
نِڪول ٽيريو ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. ڪراچي اچڻ کان پھرين، ھوءَ جولاءِ 2020 کان جولاءِ 2022 تائين آمريڪي سفارتخاني پورٽ-او-پرنس، هيٽي ۾ ڊپٽي چيف آف مشن ۽ چارج ڊي افيئرز طور خدمتون سرانجام ڏيئي رھي ھئي. نِڪول 2019-2020 دوران صدر جي ايگزيڪيوٽو آفيس جي آمريڪي قومي سلامتي واري اداري، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ اميگريشن ۽ ويزا سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري چڪي آهي. 2018-2019 ۾ هو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي بيورو آف قونصلر افيئرس ۾ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار اوورسيز سٽيزن سروسز (OCS) جي سينيئر صلاحڪار، 2017-2018 ۾ ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ پوليٽيڪل قونصلر ، 2014-2017 ۾ ڪاسابلانڪا، مراڪش ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ قونصل جنرل، ۽ 2012-2014 ۾ هن سپروائيزري ريجنل قونصلر آفيسر طور ڪم ڪيو جيڪو سڄي دنيا ۾ 102 قونصلرسيڪشنز جي مدد ڪري ٿو.
سندن پوئين سفارتي ذميوارين ۾ اسلام آباد-پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ ۾ پوليٽيڪل آفيسر، بارباڊوس ۽ مشرقي ڪيريبين لاءِ قونصلر چيف، بغداد، عراق ۾ ڊپٽي قونصلر چيف، مونٽريال، ڪئناڊا ۾ ويزا چيف، پئرس، فرانس ۾ قونصلر آفيسر، ۽ لاگوس، نائيجيريا ۾ انفارميشن آفيسر شامل آهن. نِڪول پنهنجي ڪيريئر جي شروعات يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ سان 1997 ۾ آمريڪي سفارتخاني نيروبي، ڪينيا ۾ هڪ انٽرن جي حيثيت سان ڪئي. هن 2004-2005 تائين اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري فار قونصلر افيئرز مورا هارٽي جي اسٽاف اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيو.
آمريڪي رياست طرفان سندس بھترين ڪارڪردگي جي مڃتا طور کين انيڪ انعام ملي چڪا آهن، جن ۾ 2018 ۾ افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت تي سندس ڪم جي مڃتا ۽ 2010 ۾ مشرقي ڪيريبين ۾ آمريڪي شهرين جي مدد ڪرڻ عيوض سپيريئر آنر ايوارڊز شامل آهن. نِڪول آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي سينيئر فارين سروس، ڪلاس آف آفيسر-ڪائونسلر جي ڪيريئر ميمبر پڻ آهي.