سفارتخاني ۾ ملازمت جا موقعا

.

نوڪري حاصل ڪرڻ واري طريقي ۾ نئين دور جو آغاز!

 

9 جولاءِ 2018 کان وٺي پاڪستان ۾ موجود آمريڪي مشن اليڪٽرانڪ رڪروٽمينٽ ائپليڪيشن (ERA) جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

ERA ۾ ڀليڪار جيڪا Monster.com پاران ٺاهيل مختلف ملڪن ۾ موجود آمريڪي مشن جي آفيسن پاران استعمال ٿيندڙ نئين اليڪٽرانڪ رڪروٽمينٽ ائپليڪيشن آهي.

هاڻي توهان هڪ بهتر انداز ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏئي سگهو ٿا

 

ERA جي مدد سان توهان جو درخواست ڀرڻ واري وقت جي بچت ٿيندي ۽ ان سموري مرحلي ۾ مشن سان توهان جو رابطو به بهتر انداز ۾ قائم رهندو.

ERA ذريعي نوڪري واريون درخواستون جمع ڪرائڻ جو طريقو USAID وارين نوڪرين تي لاڳو نٿو ٿئي ۽ اانهن لاءِ لازمي طور پراڻي طريقي سان درخواستون جمع ڪرائڻ گهرجن.

پاڪستان ۾ موجود سفارتي مشن اعلى قابليت وارو اسٽاف کڻڻندو آهي. اسان جون پگهارون ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر هونديون آهن ۽ ان سان گڏ اسان ملازمن کي سٺو فائدن وارو پيڪيج پڻ ڏيندا آهيون. درخواستگذارن کي گهرجي ته درخواست جمع ڪرائڻ کان ان جو غور سان جائزو وٺي اها پڪ ڪن ته سندن درخواست ۾ گهربل معلومات پوري طرح ڏنل آهي ۽ اها سڀني گهرجن تي پورو لهي ٿي.

پاڪستان ۾ موجود آمريڪي مشن سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪندو آهي. درخواستگذارن جي رنگ، نسل، مذهب، جنس، قومي بڻ بڻياد، معذوري، عمر، جنسي لاڙي، سماجي حيثيت يا سياسي نظرئي يا لاڳاپي جي ڪري ڪو به تفاوت ناهي رکيو ويندو ۽ سڀني درخواستن کي صرف قابليت جي بنياد تي ڏٺو ويندو آهي.

اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ موجود آساميون ڏسڻ لاءِ تي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ موجود آساميون ڪلڪ ڪريو.

USAID ۾ موجود آساميون ڏسڻ لاءِ تي USAID ۾ موجود آساميون ڪلڪ ڪريو.