قونصل جنرل ڪيٿرين راڊيگيز

Requirement: You must have at least two child page associated to this parent in order for the table of contents to appear. This message will disappear once you meet the requirement.

ڪيٿرين راڊريگيز 4 ڊسمبر 2019ع تي آمريڪي قونصل جنرل لاهور طور ذميواريون سنڀاليون. هوءَ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ميمبر پڻ آهي. تازو هُن آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ڊائريڪٽر جنرل جِي چيف آف اسٽاف ۽ ڊائريڪٽر آف هيومن ريسورسز جون به ذميواريون ادا ڪيون.

قونصل جنرل راڊريگيز واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي ترقي بابت آمريڪي اداري کان فارين سروس ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي کاتي ۾ مقرري کان اڳ ڪوسٽاريڪا ۽ السلواڊور ۾ خدمتون انجام ڏنيون.

ماضي ۾ هوءَ ڪراچي ۽ پشاور ۾ به مقرر ٿي هئي. هُن ميامي ۾ واقع آفيس آف فارين مشنز ۾ ريجنل ڊائريڪٽر طور ڏکڻ آمريڪا ۾ مقرر 3000 پرڏيهي سفارتڪارن جي مدد جون به ذميواريون نڀايون. هُن ڊپلوميٽ ان ريزيڊنس طور به خدمتون انجام ڏنيون، جيڪو مستقبل جي آمريڪي سفارتڪارن جِي ڀرتين ۽ تربيت جا انتظام ڪندو آهي.

ڪيٿرين فلوريڊا انٽرنيشنل يونيورسٽي مان بزنس ايڊمنسٽريشن جي شعبي ۾ بي اي، ايم اي ۽ اڪائونٽنگ ۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. اُن کانسواءِ وٽس ڪولمبيا يونيورسٽي مان ماحولياتي سائنس ۽ پاليسي جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري پڻ آهي. سندس مادري ٻولي اسپيني آهي ۽ فلوريڊا جي علائقي ميامي سان واسطو رکي ٿي.