ھوم

آمريڪا ۽ پاڪستان 2022ع ۾ اسان جي ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ڏهاڙو ملهايو. آمريڪا جي پاڪستان سان 75 سالن تي ٻڌل ڀائيواري جون علامتون سڄي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون. آمريڪا پاران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري ترقياتي امداد جي ذريعي سموري پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اسڪول کولڻ، صحت جي سهولتن ۽ شاهراهن جي اڏاوت وارا ڪم ڪيا ويا. ان دوران پاڪستان جي هزارين شهرين آمريڪا ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ۽ هو پنهنجي وطن واپسيءَ کانپوءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. رڳو اهو ئي نه پر آمريڪي ڪمپنيون به هزارين پاڪستانين کي ملازمت فراهم ڪري رهيون آهن ۽ اسان معاشرتي ۽ پيشيوراڻن لاڳاپن جو هڪ اهڙو سلسلو جوڙيو آهي جيڪو اسان جي گڏيل لاڳاپن جي پيڙهه وارو مضبوط پٿر ثابت ٿيو آهي. انساني همدردي جي بنياد تي گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ به آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ٻنڌڻ کي برقرار رکيو آهي. 2005 ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلو هجي يا وري 2010ع ۽ 2011ع جون ٻوڏون، اسان پاڪستان جي مدد لاءِ موجود هئاسين ۽ اڄ به اسان سموري ملڪ اندر هاڻوڪي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن تائين زندگيءَ جي تحفظ جي ضامن مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ وارين ڪوششن جي قيادت ڪري رهيا آهيون.

اسان جي لاڳاپن جو اهم بنياد معيشت آهي. آمريڪا وڏي پيماني تي هڪ واضح فرق سان پاڪستاني مصنوعات جي سموري دنيا ۾ سڀ کان وڏي اڪيلي منڊي آهي. آمريڪا پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سڀ کان وڏن ذريعن منجهان هڪ آهي. گذريل سال دوران پاڪستان اندر آمريڪي سيڙپڪاري ۾ ان کان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پنجاهه سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، جڏهن ته هاڻي اها هڪ ڏهاڪي دوران ٿيندڙ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. اسان جي ڪمپنين جو پاڪستاني منڊي ۾ توانائي، زرعي اوزارن ۽ مصنوعات جي تياري ۽ وڪري کان فرينچائزنگ، ريزگي واپار ۽ ڊجيٽل شعبي سميت اعليٰ معيار جي خدمتن جي فراهمي تائين جو هڪ ڊگهو ريڪارڊ موجود آهي.

پاڪستان سان آمريڪا جا لاڳاپا پاڻڀرائپ جا مستحق آهن، . اهي اڻٽر انداز ۾ وسيع بنياد آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي لاءِ، خطي ۽ دنيا جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. اهي لاڳاپا نه ٻين علائقائي لاڳاپن سان مشروط  آهن ۽ نه وري ائين هجڻ گهرجن. وڏي تبديليءَ جي هن گهڙيءَ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان کي هڪ اهڙي ڀائيواري واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا اسان جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ۽ اسان جي گڏيل ۽ اعليٰ هدفن کي حاصل ڪرڻ جي قابليت رکندڙ هجي.

اسان جي گڏيل لاڳاپن جي مضبوط بنيادن اسان کي پنهنجي سڀ کان اهم بين الاقوامي ڏکيائين کي گڏيل طور منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو آهي. اسان لاءِ پهريون چئلينج اهو آهي ته منصفاڻي، شفاف ۽ مستحڪم واپار ۽ سيڙپڪاري جي بنياد تي گڏيل معاشي ترقيءَ جو حصول ڪيئن يقيني بڻائجي. ٻيو چئلينج ماحول دوست توانائي پاليسي جي جوڙجڪ آهي جيڪا جٽادار هجڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي سگهارو ڪرڻ جو سبب بڻجي ۽ معاشي آزادي کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. جيئن سبز انقلاب جي سلسلي ۾ اسان جي سهڪار 1960ع واري ڏهاڪي ۾ زندگين کي بهتر بڻايو هو. هاڻوڪي صورتحال ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ “سبز اتحاد” قائم ڪرڻ سان اسان ماحولياتي تبديليءَ جي بحران جي نتيجن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجن معاشرن ۽ معيشتن کي تبديل ٿيندڙ مستقبل پٽاندڙ  بڻائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. اسان لاءِ آزادي ۽ جمهوريت جي تحفظ جو هڪ اهم چئلينج به موجود آهي، جن کي سموري دنيا ۾ مختلف انداز سان خطرا درپيش آهن. اسان ٻئي ملڪ آئيني جمهوريت جي گڏيل بنيادن تي قائم آهيون. آمريڪا اظهار جي آزادي، سوچ جي آزادي ۽ شفاف ۽ منصفاڻين چونڊن کي برقرار رکڻ لاءِ بي شمار پاڪستانين پاران ڏنل قربانين کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريت پاڪستان جي رت ۾ ائين شامل آهي جيئن آمريڪا جي رت ۾ شامل آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي جمهوريت جي اعليٰ ترين آدرشن جي حصول لاءِ واجهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن جي پنجهترهين يوم تاسيس جي موقعي تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خيالن جي مڪمل متن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري هن لنڪ تي وڃو: (LINK)

آمريڪي ۽ پاڪستان