آمريڪي شھرين لاءِ خدمتون

ڪروناوائرس وبا دوران سفر – هوائي جهاز ذريعي آمريڪا ويندڙ مسافرن لاءِ شرطون

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي امريڪي شهرين لاءِ خدمتن  واري شعبي (ACS) جي ويبسائٽ تي ڀليڪار!

اسان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود امريڪي شهرين کي گهربل معلومات ۽ مدد مهيا ڪندا آهيون.

پاسپورٽ ۽ دستاويزن جي معمول واري تصديق سان گڏ ACS هي خدمتون پڻ فراهم ڪري ٿو جن ۾: جيل ۾ موجود آمرڪين سان ملاقات ڪرڻ، ڪنهن به امريڪي شهري جي وفات جي صورت ۾ سندس مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ، اغوا ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪي ٻارڙن ۽ خاندانن جي سهائتا ڪرڻ، آمريڪي شهرين جي خيرخبر وٺڻ ۽ آمريڪين جي وطن واپسي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ شامل آهن. ان کانسواءِ آمريڪي شهرين کي اليڪشن ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت معلومات پڻ ڏيندا آهيون.

اپائنٽمينٽ وٺڻ: معمول جي سڀني ڪمن ڪارين لاءِ ضروري آهي ته ان لاءِ اڳواٽ اپائنٽمينٽ يا ملاقات جو وقت ورتو وڃي. اپائنٽمينٽ وٺڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو. جن خدمتن لاءِ اپائنٽمينٽ ورتل هوندو آهي انهن تي هر اڱاري، اربع ۽ خميس تي منجهند 1 وڳي کان اڍائي وڳي تائين عمل درآمد ڪيوويندو آهيون.

ويزا سان لاڳاپيل سوال جواب: ACS ويزا سان لاڳاپيل ڪنهن به سوال جو جواب  ڏيڻ جو مجاز ناهي! ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ قائم اميگرنٽ ويزا سيڪشن جي رابطي واري معلومات ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو. نان اميگرنٽ ويزائن بابت معلومات لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

آمريڪي شهرين لاءِ حفاظتي پيغام: مهرباني ڪري حفاظتي ۽ هنگامي پيغامن وارو سيڪشن ڏسو.

هنگامي حالتون: هنگامي حالتن لاءِ ACS لاءِ اڳواٽ اپائنٽمينٽ وٺڻ ضروري ناهي. هنگامي حالتن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري اسان جي ويبسائٽ جي لاڳاپيل صفحي تي ڪلڪ ڪريو.

پاسپورٽ ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ ٿيل پيدائش واري رپورٽ: توهان جو پاسپورٽ يا ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ ٿيل پيدائش واري رپورٽ تيار ٿيڻ کانپوءِ توهان کي اي ميل ذريعي اطلاع ڏنو ويندو. اسان کي افسوس آهي ته اسان ٽپال جي ذريعي پاسپورٽ نٿا اُماڻي سگهون. مهرباني ڪري پنهنجو مدي خارج پاسپورٽ ۽ في واري رسيد ساڻ آڻي پنهنجو پاسپورٽ يا پيدائش واري رپورٽ ڪنهن به پاڪستاني يا آمريڪي موڪل واري ڏينهن کان علاوه اڱاري، اربع يا خميس تي منجهند 1 وڳي کان اڍائي وڳي تائين کڻي وڃو.

آمريڪي شهرين لاءِ ڪال ڪرڻ جو وقت

رابطي لاءِ نمبر: 021-35275000

سومر کان جمعو (صبح 10 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين)

رمضان ۾

سومر کان جمعو (صبح 10 وڳي کان 11 وڳي تائين)

مٿي ڏنل ڪال ڪرڻ جي مختلف وقتن ۾ آمريڪي شهرين لاءِ خدمتن وارو عملو توهان جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود هوندو. انهن وقتن کانسواءِ عملو معمول جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود ناهي هوندو. مهرباني ڪري اهو به نوٽ ڪريو ته اسان اميگرنٽ ۽ نان اميگرنٽ ويزا بابت ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهنداسين. ان ڪري توهان کي ويزا بابت ڪا به معلومات گهرجي ته اسان جي ويبسائٽ تي ڏسي سگهو ٿا.

پاسپورٽ يا CRBA درخواستگذارن سان عام طور تي سندن خاندان جا فرد، امريڪي سفارتخاني يا قونصل خانن ۾ اچي سگهن ٿا ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن سڀني ٻارن سان گڏ سندن والدين مان ڪو هڪ يا ڪنهن سرپرست جو هئڻ ضروري آهي. پاسپورٽ يا CRBA درخواستگذار پنهنجي اپائنٽمينٽ انٽرويو واري ڏينهن پنهنجو وڪيل پڻ ساڻ وٺي اچي سگهن ٿا. ڪنهن به اهڙي ٽئين ماڻهو جي موجودگي تي هيٺيان اصول لاڳو ٿيندا ته جيئن اپائنٽمينٽ انٽرويو صحيح انداز ۾ ڪري سگهجي ۽ درخواستون اُڪلائڻ واري عمل جي شفافيت پڻ برقرار رکي سگهجي.

o   قونصلر سيڪشن ۾ جڳهه محدود هئڻ جي ڪري ڪنهن به درخواستگذار کي هڪ وقت تي صرف هڪ ساٿي وٺي اچڻ جي اجازت ڏني ويندي (يا جيڪڏهن درخواستگذار 18 سالن کان ننڍو ٻار آهي ته سندس والدين مان ڪو هڪ يا سرپرست گڏ هجڻ گهرجي.)

o   جي وڪيل حاضر هجي تڏهن به درخواستگذار يا ٻار جي والدين يا سرپرست کي لازمي طور ان سان گڏ اچڻو پوندو.

o   پاسپورٽ يا CRBA جي اپائنٽمينٽ انٽرويو جو طريقو ڪهڙو هوندو ۽ ان ۾ ڪهڙا سوال پڇيا ويندا، ان جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار صرف قونصلر آفيسر وٽ آهي جيڪو ڊپارٽمينٽ جي هدايتن مطابق فيصلو ڪندو.

o   اسان کي اميد آهي ته مقررڪيل وڪيل پنهنجي مؤڪل کي قانوني صلاح مشورو انٽرويو کان اڳ ئي ڏئي ڇڏيندا ۽ کين اهو به ٻڌائيندا ته انٽرويو دوران ٿيندڙ سوال جواب ۾ ڪير به سندن مدد نه ڪندو ۽ سڀ جواب کين اڪيلي سِر ڏيڻا پوندا.

o   مقرر ڪيل وڪيل، اپائنٽمينٽ انٽرويو دوران يا قونصلر آفيسر جي سامهون ڪنهن به قانوني بحث مباحثي ۾ نه پوندا.

o   ڪنهن به ٻار سان گڏ آيل والدين يا سرپرست کان علاوه ٻيا حاضرين درخواستگذار جي پاران قونصلر آفيسر جي سوالن جو جواب نه ڏيندا، ان سان گڏوگڏ، کين درخواستگذار جي جواب جو خلاصو پيش ڪرڻ، ان کي صحيح ڪرڻ يا ان جي وضاحت پيش ڪرڻ سميت جواب ڏيڻ وقت درخواستگذار کي اڌ ۾ ڪٽڻ جي اجازت بلڪل نه هوندي.

o   جيڪڏهن درخواستگذارن کي ڪو به سوال سمجهه ۾ نه اچي ته اهي سڌو سنئون قونصلر آفيسر کي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ چئي سگهن ٿا.

o   ان ڳالهه جو اختيار قونصلر آفيسر کي هوندو ته هو پنهنجي ۽ درخواستگذار جي آساني لاءِ ڳالھ ٻولھ ۾ ڪهڙي ٻولي استعمال ٿو/ٿي ڪري. حاضرين پنهنجي آساني لاءِ اِها گهُر نٿا ڪري سگهن ته ڪنهن خاص ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. حاضرين ڪنهن به ترجميڪار کي شامل ڪرڻ يا ڪڍڻ لاءِ زور نٿا ڀري سگهن ۽ نه ئي وري ترجميڪار جي قابليت يا ترجمي جي طريقي يا مواد تي ڪو اعتراض واري سگهن ٿا.

o   ٽئين ماڻهو کي اها اجازت نه هوندي ته هو درخواستگذار کي اهو ٻڌائين ته سوال جو جواب ڪيئن ڏجي.

o   حاضرين قونصلر آفيسر جي ڪنهن به سوال تي ڪنهن به بنياد تي اعتراض نٿا ڪري سگهن نه ئي درخواستگذار کي سوال جو جواب ڏيڻ کان روڪي سگهن ٿا، ڀلي کين لڳي ته سوال نامناسب، اڻ لاڳاپيل يا وري تڪراري آهي. قونصلر آفيسر درخواست اُڪلائڻ لاءِ گهربل معلومات وٺڻ لاءِ ضروري سوال ڪندا ۽ حاضرين ڪنهن به طرح سان سندن ان عمل کي نٿا روڪي سگهن.

o   پاسپورٽ يا CRBA جي ڪنهن به اپائنٽمينٽ انٽرويو دوران حاضرين کي ٻين درخواستن يا معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا انهن بابت سوال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

o   حاضرين ڪجهه ڳالهيون يادگيري لاءِ لکي سگهن ٿا پر ان کان علاوه ڪنهن به ٻئي طريقي سان اپائنٽمينٽ انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

o   حاضرين ڪو به اهڙو ورتاءُ روا نه رکندا جنهن سان اپائنٽمينٽ انٽرويو ۾ رخنو پوي. مثال طور، اهي ڪنهن به ريت ڪنهن به قونصلر آفيسر يا ٻئي اسٽاف سان نه وڏي واڪي ڳالهائيندا ۽ نه وري ڌمڪائيندا، ڪو به اهڙو ڪم نه ڪندا جنهن سان امريڪا جي قومي سالميت يا سفارتخاني يا قونصل خاني جي حفاظت کي ڪو به خطرو هُجي. حاضرين تي ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ ۽ جنهن به امريڪي سفارتخاني يا قونصل خاني ۾ اپائنٽمينٽ انٽرويو ٿي رهيو هجي اُتي جي سڀني حفاظتي پاليسين تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.

حاضرين اهڙو ڪو به ورتاءُ روا نه رکندا – جنهن سان هن پاليسي جي ڀڃڪڙي ٿئي يا ڪنهن به طريقي سان اپائنٽمينٽ انٽرويو خراب ٿئي. انهن اصولن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ حاضر شخص کي تنبيهه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن هن ان کي به نظرانداز ڪيو ته ضرورت پوڻ تي کيس اپائنٽمينٽ انٽرويو واري هنڌ يا بلڊنگ مان ئي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ويندو. پيش ايندڙ اھڙي – صورتحال ۾ ان جو فيصلو درخواستگذار ڪندا ته هُو ان شخص کانسواءِ اپائنٽمينٽ انٽرويو جاري رکڻ چاهيندا يا نه، ان تي به وري قونصلر آفيسر جو فيصلو هلندو ته انٽرويو ختم ڪجي يا نه. درخواستگذارن سميت قونصلر ۽ سفارتي عملي جي حفاظت ۽ رازداري کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل رهندي.