ڪراچيـــ ڪراچي جي مختلف صحافين جي تنظيمن جي اڳواڻن قونصل جنرل برائن ھيٿ جي اڳواڻيءَ ۾ امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي تعاون سان قائم ڪيل صحافين جي تريبيتي مرڪز سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم جو دورو ڪيو. امريڪي حڪومت 40 لک ڊالرن جي مالي تعاون سان نه صرف آءِ بي اي ڪراچي جي بلڊنگ ۾ ھن صحافتي تربيتي اداري جي تعمير مڪمل ڪئي آھي بلڪه تربيت لاءِ نصاب ۽ پروگرام پڻ جوڙيا ويا آھن .
صحافين جي تربيتي مرڪز جي دوري تي آيل وفدن کي بريفنگ ڏيندي قونصل جنرل برائن ھيٿ چيو ته ”آزاد ۽ پيشوراڻه ميڊيا جمھوريت جو مظبوط بنياد آھي، ۽ آزاد پريس امريڪا جي تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن چيو ته سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم (سي ئي جي) قائم ڪرڻ جو مقصد صحافين کي پنھجون صلاحيتون بھتر ڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪرڻ آھي ته جيئن ھو پنھجي ملڪ ۾ عوام کي آگاھي ڏئي بھتر عوامي راءِ جوڙي سگھن. هي تربيتي ادارو امريڪي حڪومت ۽ سندس سھڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان صحافين لاءِ تربيت ۽ ايڪسچينج جا موقعا پيدا ڪندو.
قونصل جنرل ھيٿ وڌيڪ چيو ته ھي ادارو صحافي برادري کي ھڪ ٻئي سان ڳنڊڻ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪندو. ھيٿ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين جي تربيت ۽ حمايت لاءِ امريڪا عزم ڪيو آھي ڇو ته آزاد ميڊيا ئي سگھاري جمھوريت لاءِ اھم ڪردار ادا ڪندي.
ان موقعي تي سي ئي جي بورڊ جي چيئرمين ڪمال صديقي صحافين جي وفد کي اداري جي پس منظر ۽ مستقبل جي پروگرامن بابت تفصيلي آگاھي ڏني. صحافين جي تنظيمن ۾ ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ پاڪستان ميڊيا ڪلب جا اڳواڻ ۽ نمائندا دوري ۾ شامل ھا.
سينٽر فار ايڪسيلينس ان جرنلزم (سي ئي جي) بابت
ھي ادارو پاڪستان ۾ ميڊيا جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻھن جي پيشوراڻه ضرورتن کي سامھون رکي قائم ڪيو ويو آھي، ھي ادارو سندن تربيت، کين هڪ ٻئي سان ڳنڊڻ ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندو. سي ئي جي امريڪا ۾ قائم انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس ۽ آءِ بي اي ۽ امريڪا جي ھڪ ٻي وڏي تعليمي اداري ميڊل اسڪول آف جرنلزم، جيڪو نارٿ ويسٽرن يونيورسٽيءَ ۾ قائم اھي، جو گڏيل منصوبو آھي. سي ئي جي ڪراچي آءِ بي اي جي سٽي ڪيمپس گارڊن ۾ واقع آھي. ھي ادارو آن لائين ۽ ڪلاس روم تربيي ڪورس پاڪستان جي سڀني صحافين کي آڇي ٿو. ھن اداري ۾ ميڊل يونيورسٽي جا استاد ۽ پاڪستان جا نامور تجربيڪار صحافي تربيت ڏيندا آھن. هن اداري جي مک توجه صحافين جون صلاحيتون وڌائڻ ۽ کين صحافت جا گر سيکارڻ آھي.
سي ئي جي جي قيام لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان 4 ملين ڊالرس جي گرانٽ ڏني وئي آھي. وڌيڪ معلومات لاءِ سندن ويب سائيٽ تي وڃو:
http://cej.iba.edu.pk/
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي
جون 16 ، 2016