آءِ آر سي ڪراچي

لنڪن ڪارنرس امريڪي حڪومت جا سنڌ ۽ بلوچستان جي ادارن سان تعاون ذريعي قائم ڪيل مرڪز آهن. اهي مرڪز سابق امريڪي صدر ابراهم لنڪن جي نالي سان منصوب ٿيل آهن، جن ذريعي پنهجي مدد پاڻ تحت تعليم کي فروغ ڏنو ويندو آهي. انهن مرڪزن جا ٻيا مک ڪم هي آهن، انٽرنيٽ ڪيفي، ڪميونٽي سينٽرس، ڪلاس رومس، مووي ٿيٽرس وغيره. پاڪستان جا سمورا شھري مفت ۾ اھي سڀ صحولتون حاصل ڪري سگھن ٿا.

امريڪا جي باري ۾ هنن مرڪزن تي صحيح ۽ مستند ڄاڻ ملي ٿي، اھا ڄاڻ امريڪي ماڻهن، ثقافت، تاريخ، پاليسين، ادارن ۽ حڪومت بابت هجي ٿي. هتي ايندڙ ماڻهن کي انگريزي سکڻ، امريڪا ۾ اعلا تعليم حاصل ڪرڻ ۽ آن لائين لائبريري جي صحولت پڻ موجود آهي.

هي ڪارنرس صرف روايتي لئبريري جو ڪم نه ٿا ڏين بلڪه هتي مقامي ابادي جا ماڻهو بحث مباحثن لاءِ اچن ٿيا، اهڙي ڪميونٽي ڊائلاگ جي ذريعي هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي. هتي ليڪچرس جو انتظام به ڪري سگھجي ٿو، نوان هنر سکڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ورڪشاپ جو انتظام پڻ ٿئي ٿو. هتي امريڪن فلمون گڏجي ڏسڻ جا پروگرام ۽ انگريزي زبان سکڻ جون مشقون پڻ ٿين ٿيون.

ڪارنرس ۾ ڪھڙا رسورس موجود هوندا آهن؟

ڪتاب، امريڪا سان لاڳاپيل ڪيترن ئي موضوعن تي موجود آهن جن ۾ ثقافت، حڪومتي نظام، انگريزي زبان جي سکيا، ڪاروبار، ٽيڪنالاجي، جمھوريت ۽ سول سوسائٽي.

وڊيوز، امريڪن فلمون، دستاويزي پروگرام ۽ ٻيون وڊيوز.

امريڪي حڪومت جا ڇپيل ڪتاب، امريڪي حڪومت طرفان ڇپيل تازا ڪتاب، جمھوريت، پرڏيھي پاليسي، انساني حق، معاشي ترقي، عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ، نوجوان، ۽ امريڪي سماج ۽ انهن جي قدرن بابت ڇپجندڙ مواد هتي موجود هوندو آهي.

ميگزين، امريڪا مان نڪرندڙ رسالا، علمي تحقيقي جرنل، تعليمي ڊيٽا بيس، اليڪٽرانڪ لائبريري، ئي لئبريري يو ايس اي.

انٽرنيٽ، هتي انٽرنيٽ جي مفت صحولت موجود آهي، جنهن ذريعي امريڪا بابت معلومات ڏيندڙ ويب سائيٽس ۽ تعليمي ڊيٽا بيس تائين مفت رسائي حاصل ٿئي ٿي.

ئي لئبريري يو ايس اي، هن لئبريري جي ذريعي چاليھ هزار پروفيشنل، تدريسي ۽ مشھور جرنلس جي مواد تائين رسائي موجود آهي. هن لئبريري ۾ ٻارن لاءِ ڪتاب ۽ انگريزي سکڻ لاءِ پڻ تمام گھڻا وسيلا موجود آهن.

ليڪچر، ورڪشاپ ۽ پرفارمنس، امريڪي ثقافت ۽ پاليسي، ڪاروباري جي ترقي ۽ واڌارو، آرٽ، موسيقي سان گڏ امريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ بابت ڄاڻ موجود آهي. جيڪي اسپيڪرس هتي ايندا آهن انهن ۾ امريڪي شھري پاڻ به شريڪ ٿيندا آهن ۽ وڊيو لنڪ جي ذريعي به ڳالھ ٻولھ ڪندا آهن، ان کان علاوه مقامي ماھرن کي پڻ سڏايو ويندو آهي.

ريفرنس ۽ تحقيق، ڊيٽابيس، امريڪي حڪومت طرفان مھيل ڪيل مفت رسورس، تحقيقي پروگرامن لاءِ مدد.

لنڪن ڪارنر حيدرآباد
شمس العلماء دائودپوٽو لائيبريري
حيدرآباد
فون: 022-2102693
اي ميل: lc.hyderabad@lincolncorner.net

لنڪن ڪارنر ڪراچي
لياقت ميموريئل لائيبريري
اسٽيڊيم روڊ، ڪراچي
اي ميل: lc.karachi@lincolncorner.net

لنڪن ڪارنر خيرپور
سچل سرمست لائيبريري،
مال روڊ، خيرپور
فون: 0243-714398
اي ميل: lc.khairpur@lincolncorner.net

لنڪن ڪارنر لاڙڪاڻو
سر شاهنواز ڀٽو ميموريئل لائيبريري
ايس پي چونڪ، لاڙڪاڻو
فون: 074-4752419
اي ميل: lc.larkana@lincolncorner.net

لنڪن ڪارنر PACC
پاڪ اميريڪن ڪلچرل سينٽر
11 فاطمه جناح روڊ، ڪراچي
فون: 021-3565383
اي ميل: lc.pacc@lincolncorner.net

اي لئبريري يو ايس اي
ئي لئبريري يو ايس اي جي صحولت هيٺ هزارين آن لائين جرنلس، ڇپيل مواد، ئي ڪتاب، آڊيو ۽ وڊيو سميت ملٽي ميڊيا مواد تائين رسائي مفت حاصل آهي. اهو مواد شاگردن، استادن، محققن ۽ صحافين لاءِ تمام گھڻو لاڀ وارو آهي. جيڪا وصيع ڊيٽا بيس اتي موجود آهي ان ۾ گيل، ايبسڪو، انڪسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا، ئي بريري ۽ سي قيو موجود آهي جيڪي سائنس، ٽيڪنالاجي، ماحوليات، صحت، سوشل سائنس، ادب، معيشت، ڪارباري انتظام، انگريزي ٻولي سکڻ، تاريخ، ۽ امريڪي ثقافت جا موضوع شامل آهن. ان ئي لئبريري تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبرشپ هجڻ ضروري آهي جنهن لاءِ پنهجو مفت آن لائين اڪائونٽ کولڻو پوندو جيڪو با آساني سان نالي ۽ پاس ورڊ ذريعي ٺاھي سگھجي ٿو.

ئي لئبريري جو هوم پيج
http://elibraryusa.state.gov

فيس بڪ پيج
https://www.facebook.com/elibraryusa

ئي لئبريري ۾ ميمبرشپ لاءِ هيٺيون معيار گھربل هوندو آهي
پاڪستاني شھري
ارڙهن سال يا ان کان وڏي عمر
ايم اي يا ان کان وڏي ڊگري
سنجيده محقق

جيڪڏهن توهان ان معيار تي پورا لھو ٿا ته مھرباني ڪري آءِ آر سي جو درخواست فارم ڀري هن ائڊريس تي ئي ميل ڪيو
karachiIRC@state.gov

نوٽ، هر ميمبر وٽ پنهجو الڳ پاس ورڊ هوندو جيڪو ٻئي ڪنھن کي نه ٿو ڏئي سگھجي، هڪ ئي اڪائونٽ جي وڏي سطح تي گھڻن ماڻھن کي رسائي ڏيڻ سختي سان منع آهي