آمريڪي ڪمرشل سروس پاڪستان، آمريڪي توڙي پاڪستاني ڪمپنين کي واپار کي وڌائڻ لاءِ مختلف قسمن جون خدمتون مهيا ڪري ٿي. اسان جا تجارتي ماهر آمريڪي ڪمپنين کي لاڀائتي مارڪيٽ بابت ڄاڻ ڏئي ۽ ممڪنه ۽ لائق ڪاروباري ڀائيوارن سان ملائي کين ملڪ ۾ موجود واپاري موقعا تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن ته جيئن پاڪستان ۾ نفعي وارو ڪاروبار قائم ڪري هلائي سگهجي.