امريڪي قائونصليٽ پاران لوڪ موسيقيءَ واري محفل جي ميزباني

ڪراچي: قائونصل جنرل گريس شيلٽن گرين وچ يونيورسٽيءَ جي عملدارن سان گڏجي اٽل 200 شاگردن ۽ استادن کي لوڪ موسيقيءَ واري پروگرام ۾ اچڻ تي سندن ڀليڪار ڪيو. گرين وچ يونيورسٽيءَ ۾ خصوصي طور تي منعقد ٿيل ان موسيقيءَ واري محفل ۾ امريڪا جي لوڪ موسيقي کي فروغ ڏيندڙ ”ڊلس برائون بينڊ“ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

”لوڪ موسيقي نه رڳو امريڪا، پر سموري دنيا ۾ مقبول آهي.“ قائونصل جنرل محترمه گريس شيلڊن چيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، ”مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي رهي آهي، جو امريڪي قائونصليٽ پاران اڄوڪي رات يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن لاءِ هن قسم جي ڀرپور موسيقيءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.“

ڊلس برائون بينڊ جي مک ڳائڻي خود ڊلس برائون آهي، ۽ هن بينڊ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي، جن ملڪن ۾ برازيل، ڪمبوڊيا، ٿائيلينڊ ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. ڊلس برائون بينڊ تازو حيدرآباد ۾ ٿيل ”لاهوتي ميلي“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ان بينڊ جو تعلق امريڪا جي پورٽ لينڊ، اوريگان واري علائقي سان آهي ۽ پاڪستان ۾ هيءُ انهن جو پهريون دورو آهي.