- قونصل جنرل ڪانريڊ ٽربل
- آمريڪي شھرين لاءِ خدمتون
- قانوني دائمي رهائشي (LPR) – گرين ڪارڊ رکندڙ
- ويزا بابت معلومات
- هنگامي خدمتون
- ٽينڊر نوٽيس
- اسان سان رابطو ڪريو
- پڌرائيون
ڪروناوائرس وبا دوران سفر – هوائي جهاز ذريعي آمريڪا ويندڙ مسافرن لاءِ شرطون
قانوني دائمي رهائشي (LPR) جي حيثيت ٻين ملڪن جي شهرين کي آمريڪا ۾ قانوني طور رهڻ جو حق ڏئي ٿي. اها حيثيت عام طور تي ”گرين ڪارڊ“ سان سلهاڙي ويندي آهي. ڪروناوائرس جي ڪري پيدا ٿيل سفري مونجهارن باوجود قانوني دائمي رهائشين جون ذميواريون ساڳيون ئي آهن جن ۾ پنهنجي دائمي رهائشي حيثيت کي برقرار رکڻ پڻ شامل آهي. اُهي قانوني دائمي رهائشي جيڪي آمريڪا کان ٻاهر جهجهو وقت گذارين ٿا، انهن جي LPR واري حيثيت ختم به ٿي سگهي ٿي.
اُهي LPR جيڪي هڪ سال کان گهٽ عرصي لاءِ ڪنهن ٻاهرئين ملڪ رهيا آهن:
جيڪڏهن توهان هڪ LPR آهيو، هڪ سال کان گهٽ عرصي لاءِ آمريڪا کان ٻاهر رهيا آهيو ۽ توهان جو گرين ڪارڊ چوري، گُم يا مدي خارج ٿي ويو آهي ته توهان هڪ ٽرانپورٽيشن بورڊنگ فوائل لاءِ درخواست ڏئي سگهو ٿا جنهن سان هوائي سفر وارين ڪمپنين کي توهان کي واپس آمريڪا آڻڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي.
بورڊنگ فوائل هڪ ويزا وانگر ئي هوندو آهي ۽ توهان جي ٻاهرين ملڪ جي پاسپورٽ تي ڇاپيو ويندو. اُهي وڌ کان وڌ 30 ڏينهن جي عرصي ۽ صرف هڪ داخلا لاءِ قابل قبول هوندا آهن. بورڊنگ فوائل جاري ٿيڻ لاءِ قونصلر آفيسر سان هڪ انٽرويو لازمي هوندو آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ويندي آهي ته واقعي ئي توهان کي آمريڪا ۾ قانوني دائمي رهائشي جي حيثيت حاصل آهي.
ڪراچي قونصل خاني ۾ بورڊنگ فوائل لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ توهان کي هيٺيون شيون لازمي طور ڪرڻيون پونديون:
- درخواست فارم I-131A ڀريو ۽ آنلائن في جمع ڪرايو.
- موجوده في 575 آمريڪي ڊالر آهي. هڪ پاسپورٽ فوٽو آڻيو جيڪو هنن گهرجن تي پورو لهندو هجي.
- بورڊنگ فوائل اپائنٽمنٽ وٺڻ لاءِ مهرباني ڪري https://ustraveldocs.com/pk/pk-iv-sb1visa.asp#boardingfoil تي وڃو. بورڊنگ فوائل عام طور تي ٻن ڪاروباري ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا آهن.
اچڻ وقت پاڻ سان پنهنجو ڀريل I-131A درخواست فارم، پاسپورٽ، پاسپورٽ فوٽو ۽ في ادائگي واري رسيد لازمي طور آڻيو. جيڪڏهن انهن مان ڪابه شئي کٽل هوندي ته توهان کي نئين اپائنٽمنٽ وٺڻي پوندي.
اُهي LPR جيڪي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ ڪنهن ٻاهرئين ملڪ رهيا آهن:
جيڪڏهن توهان هڪ LPR آهيو ۽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ آمريڪا کان ٻاهر رهيا آهيو ته توهان کي USCIS رابطي مرڪز سان رابطو ڪري معلوم ڪرڻو پوندو ته توهان کي آمريڪا ۾ داخلا جي اجازت ملندي يا نه. ڪراچي قونصل خاني ۾ ڪوبه USCIS مرڪز موجود ناهي ان ڪري اسان توهان جي LPR حيثيت بابت ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهنداسين. جيڪڏهن USCIS رابطو مرڪز توهان کي SB-1 واپس ورندڙ رهائشي ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ جو مشورو ڏئي ته ان صورت ۾ توهان پنهنجي ابتدائي درخواست ڪراچي قونصل خاني ۾ جمع ڪرائي سگهو ٿا. SB-1 ويزائن بابت هڪ جامع رهنمائي هتي ڏنل آهي.
جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان SB-1 ويزا جي اهل آهيو ۽ ان لاءِ ڪراچي قونصل خاني ۾ درخواست جمع ڪرائڻ چاهيو ٿا ته توهان کي پنهنجي انٽرويو وقت هيٺيان فارم ۽ دستاويز جمع ڪرائڻا پوندا:
- توهان جي واپس ورندڙ رهائشي واري حيثيت جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڀريل درخواست، فارم DS-117
- توهان جو دائمي رهائشي ڪارڊ، فارم I-551
- توهان جي وري داخلا لاءِ اجازت نامو، جيڪڏهن آهي
- في جي مد ۾ 180 آمريڪي ڊالر جي ادائگي
توهان کي مددي دستاويز پڻ جمع ڪرائڻا پوندا جن ۾ هيٺين ڳالهين جي تصديق ٿئي:
- آمريڪا کان ٻاهر ڪيل سفر جون تاريخون (مثال، هوائي جهاز جون ٽڪيٽون، پاسپورٽ وارا ٺپا، وغيره)
- توهان جي آمريڪا سان لاڳاپن ۽ توهان جي واپس ورڻ جي ارادي بابت ثبوت (مثال، آمريڪا ۾ ٽئڪس رٽرن ۽ مالي، خانداني ۽ سماجي لاڳاپن جو ثبوت)
ان ڳالهه جو ثبوت ته ڊگهي عرصي لاءِ آمريڪا کان ٻاهر رهڻ ڪنهن اهڙي ڳالهه جي ڪري هيو جيڪا توهان جي وس ۾ نه هئي. (مثال، بيماري جي ڪري نڪري نه سگهڻ، آمريڪي ڪمپني ۾ ملازمت، وغيره)
توهان وٽ اهي دستاويز گڏ ٿي وڃن ته توهان انهن کي ACSKarachi@state.gov تي اي ميل ذريعي اُماڻي SB-1 انٽرويو جي درخواست ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان جو DS-117 قبول ٿي وڃي ٿو ته توهان جي درخواست وڌيڪ عمل درآمد لاءِ اسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ڏانهن موڪلي ويندي. جيڪڏهن توهان جو DS-117 رد ٿئي ٿو ته توهان کي في جي مد جمع ڪرايل 180 آمريڪي ڊالر واپس نه ڪيا ويندا.
نوٽيس: اسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفارتخانو ۽ ڪراچي ۾ موجود قونصل خانو موجوده وقت ۾ معمول واريون اميگرنٽ ۽ نان اميگرنٽ ويزا خدمتون (DS-117 سميت) سرانجام نٿا ڏئي سگهن. جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهيو اسان معمول مطابق ويزا خدمتون جاري ڪري ڇڏينداسين پر هن وقت ڪا به پڪي تاريخ نٿا ٻڌائي سگهون. بورڊنگ فوائل (I-131A) درخواستن بابت اپائنٽمينٽ وٺڻ لاءِ مهرباني ڪري https://ustraveldocs.com/pk/pk-iv-sb1visa.asp#boardingfoil تي وڃو.