امريڪي قونصل جنرل جو مھراڻ يونيورسٽيءَ جو دورو ۽ حيدرآباد ۾ انگريزي زبان جي ڪورس جو افتتاح

حيدرآباد: امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ڄامشورو جي دوري دوران مھران يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن سان ملاقات ڪئي جيڪي تازو يونيورسٽي آف يوٽاھ تان علمي دوري تان واپس موٽيا آھن. اھي شاگرد امريڪي حڪومت جي مالي تعاون سان مھران يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانس اسٽڊيز ان واٽر ۾ زير تعليم آھن. قونصل جنرل شيلٽن ھنن شاگردن کي پائيدار ترقيءَ جو اڳواڻ قرار ڏنو. سندس دوري دوران مھراڻ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، فيڪلٽي ميمبر۽ شاگرد پڻ موجود ھئا. قونصل جنرل ان موقعي تي امريڪي حڪومت جي تعاون سان زير تعمير بلڊنگ جو دورو ڪيو جيڪا يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانس اسٽڊيز ان واٽر لاءِ تعمير ٿي رھي آھي.

حيدرآباد جي دوري دوران قونصل جنرل گريس شيلٽن امريڪي حڪومت جي تعاون سان 17 کان 25 سالن جي 50 نوجوانن لاءِ انگريزي زبان سکڻ جي ڪورس جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مقام ھوٽل ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل شيلٽن چيو ته انگلش ورڪس زبان سکڻ جو پروگرام پاڪستان جي نوجوانن کي 21 صديءَ جي ضروتن آھر تيار ڪري ٿو ته جيئن ڪاروبار لاءِ گھربل انگريزي زبان جي کين سکيا ڏئي سگھجي، ته جيئن ھو پنھجي لاءِ روزگار جي مناسب موقعن لاءِ تيار ٿي ملڪ جي اڳواڻي ڪري سگھن.

انگلش ورڪس جي نالي شروع ڪيل ھن زبان سکڻ جو پروگرام جو مقصد پاڪستان جي غريب شاگردن کي روزگار جي موقعن لاءِ گھربل ڪاروباري زبان جي تربيت ڏيڻ آھي ته جيئن کين گھربل لفظن جو ذخيرو سيکاري ۽ سمجھائي سگھجي. ان پروگرام ھيٺ پاڪستان جي اندر ھن وقت  ڪل 525 شاگردن کي انگريزي سيکاري پئي وڃي، ۽ انھن نوجوانن جو تعلق پاڪستان جي مختلف علائقن سان آھي.

حيدرآباد جي دوري دوران قونصل جنرل شيلٽن سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان سينٽر فار پيس ۽ سول سوسائٽي جي آفيس ۾ جامي چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ملاقات ڪئي جتي ھن سرڪاري عملدارن سان ٻارن جي جبر پورھئي واري معامي تي ڄاڻ حاصل ڪئي