اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ آساميون

  1. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ آساميون
  2. درخواست ڏيڻ جو طريقو

پاڪستان ۾ موجود امريڪي مشن کي نوڪري جون خالي جايون ڀرڻ لاءِ لائق فردن جي ضرورت آهي جن کي پگهار سميت ٻين فائدن وارو پئڪيج آڇيو ويندو.

پاڪستان ۾ موجود امريڪي مشن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکارڻ تي توهان جي مهرباني. مشن ۾ هن موجود خالي آسامين جي لسٽ ڏسڻ ۽ آنلائن درخواست ڏيڻ لاءِ مهرباني ڪري هيءُ صفحو ڏسو: اليڪٽرانڪ رڪرُوٽمينٽ ائپليڪيشن (ERA).

نوٽ: جيڪڏهن ڪنهن آسامي ۾ لکيل آهي “Current Employees of the Mission” (مشن جي موجوده ملازمن لاءِ) ته ان لاءِ صرف پاڪستان امريڪي مشن جا موجوده ملازم ئي درخواست ئي سگهن ٿا. ڪنهن به درخواستگذار کي ٽيسٽ، انٽرويو ۽ (جيڪڏهن چونڊجي ويو ته) ملازمت کان اڳ واريون ضمانتون حاصل ڪرڻ جي مد ۾ ڪو به TA/DA نه ڏنو ويندو.

صرف ERA ذريعي جمع ڪرايل درخواستن تي ئي غور ڪيو ويندو.

توهان جي سهولت لاءِ مددي مواد ۽ وسيلا هيٺ ڏجن ٿا:

نوٽ: مهرباني ڪري پنهنجا ڳجها حفاظتي جواب ياد رکو. جيڪڏهن توهان کي ERA جو پاس ورڊ وسري وڃي ته توهان حفاظتي جوابن ذريعي ان کي نئين سر سيٽ ڪري يا نئون اڪائونٽ به ٺاهي سگهو ٿا. تفصيل لاءِ درخواستگذار جي مدد لاءِ ڏنل رهنمائي ڏسو.

نوٽ: ERA اڪائونٽ سان لاڳاپيل سوالن لاءِ مهرباني ڪري IslamabadHrRec@state.gov تي اي ميل اُماڻيو.

درخواست ڏيڻ کان پهريان توهان کي ڪهڙين شين جو جائزو وٺڻ گهرجي

درخواستگذارن ۾ اوورسيز امپلائيز جا اٺ گُڻ (PDF 124KB) يا آمريڪي مشن جو ڪامياب رڪن ٿيڻ لاءِ گهربل خوبيون هئڻ گهرجن. درخواست ڏيڻ جو عمل شروع ڪرڻ کان پهرين آسامي جو اعلان ڌيان سان پورو پڙهي ان ڳالهه جي پڪ ڪري وٺو ته توهان گهربل معيار تي پورو لهو ٿا يا نه. ان کانسواءِ ان ڳالهه جي پڻ پڪ ڪريو ته جيڪي گهربل دستاويز اپلوڊ ڪرڻا آهن، اُهي پڻ اوهان وٽ موجود آهن.