ڪراچي: امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن اڄ صبح جو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪيو، جتي ھن روايتي گھنٽ وڄائي ڪاروباري ڏينھن جو آغاز ڪيو. قونصل جنرل شيلٽن بعد ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرس سان چيئرمين منير ڪمال ۽ مينيجنگ ڊائرڪٽر نديم نقوي جي اڳواڻي ۾ ملاقات پڻ ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل شيلٽن چيو ته امريڪي حڪومت پاڪستان ۾ معاشي واڌ ۾ خانگي شعبي جي ڪردار کي اھم سمجھي ٿي ان ڪري ئي مان اڄ ھتي موجود آھيان.ھن چيو ته مونکي خبر آھي مونکان اڳ به ڪيترائي امريڪي سفير ۽ سفارتي اڳواڻ ھتي اچي چڪا آھن ڇو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج واضع ٿي ڪري ته ملڪ جي معيشت ۾ ڪراچي شھر جو اھم ڪردار آھي.
پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن ۽ امريڪا بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ھن لنڪ تي وڃو