آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جو ڪانٽريڪٽنگ اينڊ پروڪيورمينٽ يونٽ مختلف شين ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ اهل ۽ ڀروسي لائق ڪمپنين سان معاهدو ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. آمريڪي قونصل خاني سان معاهدو ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپني لاءِ لازمي آهي ته اها آڇُن واري گهُر (Request for Quotes (RFQ)) ۾ ڏنل معيارن تي پورو لهي، انهن کي سمجهي ۽ انهن تي عمل ڪري.
آمريڪي حڪومت سان معاهدو ڪرڻ يا پرچيز آرڊر وصول ڪرڻ وارن ڪاروبارن لاءِ لازمي آهي ته اهي هڪ DUN نمبر (http://www.dnb.com/get-a-duns-number.html) حاصل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي SAM (www.sam.gov) ۾ رجسٽر ڪرائن. ان سلسلي ۾ هن وقت موجود موقعا هيٺ ڏنل آهن. معيار تي پورو لهندڙ ڪمپنيون هر موقعي جي وضاحت ۾ ڏنل مخصوص هدايتن تي لازمي طور عمل ڪن.
دلچسپي رکندڙ ڪمپنيون پنهنجون رٿائون هيٺ ڏنل پتي تي اُماڻين:
جنرل سروسز آفيس، ڪانٽريڪٽنگ آفيسر
آمريڪي قونصل خانو ڪراچي
پلاٽ نمبر 3،4،5،
مائي ڪولاچي روڊ،
ڪراچي، سنڌ