پاڪستان ۾ امريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي اردو ويب سائٽس جو افتتاح

ڪراچي: پاڪستان ۾ امريڪي سفير رچرڊ اولسن ملڪ ۾ امريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي اردو ويب سائيٽس جو افتتاح ڪيو. ڪراچي جي دوري دوران ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي امريڪي سفير اولسن چيو ته  ” مون کي اھو اعلان ڪندي ڏاڍي خوشي ٿي رھي آھي ته اسان سفارتخاني سمينت ٽنھي قونصل خانن ڪراچي، لاھور ۽ پشاور ۾ اردو زبان ۾ هڪ مفصل ويب سائيٽ جي شروعات ڪري رھيا آھيون.“

سفير اولسن چيو ته هن ويب سائيٽ جي شروعات ان ڳالھ جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان پاڪستان جي ماڻھن کي سندن قومي زبان ۾ معلومات فراھم ڪرڻ جي اھميت کي سمجھون ٿا ۽ ان جو قدر ڪيون ٿا.  ھاڻي پاڪستان جا شھري امريڪا جي مختلف پروگرامن ۽ خدمتن متعلق اردو زبان ۾ مواد پڙھي سگھن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته خاص ڪري اھي ماڻھو جيڪي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا، گرانٽ ۽ ثقافتي مٽا سٽا جي پروگرام ۾ حصو وٺڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا يا وري امريڪي مشن جي سرگرمين بابت ڄاڻ رکڻ چاھين ٿا. “

اردو زبان ۾ شروع ڪيل هيءَ ويب سائيٽ پاڪستان جي شھرين کي امريڪي حڪومت جي مک ادارن ۽ پارٽنر ادارن جا لنڪس پڻ مھيا ڪري ٿي جنھن ۾ يو ايس ايڊ، يو ايس ايجوڪيشنل فائونڊيشن، ايجوڪيشن يو ايس اي ۽ يو ايس ڪمرشل سروسز پڻ شامل آھن. هن سائيٽ تي سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي فيس بڪ پيجز ۽ ٽوئٽر اڪائونٽس جا لنڪ به موجود آھن.