امريڪا ۾ ڪاروبار ڪرڻ جو طريقا ڪار
ڪاروبار ڪرڻ لاءِ امريڪا کليل آهي
مقامي ڪمپنين لاءِ امريڪي ڪمرشل سروسز جون خدمتون موجود آهن
اوهان پنهجي ڪمپني لاءِ امريڪا مان بھترين سپلاير جي ڳولا ڪري سگھو ٿا. امريڪا جي ڪاروباري برادري پنهجي معيار جي حوالي سان دنيا ۾ تمام سٺي ساک رکي ٿي، هنن وٽ جديد شيون ۽ خدمتون موجود آهن. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ لا ءِ اوهان امريڪي حڪومت جي اداري يو ايس ڪمرشل سروسز سان رابطو ڪري سندن خدمتون حاصل ڪري سگھو ٿا. هيءِ سرڪاري ادارو اوهان کي امريڪا جي اندر بھترين ڪمپني جي ڳولا ڪرڻ، ان جي جاء ۽ پتو به ڳولي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو. توهان کي امريڪي پارٽنر سان ڳنڊڻ جو ڪم به ڪندو، جيڪي به مصنوعات، شيون ۽ خدمتون اوهان کي گھرجن سي هنن کان پڇو. هيءِ ڪمرشل سروس اوهان امريڪي ڪارباري ماڻهن سان آمهون سامھون ويھاري ملاقات جو بندو بست به ڪرائي ڏئي سگھي ٿي. توهان واپاري شو ۽ نمائش ۾ پڻ شرڪت ڪري سگھو ٿا جن ۾ امريڪا جون هزارين ڪمپنيون شريڪ ٿينديون آهن. توهان جيڪڏھن پھريون دفعو امريڪا مان ڪجھ گھرائڻ يعني درآمد ڪرائڻ چاھيو يا ٻيا وڌيڪ سپلاير ڳولڻ چاھيو ٿا ته اسان جا ماھر اوهان جي ھر ممڪن مدد ڪندا ۽ امريڪا ۾ ڪاروباري ۽ واپاري ماڻھن سان اوهان کي ڳنڊڻ ۾ مدد ڪندا.
ان حوالي اسان جو هي ڪمرشل سروسز جو ادارو هتان جي مقامي ڪمپنين کي امريڪا مان ڪھڙيون به مصنوعات يا خدمتون گھربل هجن ته ان سلسلي ۾ توهان کي هيٺيون خدمتون آڇي ٿو. توهان اسان واپاربابت ماھرصلاحڪارن سان رابطو ڪري سگھو ٿا جيڪي توهان تفصيل مھيا ڪندا.
عالمي واپارجا پروگرام
اسين توهان کي امريڪي ڪمپنين سان ڳنڊي سگھون ٿا جيڪي مقامي واپار جي نمائشن ۾ پنهجين شيون ۽ خدمتون پيش ڪن ٿا، ان حوالي سان اڳ ئي منظور ٿيل واپارين سان اوهان جو آمھن سامھون ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي ملاقات ۽ ڳالھ ٻولھ ڪرائي سگھون ٿا.
امريڪي واپار جا پروگرام
اسان جو هڪڙو پرڏيھي واپارين لاءِ پروگرام آهي انٽرنيشنل باير پروگرام، ان پروگرام هيٺ اسان غيرملڪي واپارين کي امريڪا وٺي ويندا آهيون، جنھن دوران اسين هنن جي امريڪا جي سپلايرن سان ملاقات ڪرائيندا آهيون، اھي امريڪي مصنوعات برآمد ڪندڙ ڪمپنيون اڳ ئي ان واپار جو تجربو رکن ٿيون. اسين اوهان جي سفر جو انتظام ڪرڻ کان وٺي اتي ملاقاتون جو وقت وٺڻ تائين جو ڪم ڪار پاڻ ڪندا آھيون ته جيئن واپاري نمائش دوران اوهان جي وقت جو موثر ۽ مفيد استعمال ٿئي.
امريڪا ۾ سپلاير ڪيئن ڳولجن
ان سلسلي ۾ اسين اوهان جي رهنمائي ڪندا آهيون، امريڪا ۾ ڪھڙيون خدمتون، مصنوعات ۽ امڪاني طور ڪھڙان پارٽنر ملي سگھن ٿا، توهان جي ڪاروبار ۽ واپار سان ٺھڪندڙ ۽ مناسب ڪمپنيون پڻ ڳولڻ ۾ اسين اوهان کي ڪارائتيون صلاحون ڏيندا آهيون. اھڙن سپلاير ڪمپنين جو اسان وٽ هڪ ڊيٽا بيس پڻ موجود آهي جيڪي ٻين ملڪن مان پارٽرنس جي ڳولا ۾ آهن، جيڪي سندن مصنوعات کي ٻين ملڪن ۾ رسائي ڏين، ورھائي سگھن يا انھن جا منظور شده مجاز ڊيلر ۽ ايجنٽ ٿيڻ لاءِ تيار هجن