امريڪي قونصل جنرل حيدرآباد ۾ موسيقيءَ جي لاھوتي ميلي جو افتتاح ڪيو

حيدرآباد: امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ گڏجي حيدرآباد ۾ موسيقيءَ جي ٻه روزه لاھوتي ميلي جو افتتاح ڪيو جنھن جو اھتمام سيف سميجو ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻيا معززين موجود ھئا.

ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گريس شيلٽن چيو ته لاھوتي ميلي جھڙا پروگرام ثابت ڪن ٿا ته موسيقيءَ جا ميلا ثقافتي سڃاڻپ لاءِ وڏي سگھ رکن ٿا ۽ سماجي ايڪي لاءِ به اھم ڪردار ادان ڪن ٿا. ھن چيو ته موسيقي اسان کي ڳنڊي ٿي تنھن ڪري ئي امريڪي قونصل خانو ھن قسم جي پروگرامن لاءِ تعاون مھيا ڪري ٿو.

امريڪي قونصل خاني طرفان ميلي ۾ ھڪ معلوماتي اسٽال پڻ لڳايو ويو جتي شريڪ ماڻھن کي امريڪي حڪومت طرفان ھلندڙ ثقافتي ۽ تعليمي ۽ اسڪالرشپس پروگرامن بابت ڄاڻ ڏني چئي وڃي. امريڪي قونصل خاني ڪراچيءَ مان ٻن سفارتڪارن اسڪائيپ ذريعي امريڪي موسيقيءَ جي روايتن ۾ لوڪ سازن بابت ھڪ پينل مباحثي ۾ حصو ورتو. ھن سال ٿيندڙ لاھوتي ميلي ۾ امريڪا کان آيل ھڪ موسيقيءَ جي بينڊ دي ڊيلس برائون بينڊ پڻ شرڪت ڪئي، امريڪا جي گيٽار وڄائيندڙ انڊريو ڊيوڊ ۽ بين ريڪٽر پڻ شرڪت ڪري رھيا آھن.

ان کان اڳ صبح جو قونصل جنرل گريس شيلٽن ڀٽ شاھ ۾ صوفي شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي درگاھ تي گلن جي چادر چاڙي ۽ درگاھ جي احاطي ۾ سندس فقيرن جي آواز ۾ ڪلام پڻ ٻڌو. ان موقعي تي قونصل جنرل چيو ته ”شاھ لطيف پنھجي شاعريءَ ۽ ڪلام جي ذريعي دنيا کي سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتي ڏيکاري آھي. ھن چيو ته شاھ لطيف ھڪ يگانو شاعر آھي.“