امريڪي سفير طرفان ڪراچي ۾ امريڪي لائبريري جو افتتاح
ڪراچي: امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ گڏجي لياقت ميموريل لئبريري ۾ امريڪن مرڪز لنڪن ڪارنر جو افتتاح ڪيو. پاڪستان ۾ قائم ڪيل سمورن لنڪن مرڪزن ۾ ھي سڀ کان وڏو مرڪز آھي. ان موقعي تي تقريب ۾ وڏي وزير جي ثقافت ۽ سياحت کاتي بابت اسپيشل اسسٽنٽ شرميلا فاروقي، لياقت لئبريري جو ڊائريڪٽ بشير احمد ابڙو، قونصل جنرل برائن ھيٿ، امريڪي انفارميشن رسورس جي ريجنل ڊائريڪٽر مارسي ڪيريل پڻ موجود ھئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل چيو ته ”لنڪن مرڪز ھڪڙي قسم جون لائبريريون آھن جتي پاڪستاني عوام امريڪا جي ثقافت، قدرن، معلومات تائين رسائي سان گڏ دور حاضر جا انگريزي ڪتاب پڙھي سگھن ٿا. ھن چيو ته اسان ان قسم جي سيڙپ ان ڪري ڪندا آھيون جو اسان سمجھون ٿا ته تعليم ۾ سيڙپ سان اسان جا تعلقات مظبوط ٿيندا، ان سان عوام جي وچ ۾ دوستيءَ جو ناتو جڙندو، ترقيءَ ٿيندي ۽ نوان موقعا پيدا ٿيندا.“
امريڪن قونصل خانو ڪراچي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي سان گڏجي سال 2012 کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ امريڪي مرڪز قائم ڪيا آھن جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو شامل آھي.
لنڪن ڪارنر ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي صحولتون موجود آھن جن ۾ ٻارڙن لاءِ ھڪ ڪارنر، ميٽنگ روم، ڪمپيوٽر جي صحولت، مفت واءِ فاءِ، ڪتابن جو ذخيرو، رسالا، ڊي وي ڊيز ۽ پروگرامن لاءِ ھڪ مختص ڪيل جاءِ پڻ شامل آھي. ھي مرڪز لياقت ميموريل لائبريري ۾ قائم ڪيو ويو آھي جيڪا پڻ سنڌ جي سڀ کان وڏي لئبريري آھي. ھن مرڪز جي آسپاس تمام گھڻا اسڪول، تعليمي ادارا، يونيورسٽيون موجود آھن جنھن جو مطلب اھو ٿيو ته ھن لئبريري مان فائدو وٺڻ لاءِ تمام گھڻا شاگرد ۽ استاد ھن مرڪز جي آسپاس موجود آھن جيڪي ھن مرڪز تي مھيا ڪيل وسيلن ۽ علمي ذخيرن مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا.
لنڪن ڪارنر امريڪا جي باري ۾ مستند معلومات فراھم ڪرڻ جو ذريعو آھن، ھنن مرڪزن ۾ رسالا، ڪتاب، انٽرنيٽ جي صحولت، ڪپيوٽر ليب، آن لائين ڊيٽا بيس ۽ عام عوام لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آھن. پاڪستان ۾ ھن وقت اھڙا 18 مرڪز موجود آھن جيڪي اسلام آباد، راولپنڊي، مظفرآباد، پشاور، ڪراچي، بھاولپور، فيصل آباد، سرگوڌھا، ملتان، خيرپور، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ اسڪردو عوام لاءِ کليل آھن.
جولاءِ 26، 2016
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي