
امريڪا ۾ اعلا تعليم جا تمام گھڻا موقعا موجود آھن. ھر سال پاڪستان جا ھزارين شاگرد امريڪا تعليم لاءِ ويندا آھن. امريڪا ۾ تعليم جا موقعا ڳولڻ، انتھائي ڄاڻو ماھرن سان پنھجي ڊگري، شعبي ۽ يونيورسٽي جي چونڊ بابت اوھان مفت صلاح مشورا ڪري سگھو ٿا. ان لاءِ اوھان کي يو ايس پي پاڪستان ايجوڪيشن فائونڊشن جي ويب سائيٽ تو وڃڻو پوندو.
يوايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن
http://www.usefpakistan.org/
امريڪي حڪومت طرفان پاڪستاني شاگردن لاءِ ھلندڙ ڪيترن ئي اسڪالرشپ پروگرامن بابت نه صرف تفصيلي معلومات بلڪه ان جو انتظام پڻ ان اداري وٽ آھي.

Alumni
المناءِ جي عالمي ڪميونٽي جو حصو بڻجو، ھڪ اھڙي ويب سائيٽ جيڪا موجوده ۽ اڀرندڙ اڳواڻن بابت آھي جن امريڪي حڪومت جي ايڪسچينج پروگرامن حصو ورتو

انگريزي زبان سکڻ
انگريزي زبان سکو ۽ پڙھايو، امريڪي ثقافت بابت ڄاڻو، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳالھ ٻولھ جي ھمٿ افزائي

ثقافتي ۽ ٻيا ايڪسچينج پروگرام
ثقافتي ۽ ٻين ايڪسچينج پروگرامن سميت ثقافتي ورثي جي تحفظ، عورتن ۽ ڇوڪرين کي پاڻ ڀرو ڪرڻ، پيشوراڻه ترقي ۽ ورچوئل پروگرامن بابت ڄاڻ