امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن پنھجي رھائشگاھ تي صدارتي چونڊن جي موقعي تي ھڪ تقريب جو اھتمام ڪيو جنھن ۾ سول سوسائيٽي، سياستدانن، سماجي، ڪاروباري ۽ ميڊيا جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. قونصل خاني طرف امريڪن صدارتي چونڊن جي براه راست نتيجه ڏسڻ جي بندوبست سان گڏ مھمانن لا ء رواتي پاڪستان ناشتي جو —-بندوبست پڻ ڪيو ويو جنھن ۾ پراٺا، ھلوا ۽ پوري شامل ھئا
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته امريڪا کي پنھجي صديون پراڻي جمھوري روايتن ۽ ادارن تي فخر آھي. ھن چيو ته ھي پنجيتاليھون صدر جي چونڊ سان گڏوگڏ 34 سينيٽرن، 12 گورنرن ۽ نمائندگان جي سڄي ايوان جي چونڊ ٿي رھي آھي. قونصل جنرل شيلٽن وڌيڪ چيو ته گذريل 200 سالن کان وڌيڪ عريصي کان امريڪي عوام ووٽ جو حق استعمال ڪري رھيو آھي، ھر چئن سالن جي مدي لا ء صدر جي چونڊ ڪئي ويندي آھي. ھن چيو ته امريڪاجيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن انھن جي پٺيان جمھوري عمل جو وڏو عمل دخل آھي ڇو ته اسان جو ايمان آھي ته آزادچونڊون شھرين ۽ قومن جي حقن ۽ آزاديءَ جي نشاني ھونديون آھن. ھن چيو ته چونڊن ۾ ڪيربه کٽي اچي اسان پاڪستان جيعوام سان ويجھڙائي وارا تعلقات جاري رکنداسين. امريڪن چونڊن جي ڏينھن تي امريڪي سفارتخاني اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ امريڪي سفير ڊيو ھيل چيو ته ” ھنن صدارتي چونڊن ۾ پاڪستان ۾ امريڪي سفارتخاني توڙي قونصل خانن ھتي رھندڙ امريڪين شھرين کي ووٽ جي صحولت فراھم ڪئي. ھن چيو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپا مضبوط آھن ڇوجو انھن جو بنياد اسان ٻنھي ملڪن جي مفادن تي ٻڌل آھي، امريڪا پاڪستان ۾ جمھوريت، قتصادي ترقي، امن ۽ سلامتي چاھي ٿو. اسين نئين چونڊجي ايندڙ صدرجي رھنمائي ۾ پاڪستان سان تعلقاتن کي اڳتي وڌائيندا رھنداسين. قونصل جنرل جي گھر ٿيل چونڊن جي حوالي سان تقريب ۾ صدارتي چونڊن جا براه راست نتيجه ڏسڻ جو بندوبست ڪيو ويوھو ۽ گڏوگڏ شريڪ مھمانن کي امريڪي چونڊن جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏني وئي.