وقتي قائونصل جنرل جوهن وارنر پاران لياريءَ جي ”القادر اسڪول“ جي شاگردن جي آجيان ڪئي وئي. اٽڪل 20 شاگردن ۾31 کان 18 سالن جي عمر جا ڇوڪرا شامل هئا. هيءُ هڪ لوئر مڊل ڪلاس پرائيويٽ اسڪول آهي، جنهن جي ڇوڪرن کي قائونصليٽ جنرل ڪراچي آفيس جي رضاڪارن سان گڏ امريڪي فليگ فوٽ بال جا ضابطه ۽ قانون سيکاريا ويا. اهو پهريون ڀيرو آهي، جو قائونصل پاران راند ذريعي سفارتڪاريءَ جي سلسلي ۾ مقامي شاگردن لاءِ امريڪي فوٽ بال منعقد ڪيو ويو. وقتي قائونصل جوهن وارنراهڙي تقريب جي صدارت ڪئي ۽ شاگردن جي راند کيڏڻ واري شوق جي تعريف ڪئي وئي.
ان موقعي تي وقتي قائونصل جنرل ڳالهائيندي چيو ته، ”امريڪن فوٽ بال امريڪا جي مقبول راندين مان هڪ راند رهيو آهي ۽ اسان کي خوشي ٿي رهي آهي، جو اڄ امريڪا جي اها روايتي راند پاڪستان جي نوجوانن کي به سيکاري رهيا آهيون. هتي امريڪي قائونصليٽ ۾ اسان جو اهو پڪو يقين رهيو آهي ته راندين واري سفارتڪاري ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ هڪ اهم ترين ذريعو آهي، جنهن سان صحت مند اندازِ زندگيءَ جي سرگرمين کي به فروغ ملي ٿو.“
امريڪي فوٽ بال امريڪا ۾ 1860ع ۾ ايجاد ٿيو، ۽ تڏهن کان وٺي راندين کي امريڪي ثقافت ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي.