ٿيل ٻين مانيٽرن جي ڊيٽا کان مختلف ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن اندر قائم هوائي معيار جي نگراني وارن مرڪزن مان حاصل ٿيندڙ انگن اکرن کي آمريڪي ماحولياتي بچاءُ واري اداري (اِي پي اي) جي نائو ڪاسٽ الگوريٿم ذريعي عملي معلومات ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهو الگوريٿم پي ايم 2.5 واري خام ڊيٽا کڻي ان کي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس يعني AQI ماپن ۾ تبديل ڪندو آهي جيڪي صحت سان لاڳاپيل فيصلا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن. اها انڊيڪس يا ڏسڻي ٽن کان ٻارهن ڪلاڪن تائين جي وقت ۾ هوا ۾ موجود زرن جي موجودگي يا فرق جو جائزو وٺندي آهي.
ڄاڻايل “پي ايم ٻه ڏهائي پنج” ڏسڻي، آمريڪي ماحولياتي بچاءُ واري اداري (اِي پي اي) پاران منظور ڪيل معياري پيمانو آهي ۽ اسان کي مقرر ڪيل آمريڪي پيماني سان ڀيٽڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي. پي ايم ٻه ڏهائي پنج يا هوا جي معيار جي باري ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ آمريڪي ماحولياتي بچاءُ واري اداري (اِي پي اي) جي ويبسائٽ ڏسي سگهجي ٿي. پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانا هوائي آلودگي جو سبب بڻجڻ وارن ٻين ذرن جي ناڪاري اثرن بابت معلومات جمع ناهن ڪندا مثال طور، ڌوڙ (پي ايم 10) اوزون (O3)، نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ (NO2)، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ (SO2) ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ (CO) وغيره).
جيڪڏهن آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي پيمانن تي ڪاٽو 99 جي ريڊنگ نظر اچي ته مهرباني ڪري ان کي نظرانداز ڪجو ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب آهي ته ڄاڻايل جڳهه جي هن وقت ڊيٽا دستياب ناهي.
اسلام آباد
آمريڪي سفارتخاني جو ايئر ڪوالٽي مانيٽر، اسلام آباد ڊپلوميٽڪ انڪليوَ ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جي پسگردائي واري علائقي جي هوا بابت ڊيٽا ڏَسيندو آهي. ڄاڻايل ڊيٽا آمريڪي اِي پي اي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس آهي.
هر ڪلاڪ جي حساب سان ملندڙ اسان جي ڊيٽا سان ٺهندڙ گراف ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
آمريڪي قونصل خاني جو ايئر ڪوالٽي مانيٽر، انٽيليجنس ڪالوني، ڪراچي ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جي پسگردائي واري علائقي جي هوا بابت ڊيٽا ڏَسيندو آهي. ڄاڻايل ڊيٽا آمريڪي اِي پي اي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس آهي.
هر ڪلاڪ جي حساب سان ملندڙ اسان جي ڊيٽا سان ٺهندڙ گراف ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
ڪراچي
لاهور
آمريڪي قونصل خاني جو ايئر ڪوالٽي مانيٽر، شملا هِل، لاهور ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جي پسگردائي واري علائقي جي هوا بابت ڊيٽا ڏَسيندو آهي. ڄاڻايل ڊيٽا آمريڪي اِي پي اي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس آهي.
هر ڪلاڪ جي حساب سان ملندڙ اسان جي ڊيٽا سان ٺهندڙ گراف ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
پشاور
آمريڪي قونصل خاني جو ايئر ڪوالٽي مانيٽر، امن چوڪ، پشاور تي موجود آمريڪي سفارتخاني جي پسگردائي واري علائقي جي هوا بابت ڊيٽا ڏَسيندو آهي. ڄاڻايل ڊيٽا آمريڪي اِي پي اي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس آهي.
هر ڪلاڪ جي حساب سان ملندڙ اسان جي ڊيٽا سان ٺهندڙ گراف ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
هوا جي معيار جو پيمانو صحت بابت ڳڻتي جوڳي سطح |
عددي وزن | تشریح |
---|---|---|
بهتر | ٻُڙي کان پنجاھ | هوا جو معيار اطمينان وارو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ هوائي آلودگي جي ڪري متاثر ٿيڻ جا اثر گهٽ يا نه هئڻ برابر ليکيا ويندا آهن. |
وچولو | 51 کان 100 | هوا جو معيار قابل قبول آهي پر هوا ۾ شامل ڪجھ آلودگي وارا ذرا انهن ماڻهن جي صحت لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن جن تي هوائي آلودگي جلدي اثر ڪندي آهي. |
حساس طبيعت وارن ماڻهن لاءِ هاڃيڪار | 101 کان 150 | حساس طبيعت وارا ماڻهو پنهنجي صحت تي اثر محسوس ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه عام ماڻهن تي ڪو اثر نه پوندو. |
صحت لاءِ هاڃيڪار | 151 کان 200 | هن صورتحال ۾ سڀ ماڻهو پنهنجي طبيعت تي اثر محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ حساس طبيعت وارا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندا. |
تمام گهڻو هاڃيڪار | 201 کان 300 | هنگامي صورتحال بابت تاڪيد. سڄي آبادي جي متاثر ٿيڻ جا سگها امڪان موجود آهن. |
خطرناڪ | 301 کان 500 | صحت بابت تاڪيد: سڀني ماڻهن جي صحت تي ڳنڀير اثر ٿي سگهي ٿو. |