حيدرآباد: پاڪستان ۾ امريڪي سفارتخاني اسلام آباد جي مالي تعاون سان حيدرآباد جي 200 شاگردن لاءِ ٻه ساله انگلش ايڪسيس پروگرام جو افتتاح قونصل جنرل برائن هيٿ هڪ پروقار تقريب ۾ ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ هن انگريزي زبان سکڻ جي پروگرام کي عملي جامو پھرائيندڙ ادار آءِ ارن پاڪستان جي ڊائريڪٽر فراح ڪمال، امريڪي قونصليٽ ڪراچي جي پبلڪ افيئرس شعبي جي سربراھ مارڪ ڪينڊرڪ ۽ ثقافتي اتاشي پرسيلا گزمين سان گڏ شرڪت ڪئي.
200 وڌيڪ شاگردن لاءِ شروع ڪيل ان پروگرام جو آغاز نومبر 2014 کان ٿي چڪو آهي، اڄوڪي تقريب ۾ امريڪي سفير رچرڊ اولسن جي صحيحي ٿيل سرٽيفڪيٽ ٻارن کي هن پروگرام جو حصو ٿيڻ جي موقعي تي ڏنا ويا. انگريزي زبان سکڻ جو اھو پروگرام حيدرآباد جي غريب علائقن جي ٻارن لاءِ آهي جن جون عمريون 13 کان 17 سالن تائين آهن. انگلش مائيڪرو اسڪالرشپس جو اھو پروگرام سنڌ صوبي ۾ اڳ ئي هلندڙ پروگرامن ۾ هڪ وڌيڪ اضافو آهي.
ان موقعي تي ٻارن کي هنن پروگرام جو حصو ٿيڻ تي قونصل جنرل برائن هيٿ مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”توهان سڀني سان گڏ هن پروگرام جي حيدرآباد ۾ شروعات ڪندي مونکي انتھائي خوشي ٿي رهي آهي، اڄ هي ٻار ايڪسيس جو حصو ٿي رھيا آهن، ان پروگرام ۾ پاڪستان جا پنج ھزار کان وڌيڪ ٻار اڳ ئي حصو وٺي چڪا آهن.“
هن انگلش ايڪسيس پروگرام جي ذريعي ٻارن کي نه صرف انگريزي زبان جي سکيا ڏني ويندي آهي بلڪه هنن کي ڳالھائڻ جو فن، اعتماد، تنقيدي سوچ سان گڏوگڏ اڳواڻي جا گر پڻ سکاريا ويندا آهن. قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته ”هي پروگرام اوهان کي نين خيالن سان متعارف ڪرائيندو، اھي خيال جن ذريعي اوهان پنهجي لاءِ، پنهجي خاندان ۽ ملڪ لاءِ هن دنيا کي هڪ بھتر دنيا بنائي سگھو.“
13 کان 17 سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ هي انگريزي زبان سکڻ جو پروگرام ٻن سالن جي مدي جو آهي، ٻار پنهجي اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ انگريزي سکندا آهن. امريڪي حڪومت اھو پروگرام سال 2004 کان شروع ڪيو آهي، دنيا جي 85 ملڪن ۾ هلندڙ ان پروگرام ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻارن حصو ورتو آهي، دنيا جو سڀ کان وڏو پروگرام پاڪستان ۾ هلي رھيو آهي جتي ٻارن جو تعداد ڏھ ھزار کان وڌي ويو آهي. ان ڪورس جي ڪا في نه ورتي ويندي آهي، ڪتاب، سکيا جو ٻيو مواد، توڙي پين پنا ۽ بيگ ٻارن کي مفت ڏنا ويندا آهن. ان پروگرام جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ هن لنڪ تي وڃو
- ريجنل انگريزي ٻوليء جي آفيس (RELO)
- حقيقت اها آهي ته تختيون (PDF 2 MB) (English)
- تعليم (PDF 2 MB) (Urdu).