انفارميشن رسورس سينٽر
امريڪن انفارميشن رسورس مرڪز (آءِ آرسي) پاڪستاني صحافين، سرڪاري عملدارن، محققن، تعليمدانن، اين جي اوز ۽ ٻين پيشورنه شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن کي امريڪا جي باري ۾ صحيح، گھري ۽ خاص معلومات مھيا ڪرڻ جو مرڪز آھي. خاص ڪري اھي ماڻھو جيڪي امريڪا ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ امريڪا بابت پڙھائي ۽ تحقيق ڪري رھيا آھن انھن لاءِ آءِ آر سي تمام گھڻي مددگار آھي. هي مرڪز امريڪا ۽ پاڪستان جي ٻه طرفن تعلقاتن بابت معلومات ۽ انگ اکر ڏئي ٿو، انھن تعلقاتن جي نوعيت ڪھڙي به ھجي مثلن تعلقات معاشي هجن يا واپاري هجن. امريڪا جي داخلي سياست، حڪومت، پرڏيھي پاليسي توڙي دفاعي معاملن بابت سنڌ ۽ بلوچستان جي شھرين کي معلومات مھيا ڪري ڏئي ٿو.
دلچسپي رکندڙ ماڻھو انفارميشن رسورس مرڪز کان اھڙو مواد گھرائڻ لاءِ هن نمبر تي 02135275693 ڪال ڪري سگھن ٿا. امريڪي عملدارن جي تقرير جو متن، موجوده وقاقي قانونسازي، اڳواڻن جا پروفائل ۽ امريڪي تنظيمن جو پتو ۽ رابطي وارا نمبر به حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪراچي ۾ واقع انفارميشن مرڪز گھڻي ڀاڱي هڪ اليڪٽرانڪ لائبريري آھي جتي هزارين تحقيق تي ٻڌل جنرلن، تحقيقي ۽ علمي مضمون ۽ ريفرنس ڪتابن تائين مفت رسائي حاصل موجود آھي. هن مرڪز سان توهان فون ۽ ئي ميل ذريعي رابطو ڪري سگھو ٿا، هي مرڪز ماڻڳن جي وزٽ ڪرڻ ۽ اچڻ لاءِ کليل نه آھي تنھن ڪري توھان هتي اچي نه ٿا سگھو صرف فون ۽ ئي ميل ذريعي رابطو ڪري سگھو ٿا.
پنھجا سوال هن ئي تي موڪليو
karachiIRC@state.gov
مھرباني ڪري نوٽ ڪيو ته ويزا سان لاڳاپيل سوال ان ئي ميل تي هرگز نه موڪليو. ويزا متعلق سوال سڌي طرح هن ئي ميل تي موڪلڻ گھرجن
karachivisaquery@state.gov