ڪراچي: امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل پاڪستاني صحافين جي تربيت لاءِ امريڪي حڪومت جي مالي تعاون ڪراچيءَ ۾ تربيتي اداري جو افتتاح ڪيو. 4 ملين ڊالرس جي مالي لاڳت سان آءِ بي اي ڪراچي ۾ سينٽر فار ايڪسيلنش ان جرنلزم جي اداري جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي. امريڪي مالي تعاون سان نه صرف اداري جي تعمير بلڪه صحافتي تربيت لاءِ نصاب ۽ تربيتي پروگرام پڻ جوڙيا ويا آھن .
ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي امريڪي سفير ڊيوڊ ھيل چيو ته ”آزاد ۽ پيشوراڻه ميڊيا جمھوريت جو مظبوط بنياد آھي، ۽ آزاد پريس امريڪا جي تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن چيو ته سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم (سي ئي جي) قائم ڪرڻ جو مقصد صحافين کي پنھجون صلاحيتون بھتر ڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪرڻ آھي ته جيئن ھو پنھجي ملڪ ۾ عوام کي آگاھي ڏئي بھتر عوامي راءِ جوڙي سگھن. هي تربيتي ادارو امريڪي حڪومت ۽ سندس سھڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان صحافين لاءِ تربيت ۽ ايڪسچينج جا موقعا پيدا ڪندو ته جيئن ملڪ ۾ آزاد ميڊيا جو مقصد حاصل ڪري سگھجي.
ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ ڪراچي ۾ مقيم امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ، تربيتي اداري جي بورڊ جي چيئرمين ڪمال صديقي، اداري جي قائم مقام ڊائريڪٽر ڪرسٽي ماريا لائوڊر، واشنگٽن ۾ قائم انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس (آءِ سي ايف جي) جي نائب صدر پيٽرڪ بٽلر، نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي ميڊل اسڪول آف جرنلزم جي پروفيسر گريگ ڊف ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ڪنسلٽنٽ ليري پنٽيڪ پڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آءِ بي اي تعليم جي ميدان ۾ ڊگھي عرصي کان تخليقي ۽ جديد تعليم ۾ اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو آھي، ۽ اڄ ان ۾ هي نئون واڌارو ڪندي اسان کي تمام گھڻي خوشي ٿي رھي آھي. هن وڌيڪ چيو ته صحافت جي پيشي ۾ جديد تربيت کي ذھن ۾ رکندي هي ادارو صحافين کي ملٽي ميڊيا سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تربيت ڏيندو.
سينٽر فار ايڪسيلينس ان جرنلزم (سي ئي جي) بابت
ھي ادارو پاڪستان ۾ ميڊيا جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻھن جي پيشوراڻه ضرورتن کي سامھون رکي قائم ڪيو ويو آھي، ھي ادارو سندن تربيت، کين هڪ ٻئي سان ڳنڊڻ ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندو. سي ئي جي امريڪا ۾ قائم انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس ۽ آءِ بي اي ۽ امريڪا جي ھڪ ٻي وڏي تعليمي اداري ميڊل اسڪول آف جرنلزم، جيڪو نارٿ ويسٽرن يونيورسٽيءَ ۾ قائم اھي، جو گڏيل منصوبو آھي. سي ئي جي ڪراچي آءِ بي اي جي سٽي ڪيمپس گارڊن ۾ واقع آھي. ھي ادارو آن لائين ۽ ڪلاس روم تربيي ڪورس پاڪستان جي سڀني صحافين کي آڇي ٿو. ھن اداري ۾ ميڊل يونيورسٽي جا استاد ۽ پاڪستان جا نامور تجربيڪار صحافي تربيت ڏيندا آھن. هن اداري جي مک توجه صحافين جون صلاحيتون وڌائڻ ۽ کين صحافت جا گر سيکارڻ آھي.
سي ئي جي جي قيام لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان 4 ملين ڊالرس جي گرانٽ ڏني وئي آھي. وڌيڪ معلومات لاءِ سندن ويب سائيٽ تي وڃو:
www.cej.iba.edu.pkf
يا وري سندن فيس بڪ تان معلومات حاصل ڪيو
www.facebook.com/CEJatIBA
نون شروع ٿيندڙ پروگرامن بابت اوھان سندن ٽوئٽر اڪائونٽ تان به معلومات حاصل ڪري سگھو ٿا
@cejatIBA
اداري طرفان شروع ٿيندڙ تربيتي ڪورسن بابت معلومات لاءِ اوھان کين ئي ميل پڻ ڪري سگھو ٿا
cej@iba.edu.pk
فئبروري 27، 2016
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي