ڪراچي: آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ۽ سنڌ جي سينئر وزير تعليم نثار احمد کھڙو گڏجي تازو ڪراچي يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي ترقي واري آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) پاران تعمير ڪرايل ٽيچر ايجوڪيشن شعبي جي عمارت جو افتتاح ڪيو.
پاڪستان ۾ بنيادي تعليم جي معيار ۾ سڌارو آڻڻ واري آمريڪي عزم کي ورجائيندي، آمريڪي سفير اولسن چيو ته ”پاڪستاني حڪومت سان گڏجي آمريڪي حڪومت ملڪ ۾ استادن جي تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي، ۽ ان جي ڪوشش آهي ته آئيندي جي استادن کي سکيا ۽ پڙهائڻ جو بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي.“ هن وڌيڪ چيو ته هيءُ عمارت آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سگهارا تعليمي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل واعدي جي هڪ وڏي نشاني آهي.
نئين تعمير ٿيل عمارت ۾ 10 ڪلاس روم، چار ليبارٽريون، هڪ سيمينار هال، هڪ ملٽي پرپز هال، هڪ لائيبريري ۽ هڪ سکيا جو مرڪز شامل آهي. ان سان گڏوگڏ عمارت ۾ معذور ماڻهن جي اچ وڃ کي آسان بنائڻ لاءِ لفٽ به نصب ڪيل آهي ته ريمپ پڻ ٺهرايو ويو آهي.
نئين تعمير ٿيل عمارت يو ايس ايڊ ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ ۾ شروع ڪيل استادن جي تعليم وارن ٻن سالن تي ٻڌل ڊگري پروگرامن لاءِ ڪتب آندي ويندي. اهي ڊگري پروگرام 2010ع ۾ تيار ڪيا ويا هئا جن ۾ داخلا وٺندڙ استادن کي ٻن سالن جي ايسوسيئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن (اي ڊي اِي) ۽ چار سالا بي ايڊ آنرز ڊگري پڙهائي پئي وڃي.
ڪراچي يونيورسٽي جي هيءِ نئين بلڊنگ ۾ استادن جي تدريس جا ٻه نوان پروگرام پڙاھايا ويندا جيڪي هائر ايجوڪيشن ۽ يو ايس ايڊ سال 2010 ۾ تيار ڪيا هئا، ايسوسيئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن استادن جي تعليم لاءِ ٻه سالا ڊگري پروگرام آھي ان سان گڏ چارسالن تي ٻڌل بي ايڊ آنرس پڻ هتي پڙھايو ويندو.
ان موقعي تي موجود ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد قيصر پڻ يو ايس ايڊ پاران سهائتا توڙي ان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن جو چوڻ هو ته ”تعليم کي فروغ ڏيڻ وارين ڪوششن ۾ يو ايس ايڊ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ڊپارٽمنٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن هن يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو.
پاڪستان ۾ تعليم جي بھتري لاءِ امريڪي حڪومت 45 ملين ڊالرس جي مالي تعاون سان يو ايس ايڊ جي ذريعي سڄي پاڪستان ۾ ٽيچر ايجوڪيشن جي شعبي جي 17 عمارتن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ڪري رھي آهي. اهي سموريون نيون عمارتون جديد طرز تي تعمير ۽ مرمتي ڪم ذريعي بحال ڪيون پيون وڃن، اهي سڀئي ماحول دوست به هونديون ۽ انهن ۾ انٽرنيٽ واءِ فاءِ سميت ميڊيا لائيبريري جي سهولت پڻ فراهم ٿيل ڪئي پئي وڃي. امريڪي سفارتخانو تعليم جي شعبي ۾ ڪيترائي ايڪسچينج پروگرام هلائي رھيو آهن جن مان هن وقت تائين 14000 شاگردن فائدو حاصل ڪيو آهي.
يو ايس ايڊ جي تعليم جي شعبي ۾ پروگرام بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن لنڪ تي وڃو