سفير ڊونلڊ بلوم

ڊونلڊ بلوم 11 اپريل 2022ع تي پاڪستان ۾ آمريڪي سفير طور حلف کڻي ورتو.

سفير بلوم تازو 2019ع کان 2022ع تائين تيونسي ۾ آمريڪي سفير جون ذميواريون سنڀاليون. جڏهن ته تيونس ۾ لبيا جي پرڏيهي معاملن جي آفيس ۾ ناظم الامور ۽ يروشلم ۾ آمريڪي قونصل جنرل طور خدمتون به انجام ڏنيون.

اُن کان اڳ هُن پرڏيهي کاتي ۾ عربي اُپٻيٽ جي مامرن بابت ڊائريڪٽر (2015-2013)، افغانستان جي ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ سياسي ڪائونسلر (2013-2012) ۽ مصر جي قاہرہ سفارتخاني ۾ سياسي ۽ معاشي معاملن بابت -مشير (2012-2009) طور ذميواريون نڀايون. هُن عراقي راڄڌاني بغداد ۾ ملٽي نيشنل فورس اسٽريٽيجڪ انگيجمينٽ سيل ۾ شهري مامرن بابت شريڪ ڊائريڪٽر (2008-2007) ۽ ڪويت ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ سياسي صلاحڪار (2007-2006) جون خدمتون پڻ انجام ڏنائون.