Flag

An official website of the United States government

تعليم ۽ مٽاسٽا جا پروگرام

جائزو

سکو، ونڊيو، وڌو ۽ خدمت ڪريو. آمريڪي پرڏيهي کاتو پرڏيهي شهرين لاءِ انيڪ پروگرام آڇيندو آهي. جيڪي ثقافتي، تعليمي يا پيشيوراڻي مٽاسٽا لاءِ آمريڪا اچڻ جي خواهش رکن ٿا. انهن پروگرامن کي دُنيا جي ملڪن ۾ مقامي موقعن سان وڌايو ويندو آهي، جيڪي امريڪي ثقافت ۽ انگريزي ٻولي جي ڳولا لاءِ پرڏيهن کي موقعو مهيا ڪندا آهن. بيورو آف ايجوڪيشنل اينڊ ڪلرچرل افيئرز پاران آڇيل موقعن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻو.

ايڪسچينج اليومناءِ- وسيلا ۽ موقعا

Alumni - group of people gathered together

ايڪچينج اليومناءِ ڪميونٽي ۾ شامل ٿيو ۽ مدد، وسيلن ۽ فنڊنگ جي موقعن جا در کوليو، ته جيئن مٽاسٽا جي پروگرام دوران مهارتن کي نِکارڻ ۾ مدد حاصل ڪريو.

  • فائونڊيشن ڊائريڪٽر آن لائين (FDO) ۽ گران ٽو انڊويڊوئلس (GTI) وسيلي مختلف گرانٽس يا مالي سهائتا جي موقعن تائين پهچ حاصل ڪريو.
  • رسالا پڙهو، نصابي رسالا ۽ آرٽيڪل
  • مقامي ۽ عالمي ايڪسچينج ايليومناءِ ساٿين کي ڳوليو ۽ ساڻن جُڙي وڃو
  • لائيو واقعن سان تازي ۽ نئين ڄاڻ حاصل ڪريو، جهڙوڪ #MentorTalks ۽ ExchangeAlumni خبرون

اهڙا کوڙ ذريعا آهن، جِن وسيلي توهان لاگ اِن ڪرڻ کانسواءِ پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا. جهڙوڪ، ريسورسز فار انٽرپرينيوئرس جو صفحو، جتي توهان پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي حوالي سان پروگرامن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. اُن سان گڏ توهان لنڪڊ اِن، فيس بُڪ، ايڪس ۽ انسٽاگرام وسيلي اسان سان آن لائين رابطو ڪري سگهو ٿا. جڏهن توهان پوسٽ ڪريو ٿا ته ExchangeAlumni# استعمال ڪندي پنهنجون ڪاميابيون ونڊي سگهو ٿا. اي ميل ڪرڻ چاهيو ته exchangealumni@state.gov تي اسان سان رابطو ڪريو.