منوڙي جي ٻيٽ تي قائم ورون ديو مندر جي بحالي جي ڪم جو امريڪي سفير افتتاح ڪيو

گروپ شاٽ

ڪراچي: پاڪستان ۾ امريڪا جي نئين آيل سفير ڊيوڊ هيل اڄ ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ سفير جي ثقافتي فنڊ مان ٻه لک پنجاھ ھزار ڊالرس جي لاڳت سان منوڙا جي ٻيٽ تي قائم تاريخ ورون ديو مندر جي بحالي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ثقافتي ماڳن جي تحفظ لاءِ قائم امريڪي سفير جي فنڊ مان اھو سنڌ صوبي اندر شروع ٿيندڙ ٻيو منصوبو آھي. ان کان اڳ سال 2014 ۾ مڪلي جي سلطان ابراھيم ۽ امير سلطان محمود جي مقبرن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪو ھلندڙ آھي.

ورون ديو مندر جي بحالي جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي امريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته ”پاڪستان ۾ ثقافتي ورثي جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري سنڌ ايڪسپلوريشن ۽ آئڊوينچر سوسائيٽي سان گڏجي هن مندر کي وڌيڪ ڪمزور ۽ تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تعاون ڪري اسان کي خوشي ٿي رھي آھي. هن چيو ته سفارتخاني طرفان ڏنل گرانٽ هيٺ هن مندر جي بحالي جو ڪم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ مقامي آبادي کي پڻ انھن سرگرمين جو حصو بڻايو ويندو.“

امريڪي سفير ڊيوڊ هيل وڌيڪ چيو ته منوڙي جو ٻيٽ پاڪستان جي اندر مذھبي رواداري ۽ سھپ جو هڪ زبردست مثال آھي ڇاڪاڻ ته هتي مندر، مسجد، چرچ، صوفين جون درگاھون موجود آھن جيڪي مختلف مذھبن، نسلن ۽ عقيدن جي ماڻھن جون آھن.“

امريڪي سفير هيل ان موقعي تي پاڪستان نيوي، منوڙا ڪنٽونمنٽ بورڊ ۽ ڪراچي ڪنٽونمنٽ بورڊ جي ڪردار کي ساراھيندي سندن ٿورو مڃيو جن سنڌ ايڪسپلوريشن ۽ ائڊوينچر سوسائٽي سان هن ماڳ جي سنڀال ڪرڻ ۾ هنن ڀرپور تعاون ڪيو.