فل برائيٽ پروگرام
فل برائيٽ پروگرام هيٺ امريڪا ۾ اعلا تعليم لاءِ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپس ڏني ويندي آھي. اسڪالرشپ وضيفي ۾ ٽيوشن في، گھربل نصابي ڪتاب، هوائي جھاز جو ڀاڙو، رھڻ جو خرچ، صحت لاءِ انشورنس سان گڏ امريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مدد ڪئي ويندي آھي. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
فل برائيٽ اسڪالر پروگرام
فل برائيٽ اسڪالر پروگرام هيٺ 12 مھينن جور وقت لاءِ ليڪررشپ، پوسٽ ڊاڪٽريٽ يا وري ٻنھي کي گڏائي پڙھائي لاءِ اسڪالرشپ ڪنھن به امريڪي يونيورسٽي يا ڪاليج لاءِ ڏني ويندي آھي. ان وضيفي هيٺ ھوائي جھاز جو ڀاڙو، رسرچ الائونس، رھڻ جو خرچ، صحت جي انشورنس ۽ امريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ مدد شامل آھي. وڌيڪ تفصيلن لاءِ مٿي ڏنل يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
يوٿ ايڪچينج ۽ اسٽڊي پروگرام
هن اسڪالرشپ پروگرام هيٺ 15 کان 17 سالن جي سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن کي پنھجي پڙھائيءَ جو هڪ سال امريڪا ۾ پڙھئڻ جو موقعو ڏنو ويندو آھي جنھن دوران کين امريڪي خاندان سان گڏ رھڻو پوندو آھي. ان بابت وڌيڪ تفصيلن لاءِ آءِ رن جي ويب سائيٽ تي وڃو.
http://www.iearnpk.org/yespk.htm
گلوبل انڊرگريجوئيٽ پروگ
گلوبل انڊر گريجوئيٽ پروگرام انھن شاگردن لاءِ آھي جيڪي پاڪستان جي ڪنھن به يونيورسٽين ۾ گريجوئيشن جي ڊگري ۾ زير تعليم آھن. هن اسڪالرشپ ذريعي نان ڊگري پروگرام آڇيو ويندو آھي، اھو پروگرام درحقيقت هڪ ثقافتي ۽ تعليمي ايڪسچينج جو حصو آھي جنھن هيٺ شاگرد هڪ سيميسٽر لاءِ امرڪي يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پڙھندا آھن. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
ڪميونٽي ڪاليج پيش رفت پروگرام
ڪميونٽي ڪاليجو پروگرام پاڪستان جي نوجوانن لاءِ آھن جنھن هيٺ هو امريڪا جي ڪميونٽي ڪاليج ۾ هڪ سال لاءِ نان ڊگري پروگرام ۾ تعليم حاصل ڪندا آھن. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
اوڀر۽ ڏکڻ ايشيا جي انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ ايڪسچينج پروگرام
نيئر ايسٽ ۽ ڏکڻ ايشيا جي هن پروگرام هيٺ پاڪستان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون امريڪي جي يونيورسٽي ۾ هڪ سال پڙھندا آھن. اھي شاگرد جيڪي پنھجي پھرين يا ٻئي سال ۾ هجن سي هن پروگرام لا اپلاءِ ڪري سگھن ٿا، اھڙن شاگردن وٽ 13 يا 14 سالن جي تعليم حاصل ڪيل هجڻ لازمي آھي ته جيئن هو هڪڙو سال امريڪا ۾ پڙھي سگھن. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
يو ايس سمر سسٽر ايڪسچينج پروگرم
گرمين جي موڪلن دوران امريڪن يونيورسٽيءَ ۾ پڙھئڻ جو هي پروگرام ڇوڪرين لاءِ آھي، تمام ڳوڙھي پڙھائي ۽ انھتائي مصروف پروگرام آھي. وڌيڪ معلومات لاءِ هن لنڪ تي وڃو
http://www.iearnpk.org/yespk.htm
هبرٽ همفري فيلوشپ پروگرام
هبرٽ ايڇ همفري فيلو شپ پروگرام پاڪستان جي مڊ ڪيرير جي پيشورانه ماڻھن لاءِ آھي، جن ۾ اڳواڻيءَ جون ثابت ٿيل صلاحيتون ھجن، اھڙا ماڻھو هڪ سال لاءِ امريڪا ۾ پڙھئڻ لاءِ وڃي سگھن ٿا. اھو پڻ هڪ سال جو نان ڊگري پروگرام آھي جنھن ۾ پڙھائيءَ سان گڏ پيشورانه صلاحيتن جي وڌائڻ تي فوڪس هوندو آھي. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
صحافين لاءِ پروفيشنل پارٽنرشپ پروگرام
ھي پروگرام ٻنھي ملڪن جي صحافين جي لاءِ آھي جنھن هيٺ پاڪستان جا صحافي امريڪا ۽ اتان جا صحافي پاڪستان ۾ اچي پنھجن صحافتي ادارن ۾ زير تربيت رھندا. چونڊ ٿيل صحافي امريڪي جي ميڊيا جي ادارن ۾ چئن هفتن تائين زير تربيت رھندا. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs
پروفيشنل پارٽنرشپ پروگرام فار پبلڪ ائڊمنسٽريشن
هي پروگرام شريڪ ماڻھن کي پبلڪ انتظام هلائڻ جا گر ۽ حڪمت عمليون سيکاري ٿو. ان پروگرام جو مدو ٻه کان چار هفتن تائين هجي ٿو، جنھن دوران پبلڪ انتظام جي ادارن ۾ انٽرن شپ ڪرائي ويندي آھي. اھو پروگرام پڻ پروفيشنل ماڻھن لاءِ آھي. وڌيڪ تفصيلن لاءِ يو ايس پاڪستان ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.
http://usefpakistan.org/Programs/FulbrightDegree.cfm?Tab=Programs