ڪراچي: پاڪستان ۾ امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڪراچي جي جنال اسپتال ۾ امريڪي حڪومت جي 60 ڪروڙ 28 لک روپين جي مالي تعاون سان تعمير ٿيل ميٽرنٽي وارڊ جو افتتاح ڪيو. نئين ميٽرنٽي وارڊ جي تعمير يو ايس ايڊ جي مالي تعاون سان ٿي آھي.
نئون تعمير ٿيل 120 بسترن جو ھي وارڊ پراڻي 80 بسترن واري وارڊ جي جاءِ تي تعمير ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ھن بلڊنگ سان گڏوگڏ 35 ڪروڙ 60 لک روپين جي لاڳت سان گائني وارڊ پڻ تعمير ڪيو ويو آھي جنھن جو افتتاح ڊسمبر 2012 ۾ ڪيو ويو ھو.
ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل چيو ته ” امريڪا ۽ پاڪستان گذريل ڊگھي عرصي کان گڏجي ڪم رھيا آھن ته جيئن مسئلن کي منھن ڏئي سگھن جن ۾ صحت جي معياري صحولتن تائين عام ماڻھوءَ جي رسائي به شامل آھي“.
افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي صحت جي وزير ڊاڪٽر ڄام مھتاب ڏھر، قونصل جنرل برائن ھيٿ، يو ايس ايڊ جي صوبائي سربراھ ڪريگ بڪ پڻ شرڪت ڪئي. تقريب دوران اسپتال جي انتظاميه ۽ ھڪ فلاحي اداري تابا فائونڊيشن سان معاھدي تي صحيحيون ڪيون جنھن ھيٺ اسپتال جو انتظام ۽ خيال رکڻ جي ذميداري ان اداري حوالي ڪئي وئي.
امريڪا ۽ پاڪستان گذريل ڊگھي عرصي کان گڏيل طور صحت جي صحولتن جي اڻاٺ کي منھن ڏئي رھيا آھن. 1959 ۾ يو ايس ايڊ جي ذريعي انڊيانا يونيورسٽي ۽ جناح اسپتال گڏجي بنيادي صحت جي خدمتن جي اداري (بيسڪ ميڊيڪل سروسز انسٽيٽوٽ) جو قيام عمل ۾ آندو جيڪو بعد ۾ پاڪستان ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم جي پھرين اداري طور قائم ٿيو.
ان سان گڏ ھلندڙ سال جي جنوري مھيني ۾ امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل ۽ وڏي وزير قائم علي شاھ گڏجي جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو افتتاح ڪيو جنھن لاءِ پڻ مالي تعاون يو ايس ايڊ طرفان ڏنو ويو، جتي ھاڻي روز سوين ماڻھو صحت جي صحولتن مان فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. سال 2012 کان وٺي امريڪي حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل صحت جي شعبي ۾ پروگرامن مان پاڪستان جي پنجاھ لک کان وڌيڪ ماڻھن فائدو حاصل ڪيو آھي.
پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ تفصيل ھن لنڪ تي موجود آھن:
http://usaid.gov/pakistan/health
مئي 05، 2016
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي