ويزا بابت معلومات

ڪروناوائرس وبا دوران سفر – هوائي جهاز ذريعي آمريڪا ويندڙ مسافرن لاءِ شرطون

سيپٽمبر 28 کان وٺي پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خانه ڪراچي مخصوص نان اميگرنٽ خدمتون شروع ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ F، M ۽ ڪجهه J ڪيٽيگريون (ٻاهريان ڊاڪٽر، سرڪاري مهمان، بين الاقوامي وزيٽر پروفيسر، ريسرچ اسڪالر، محدود عرصي وارا تحقيقي اسڪالر، اسپيشلسٽ، سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪاليج يا يونيورسٽين جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون) به شامل آهن. MRV في، ادائگي جي هڪ سال اندر ان ملڪ ۾ انٽرويو اپائنٽمنٽ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي جنهن ملڪ ۾ اها خريد ڪئي وئي هُئي. جيڪڏهن توهان جو ڪو تڪڙو مسئلو آهي جنهن جي ڪري توهان کي ترت سفر ڪرڻو آگي ته هنگامي اپائنٽمنٽ جي درخواست ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري https://www.ustraveldocs.com/pk/pk-niv-expeditedappointment.asp تي ڏنل رهنمائي تي عمل ڪريو.

ڪيٽيگري H1B، H2B، L1 ۽ ڪجهه J ڪيٽيگرين جي درخواستگذارن ۽ صدارتي اعلان 10052 هيٺ ايندڙ سندن مٿان ڀاڙيندڙ درخواستگذارن کي گهرجي ته اهي صرف ان وقت اپائنٽمنٽ جي درخواست ڏين جڏهن کين يقين هجي ته اُهي هتي مليل اعلان ۾ ڏنل ڇُوٽ جا اهل آهن.

اهي صدارتي اعلان جن انهن ٻاهرين ملڪن جي شهرين جي داخلا معطل ڪئي جيڪي آمريڪا ۾ داخلا يا داخلا لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي 14 ڏينهن دوران مخصوص ملڪن ۾ موجود هئا (صدارتي اعلان 9984، 9992، 9993، 9996 ۽ 10041) ۽ اهي صدارتي اعلان جن انهن ملڪن جي مخصوص اميگرنٽ ۽ نان اميگرنٽ جي داخلا معطل ڪئي جن سان آمريڪي مزدور مارڪيٽ کي نقصان پهچڻ جو خطرو موجود هيو (صدارتي اعلان 10014 ۽ 10052) هن وقت به لاڳو آهن. صدارتي اعلانن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

آمريڪي قونصل خاني جي قونصلر شعبي جي ويبسائٽ تي ڀليڪار

هتي توهان کي امريڪي ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ واري معلومات ملي سگهندي.

جيڪڏهن اوهان کي ويزائن، امريڪا ڏانهن سفر ڪرڻ ۽ اُتي رهائش اختيار ڪرڻ بابت وڌيڪ معلومات گهربل آهي ته اسان جي ڊپارٽمينٽ جي ويزا ويبسائٽ به ڏسي سگهو ٿا.

ويزا ڇا هوندي آهي؟
ويزا، امريڪي سفارتخانو يا قونصل خانو جاري ڪندو آهي. جنهن به ماڻهو کي جاري ڪيو ويندو آهي اهو امريڪا ۾داخل ٿيڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو اهل  ٿي ويندو آهي، پر اها ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ضمانت نه هوندي آهي. ان ڳالهه جو فيصلو داخل ٿيڻ واري هنڌ تي مقرر اميگريشن انسپيڪٽر يا دستاويز چڪاس ڪندڙ عملو ڪندو ته ويزا رکندڙ ماڻهو امريڪا ۾ داخل ٿيڻ جو مجاز آهي يا نه.

ويزا ڪنهن کي گهربل هوندي آهي؟

ويزا هڪ اهڙو دستاويز آهي جيڪو هر ان ماڻهو کي گهربل هوندو آهي جيڪو امريڪا وڃڻ چاهيندو هجي پر ويزا معافي واري پروگرام (Visa Waiver Program (VWP)) هيٺ امريڪا ۾ ويزا کان بغير داخل ٿيڻ جو اهل نه هُجي يا وري ويزا لاءِ گهربل معيارن کان آجو نه هُجي.

مهرباني ڪري نوٽ ڪريو: جيڪي مسافر امريڪا ۾ پيدا ٿيا هجن يا وري اُهي جن وٽ ٻٽي شهريت هجي، اُهي لازمي طور امريڪا ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ امريڪي پاسپورٽ استعمال ڪندا.

ويزائون  گھڻن قسمن جو هونديون آهن؟

اميگرنٽ ويزا – جڏهن ڪو به ماڻهو امريڪا ۾ اڻڄاتل مُدي لاءِ يا دائمي طور رهائش اختيار ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس اميگرنٽ ويزا جي ضرورت پوندي آهي. امريڪا ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اميگرنٽ ويزا رکڻ واري ماڻهو لاءِ دائمي رهائشي ڪارڊ (Permanent Resident Card)، جنهن کي عام طور تي گرين ڪارڊ پڻ چيو وڃي ٿو، ٺاهڻ وارو عمل شروع ڪيو ويندو آهي.

نان اميگرنٽ ويزا – اهڙو ماڻهو جيڪو عارضي طور امريڪا وڃڻ چاهي ۽ ويزا معافي واري پروگرام (Visa Waiver Program (VWP) هيٺ امريڪا ڏانهن ويزا کانسواءِ سفر ڪرڻ جو اهل نه هُجي يا وري ويزا لاءِ گهربل معيارن کان آجو نه هُجي ته کيس نان اميگرنٽ ويزا جي ضرورت پوندي آهي.

3 جنوري 2017 کان وٺي امريڪي قونصل خاني ڪراچي جي ويزا سيڪشن پنهنجي اپائنٽمينٽ سرسشتي ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون آهن: 

  • ٻوليءَ جي چونڊ: ويزا انٽرويو رکڻ وقت درخواستگذار کي انٽرويو لاءِ ٻولي (انگريزي، اردو يا ڪنهن به ٻي ٻولي) جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. ان کانپوءِ انٽرويو واري ڏينهن توهان قونصل خاني ۾ ٻولي مٽائي نه سگهندا. جيڪڏهن توهان ايئن ڪيو ته توهان کي واپس اُماڻي نئين ٻولي لاءِ نئين سِر انٽرويو جي تاريخ رکڻ لاءِ چيو ويندو.
  • انٽرويو لاءِ پهچڻ جو وقت: اسان چاهينداسين ته درخواستگذار انٽرويو واري وقت کان اڌ ڪلاڪ کان پهريان نه پهچن. جيڪي درخواستگذار اڌ ڪلاڪ کان اڳ پهچندا، انهن کي تيستائين اندر اچڻ نه ڏنو ويندو جيستائين سندن انٽرويو ۾ باقي اڌ ڪلاڪ نه بچي. ان کان علاوه اُهي درخواستگذار جيڪي انٽرويو واري وقت کان اڌ ڪلاڪ يا اڃا به دير پهچندا، تن جو انٽرويو به منسوخ ڪيو ويندو ۽ کين نئين سِر انٽرويو جو وقت وٺڻو پوندو.
  • اسان صلاح ڏينداسين ته توهان انٽرويو کان 30 منٽ اڳ  پهچو ته جيئن قونصل خاني جي حفاظتي جانچ پڙتال واري مرحلي مان آساني سان گذري سگهو. مهرباني ڪري ياد رکو ته جيڪڏهن توهان قونصل خاني ۾ پنهنجي اپائنٽمينٽ واري وقت کان 30 منٽن کانپوءِ پهچندا ته توهان کي اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ توهان کي پنهنجو انٽرويو وري رکرائڻو پوندو.

امريڪن سفارتخانو يا قونصل خانو هڪ ويزا جاري ڪندو آھي جنھن ذريعي درخواست گذار امريڪا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو، پر اھا ويزا اھا خاطري نه ٿي ڪرائي ته اوھان کي امريڪا جي اندر داخل ٿيڻ ڏنو ويندو. ايئر پورٽ تي مقرر اميگريشن آفيسر انسپيڪٽران ڳالھ جو تعين ڪندو ته درخواست گذار کي داخل ٿيڻ ڏنو وڃي يا نه.

اھي ماڻھو جن کي ويزا کان استثنه حاصل نه آھي يا وري ويزا جي گھرج کان آجا نه آھن انھن کي امريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت آھي.

مھرباني ڪري هيءَ ڳالھ به نوٽ ڪريوته اھي سفر ڪندڙ ماڻھو جيڪي امريڪا ۾ پيدا ٿيا يا انھن وٽ ٻٽي شھريت آھي انھن کي اچڻ ۽ وڃڻ وقت يو ايس پاسپورٽ وارو ٽرمينل استعمال ڪرڻ گھرجي.

اميگريشن ويزا: امريڪا ۾ مستقل رھائش جو ارادو رکندڙ ۽ اھليت رکندڙ ماڻھن کي اميگريشن ويزا گھربل هوندي آھي. امريڪا ۾ داخل ٿيڻ وقت امريگريشن ويزا رکندڙ کي گرين ڪارڊ ينعي مستقل رھائش جو ڪارڊ واري پراسس ۾ شامل ڪيو ويندو آھي.

نان اميگريشن ويزا: امريڪا ۾ عارضي داخلا جي لاءِ نان اميگريشن ويزا گھربل هوندي آھي. اھي ويزا اھڙن سڀني ماڻھن لاءِ هوندي آھي جيڪي ويزا ويوير پروگرام جو حصو نه آھن يعني کين ويزا کان استثنه حاصل نه آھي