ڪراچي: امريڪي حڪومتي اداري يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ تعميرل ٿيل پنجن اسڪولن جو انتظام خانگي شعبي ھلائڻ لاءِ ھڪ معاھدي تي صحيحين جي تقريب وڏي وزير جي رھائش گاھ تي ٿي گذري. جنھن ۾ امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ شرڪت ڪئي. معاھدو سنڌ جي تعليم واري کاتي ۽ پنجن تعليمي ادارن جي وچ ۾ ٿيو جن ۾ بيڪن ھائوس، سکر آءِ بي اي، انڊس رسورس سينٽر، ۽ چارٽر آف ڪمپيشن شامل آھن. ان معاھدي ھيٺ اھي ادارا يو ايس ايڊ طرفان سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ تعمير ٿيل نون اسڪولن جو انتظام سنڀاليندا. تعمير ٿيل اھي پنج اسڪول يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل تعاون سان ڪل تعمير ٿيندڙ 106 اسڪولن جو حصو آھن. جيڪي اتر سنڌ ۽ ڪراچي جي پنجن ٽائونس ۾ تعمير ٿي رھيا آھن.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته ھن اھم پيش رفت تي اسان کي سنڌ حڪومت جو پارٽنر ٿيڻ تي فخر محسوس ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام سنڌ صوبي ۾ پڙھائڻ جي معيار ۾ بھتري آڻيندو ۽ ڇوڪرين لاءِ خاص ڪري تعليم جا دروازا کوليدا جتي کين تعليم پرائڻ جو محفوظ ماحول مھيا ٿيندو. ھن چيو ته ھنن اسڪولن ۾ مفت تعليم حاصل ڪندڙ ٻار مستقبل جا انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد ۽ ڪاروبار ڪندڙ شھري پيدا ٿيندا.
سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام امريڪي حڪومت جو 155 ملين ڊالرس جو پنجه ساله منصوبو آھي جنھن جو بنيادي مقصد پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردن کي معياري تعليم مھيا ڪرڻ آھي ۽ داخلا ۾ پڻ اضافو ڪرڻ آھي. اھو پروگرام سنڌ جو چونڊ ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آھي. خانگي ادارن سان اسڪولن جي انتظام ھلائڻ جو معاھدو سنڌ حڪومت جي نون پروگرامن جو حصو آھي، سنڌ واحد صوبو آھي جتي تعليم جي شعبي ۾ پبلڪـ ـ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي شروعات ڪئي وئي آھي ته جيئن شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائي سگھجي.
امريڪي حڪومت جي ھلندڙ وڌيڪ پروگرامن بابت ڄاڻ لاءِ ھي لنڪ تي وزٽ ڪيو