تعليم جي بھتري لاءِ امريڪي يونيورسٽيءَ جو بلوچستان جي ٽن يونيورسٽين سان معاھدو

تعليم جي بھتري لاءِ امريڪي يونيورسٽيءَ جو بلوچستان جي ٽن يونيورسٽين سان معاھدو

ڪراچي: امريڪا جي ماسيچوسٽس يونيورسٽيءَ بلوچستان جي ٽن يونيورسٽين سان تعليم جي بھتري ۽ باھمي تعاون لاءِ ھڪ ٻه سالا پارٽنرشپ جي معاھدي تي صحيحيون ڪيون. امريڪن قونصل جنرل جي رھائشگاھ تي ٿيل تقريب جي صدارت قونصل خاني جي قائم مقام قونصل جنرل ڇاڊ پيٽرسن ڪئي. بلوچستان جي جن ٽن يونيورسٽين سان ياداشتنامي جي معاھدي تي صحيحيون ڪيون ويون انھن ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مينيجمنٽ سائنسز، سردار بھادر خان وومين يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي اف بلوچستان شامل آھن.

يونيورسٽي پارٽنرشپ پروگرام لاءِ امريڪا جو اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ 864،000 (اٺ لک چوھٺ ھزار ڊالر) ڏئي رھيو آھي ۽ ان پروگرام ھيٺ بلوچستان جي ٽنھي يونيورسٽين جي استادن کي ايندڙ سال گرمين جي موڪلن ۾ ايڪسچينج پروگرام تي اماڻيو ويندو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قائم مقام قونصل جنرل ڇاڊ پيٽرسن چيو ته پاڪستان ۽ امريڪا جي يونيورسٽين کي ھڪٻئي سان ڳنڊڻ جي ضرورت آھي ته جيئن شاگرد، استاد ۽ ادارن جا سربراھ ھڪ ٻئي سان رابطو رکي سگھن. ۽ ھن بلوچستان ڪنسورشيم پارٽنرشپ ذريعي استادن کي پنھجي صلاحيتن کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جو موقعو ملندو.  پيٽرسن وڌيڪ چيو ته ھن معاھدي مان ٻنھي ملڪن جي شاگردن تمام گھڻو کي فائدو پھچندو ڇو ته ھو وڌيڪ معياري تعليم حاصل ڪري سگھندا.

ان موقعي تي ماسيچيوسٽس يونيورسٽيءَ جي سوڪ انيشيٽو پروگرام جي ڊائريڪٽر مائيڪ ھيناھن چيو ته ھن پروگرام جو فوڪس مينيجمنٽ ۽ انٽرپرينيئرشپ جي شعبن جي فيڪلٽي ۽ شاگردن جي تربيت تي آھي. اسان انھن يونيورسٽين سان گڏجي نصاب کي جديد بنائڻ سان تدريس جي نون طريقن جي سکيا تي زور ڏينداسين. اسان اھڙا حل ڳولينداسين جيڪي پاڪستان جي يونيورسٽين لاءِ ڪارآمد ٿي سگھن.

قونصل خاني جي پبلڪ افيئرس آفيسر لي پنگ لو ان موقعي تي ڳالھائيندي چيو ته ھن پروگرام جي ھڪ ٻي خوبي اھا آھي ته پاڪستان جا شاگرد ۽ استاد امريڪي ثقافت ۽ حڪومت بابت ڄاڻ حاصل ڪندا. کين امريڪا بابت مفصل ڄاڻ ڏني ويندي ۽ گڏو گڏ استاد ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ سندن صلاحيتن ۾ واڌارو ڪيو ويندو.

امريڪي حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي پروگرام بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو:
www.eca.state.gov

اپريل 25، 2016

رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي