پاليسي ۽ تاريخ

آمريڪا انهن پهرين ملڪن منجهان هڪ آهي جن 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قيام کانپوءِ ان کي هڪ آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو. صدر هينري ٽرومين پاڪستان جي باني محمد علي جناح کي واڌاين جو پيغام موڪليو ۽ کيس پاڪستان جي قيام جو خواب ساڀيان ڪرڻ جو باني قرار ڏنو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻئي ڏينهن يعني 15 آگسٽ تي باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ويا. پاڪستان سان اسان جا لاڳاپا وسيع بنياد ۽ گهڻ رخي ڀائيواري تي ٻڌل آهن، جيڪي تعليم کان توانائي ۽ واپار کان سيڙپڪاري تائين پکڙيل آهن. متحده رياستن جو ديس آمريڪا ۽ پاڪستان سلامتيءَ جي گڏيل ڀائيواري جي هڪ مضبوط رشتي ۾ به ٻڌل آهن.

توانائي

ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم
يوايس ايڊ ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ جي مرمت ۽ ٻيھر بحاليءَ لاءِ 19.33 ملين ڊالرس مھيا ڪري رھي آھي جنھن سان پلانٽ جا چار يونٽ ٻيھر بحال ٿي بجلي جي پيدا ڪندا. ڄامشورو ٿرمل پاور پلانٽ حيدرآباد، سنڌ، جي ويجھو شھر ڄامشورو ۾ واقع آھي. هن منصوبي جو مک مقصد اھو آھي ته ڄامشورو پاور پلانٽ جي وڃايل پيداوار جي صلاحيت کي ٻيھر بحال ڪري سگھجي ڇو ته اھو ڪافي سال اڳ لڳايو ويو هو. هن پلانٽ جي مرمت ۽ ڪجھ پرزن جي تبديلي سان هي پلانٽ پاڪستان جي بجلي جي ڪل پيداپاري صلاحيت ۾ 270 ميگا واٽ جو اضافو ڪندو. اھو اضافي پاور صوبي جي 6 لک خاندانن ۽ 43 لک ماڻھن جون بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪندو.

گڊو ٿرمل پاور پلانٽ جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم
گڊو ٿرمل پاور پلانٽ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ يو ايس ايڊ طرفان 19.2 ملين ڊالرس لاڳت سان اتر سنڌ جي شھر گڊو ۾ هي پلانٽ ٻيھر هلڻ شروع ٿيو. ان منصوبي جو مقصد هن پلانٽ جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ آھي، ان ۾ 75 ميگا واٽس جو اضافو ٿيو آھي. اھا بجلي هڪ لک گھرن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪافي آھي.

بجلي جي ورھاست ڪندڙ ڪمپنين کي اثرائتو بنائڻ جو منصوبو
سنڌ صوبي ۾ بجليءَ جي ورھاست ڪندڙ ڪمپنين حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪپمني جي اندر انتظام، مالياتي معاملن، خدمتن جو انتظام ۽ مجمعوعي طور سندن ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائڻ لاءِ انھن ڪمپنين سان گڏجي منصوبي تي ڪم ڪيو ويو.

تعليم
سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام

سال 2011 کان سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي سان گڏجي يو ايس ايڊ 155 ملين ڊالرس جي لاڳت سان تعليم جي شعبي ۾ هڪ گھڻ رکو ۽ مفصل پرورگرام شروع ڪيو آھي. اھو پروگرام صوبي جي اٺن ضلعن ۾ ھلي رھيو آھي جن ۾ ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ، خيرپور جيڪب آباد ۽ ڪشمور شامل آھن. ڪراچي شھر جا پنج علائقه ان پروگرام جو حصو آھن. ان پروگرام جو مک مقصد پرائمري تعليم کي بھتر بنائڻ ۽ ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي بھتر بنائڻ شامل آھي.

ان پروگرام هيٺ هيٺيان اھم ڪم ڪيا پيا وڃن:
اسڪولن جي تعمير: ٻوڏ متاثر ۽ ٻين علاائقن ۾ 120 نوان اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن.
سنڌ ريڊنگ پروگرام: هن پروگرام هيٺ ساڍا ست لک ٻارن ۾ پڙھئڻ جون صلاحيتون بھتر ڪيون پيون وڃن.
سنڌ ڪميونٽي موبلائيزيشن پروگرام: هن پروگرام هيٺ جن ضلعن ۾ اسڪول تعمير ٿي رھيا آھن اتي جي برادرين ۽ ڳوٺاڻن سان ڳالھين جو سلسلو وڌائڻ شامل آھي ته جيئن هو پنھنجن ٻارن جي مستقبل لاءِ ٺھندڙ هن اسڪولن جي مالڪي ڪري سگھن، انھن جي سنڀال ڪري سگھن ۽ انھن جي انتظام ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگھن. هن پروگرام ذريعي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ کي پڻ فروغ ڏني ويندي ته جيئن هڪ لک ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائي سگھجي. هن پروگرام هيٺ ٻارن ۾ کاڌي ۽ خوراڪ جي کوٽ بابت پڻ تحقيق ڪري سندن ضرورتن جو پورائو ڪيو ويندو.
سنڌ ڪيپيسٽي ڊوولپمنٽ پروگرام: هن پروگرام ھيٺ صوبائي تعليم کاتي جي مدد ڪئي ويندي ته جيئن هو شعبي جي انتظامي، مالي نظام کي بھتر ڪري سگھن، مانيٽرنگ ۽ مالي انتظام ۾ بھتري اچي.
آرڪيٽيڪچر ۽ انجينيرنگ سپورٽ پروگرام:  هن پروگرام هيٺ تعليم کاتي کي اسڪولن جي تعمير، نقشن، انھن جي جانچ ۽چڪاس ڪرڻ، ٺيڪي ڏيڻ ۽ تعمير جي نگراني ڪرڻ جا تجربا ۽ بھتر مثال ونڊڻ شامل آھي.

پاڪستان ريڊنگ پروگرام (پي آري پي)
يو ايس ايڊ 160 ملين ڊالرس جي مالي تعاون سان سڄي پاڪستان ۾ ٻارن ۾ پڙھئڻ جو صلاحيتون بھتر ڪرڻ لاءِ هي پروگرام شروع ڪيو آھي. ان پروگرام هيٺ سڄي پاڪستان جي ڏھ لک ٻارن ۾ پڙھئڻ جو صلاحيتون هيٺئين ٽن عنصرن ذريعي بھتر ڪيون وينديون.
پھريون: استادن کي نوڪري کان اڳ ۽ نوڪري دوران  پڙھائڻ ۽ مواد تيار ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ.
ٻيون: اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائڻ، ان لاءِ اسڪولن ۾ معلومات ڪٺي ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ٻارن جي پڙھئڻ جي صلاحيت جي چڪاس ڪرڻ شامل آھي.
ٽيون: پاڪستان ۾ پڙھڻ جي قدرن ۽ عادتن کي عام ڪرڻ لاءِ مھم شروع ڪرڻ . سنڌ صوبي ۾ هن پروگرام جو فوڪس سنڌ ريڊنگي پروگرام تي هوندو.

فل برائيٽ اسڪالرشپ پروگرام: سال 2005 کان وٺي يو ايس ايڊ سالانه 19 ملين ڊالرس جي مالي تعاون سان پاڪستان ۾ تعليم جو پروگرام هلايو آھي. ان پروگرام هيٺ چاليھ مختلف قسمن جون اسڪالرشپس ڏنيون ويون آھن. ان عرصي دراون سنڌ صوبي جي 500 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آھن.

اھليت ۽ ضرورت تحت هلندڙ اسڪالرشپس پروگرام: هي پروگرام پاڪستان جي 21 يونيورسٽين جي تعاون سان هلي رھيو آھي، جنھن هيٺ اھل ۽ ضرورتمند ٻارن جي في ڀرڻ سان گڏ کين پڙھئڻ دوران خرچ پڻ ڏنو پيو وڃي. يو ايس ايڊ پاڪستان هائر ڪميشن جي ذريعي اھڙيون اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آھن. سنڌ جي چئن يونيورسٽين ۾ 600 شاگردن کي اھڙيون اسڪالرشپس ڏنيون ويون آھن.

ٻوڏ متاثرن ضلعن ۾ اسڪون جي بحالي جو پروگرام
سال 2011 جي بارشن سنڌ جي ڏکڻ وارن ضلعن ۾ اسڪولن جي عمارتن کي تمام گھڻو متاثر ڪيو. عمرڪوٽ، سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الھيار ۾ مينھوڳي کان متاثر ٿيل 20 اسڪولن جي تعمير ۽ بحالي لاءِ يو ايس ايڊ 4 ملين ڊالرن جي تعاون سان اھي اسڪول تعمير ڪيا.

صحت

ميٽرنل اينڊ چائلڊ هيلٿ پروگرام جي شروعات 2012 کان ٿي آھي جنھن جو مک فوڪس سنڌ صوبي ۾ آھي. 387 ملين ڊالرس جي ان پروگرام جو مقصد اھو آھي ته سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ صحت جي ادارن سان گڏ خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل تعاون سان عوام تائين صحت جون بھتر صحولتون پھچائجن. صحت جو هي پروگرام يو ايس ايڊ طرفان اڳ شروع ڪيل پروگرامن جو تسلسل آھي جن ذريعي 26 ضلعن ۾ ماءَ ۽ ٻار جي پيدائش وقت ٿيندڙ فوتگين ۾ 26 سيڪڙو لاٿ آئي هئي. ۽ هاڻي حدف اھو آھي ته 15 ضلعن ۾ فيملي پلاننگ کي 8.5 سيڪڙو بھتر ڪري سگھجي. ان پروگرام ۾ مقامي برادرين ۽ آبادين جي شموليت کي يقيني بنايو ويندو.  هن پروگرام جا مک اسم هي آھن:

فيملي پلاننگ
ماءُ ۽ ٻار جي صحت
صحت بابت معلومات
صحت بابت استعمال جي شين ۽ سپلاءِ جي رسد کي بھتر بنائڻ
مجموعي طور تي صحت جي نظام کي مظبوط ڪرڻ

انفيڪٽش يعني فھلجندڙ بيماريون:  فھلجندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ ھر سال 1.5 ملين ڊالرس جي لاڳت سان هن پروگرام تي ڪم ڪيو ويندو جنھن هيٺ ليبارٽريءَ جي تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ سينٽرل ڊزيز ڪنٽرول مرڪزن جي  ذريعي هيپاٽاٽس مٿان نظر رکي وڃي. ان لاءِ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ اھڙي مرڪز جو قيام شامل آھي.

صحت جي صحولتن جي تعمير ۽ بحالي
جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي امريڪي حڪومت 1950 کان وٺي مدد ڪندي اچي ٿي. ان حوالي سان تازو ئي 60 بسترن تي ٻڌل فسٽولا وارڊ جي تعمير ڪئي وئي آھي. 2012 ۾ مڪمل ڪيل ان وارڊ ۾ 150 ميڊيڪل جي شاگردن جي تربيت جي گنجائش پڻ موجود آھي. هن نئين اسپتال ۾ سالانه هڪ لک چاليھ ھزار عورتن کي صحت جون صحولتون ڏنيون وينديون.

جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس: 133 بسترن تي ٻڌل هن جديد اسپتال جي تعمير يو ايس ايڊ مڪمل ڪري ورتي آھي، جنھن مان نه صرف جيڪب آباد بلڪه اسپاس جي علائقن جي ڪل 14 لک ماڻھن کي صحت جون صحولتون ميسر هونديون.

معاشي واڌ ۽ زراعت
پاڪستان ۾ هڪ فرم جي ذريعي 90 ملين ڊالرس جي سيڙپ سان هڪ چار سالا پروگرام شروع ڪيو ويو آھي. ايڇ ايم زي 1 فرم جي ذريعي سنڌ صوبي ۾ هيٺين منصوبن تي ڪم ڪيو ويو:
انب: انبن جي آبادگارن کي ٻاھرين ملڪن ۾ برآمد ڪرڻ لاءِ ان چين سان ڳنڍڻ ۽ سندن پيداوار کي بھتر بنائڻ شامل آھي.
کجون: کجيءَ جي پوکي ڪندڙ کان وٺي واپارين کي پروسيسنگ جي بھتر نظامن کان واقف ڪرڻ ته جيئن جيڪو ضعيان ٿئي ٿو ان کان کين بچائجي. مارڪيٽ ۾ خشڪ کجين جو اگھ گھٽ آھي ان ڪري آبادگارن کي تازين کجين جي مارڪيٽ ۾ وڪري ذريعي بھتر منافعا ڪمائڻ جي حوالي سان رھنمائي ڪرڻ. ان منصوبي هيٺ ڪولڊ اسٽوريج جو قيام پڻ شامل آھي. تخمينو اھو آھي ته ان منصوبي ذريعي سندن کپت جي ماليت کي ساڍا ٽي لک ڊالرس تائين پھچائڻ آھي.

خوراڪ جي اسٽوريج جو پروگرام
يو ايس ايڊ ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن هڪ معاھدو ڪيو جنھن هيٺ آءِ ايف سي سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي ته هو خانگي شعبي سان گڏجي خوارڪ جي زخيري لاءِ گدام تعميرڪري ۽ انھن جو انتظام هلائڻ ۾ سيڙپ ڪري.

انٽرپرنيورپروجيڪٽ
اھو هڪ چار ساله منصوبو آھي جنھن جو مک فوڪس عورتن کي ننڊن ڪاروبارن ۾ اڳتي آڻڻ آھي، خاص ڪري زراعت ۽ غير زرعي پيداوار ۽ ڪاروبار ۾ اڳتي آڻڻ. ان منصوبي هيٺ سنڌ صوبي ۾ هيٺيون سرگرميون ڪيون ويون آھن:
ٻوڏ متاثر علاائقن ۾  ٻه هزار عورتن کي ڪپڙا سبڻ جو مڪمل سامان ڏنو ويو، شروعاتي جانچ ثابت ڪيو آھي ته انھن جي وڪري ۾ 66 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي.

دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾  يو ايس ايڊ طرفان خوشحالي لائيو اسٽاڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنھن هيٺ ٻاويھ هزار 579 ٻوڏ متاثر خاندانن کي مال جو چارو، دوائون، ۽ فرٽيلائيزر ڏنو ويو. ان امداد ذريعي في ڪس جانور جي کير ڏيڻ جي صلاحيت ۾ 1.4 لٽر جو اضافو ٿيو. ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن مان 17 سيڪڙوعورتون هنيون.
گارمنٽ جي شعبي سان تعلق رکندڙ 400 عورتن کي تربيت ڏني وئي ته جيئن هو پنھجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ مارڪيٽنگ، منڊيءَ تائين بھتر رسائي حاصل ڪري سگھن.
ڊيري فارمس جي 19000 مالڪ عورتن کي تربيت ڏني وئي ته هو گھٽ ۾ گھٽ پنھجي آمدنيءَ ۾ 50 سيڪڙو جو اضافو ڪري سگھن، ان تعاون سان نوان ڪاروبار شروع ٿيا جنھن کي سندن ڊيري جي پيداوار ۾ 12 کان 41 سيڪڙو جو اضافو ٿيو.
ڊيري فارمس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ گڏيل سيڙپ ذريعي 60 کير جا چلرس لڳايا ويا، جن ذريعي توقع اھا آھي کير جا 23 ملين ليٽر پراسيسنگ تائين پھچي سگھندا. جنھن ذريعي 19 ھزار ماڻھن کي 11 ملين ڊالرس جي اضافي آمدني ٿيندي، ان منصوبي تي يو ايس ايڊ هڪ گرانٽ ذريعي 1.65 ملين ڊالرس ڏنا آھن.

زرعي ڪاروبار جي ترقي
اھو منصوبو ڪيلن ۽ مرچن جي فصلن تي ڪم ڪري ٿو. ڪيلن جي حوالي سان مک مقصد اھو آھي ته ان جي پيداوار ۾ اضافو آڻجي، ۽ ان جي منڊيءَ تائين رسائيءَ کي بھتر بڻائجي. آبادگارن کي يو ايس ايڊ طرفان تربيت ڏني وئي. مرچن جي فصل کي وڌيڪ منافع بخش بنائڻ لاءِ ڪنري جي علائقي ۾ يو اسي ايڊ هڪ ھزار آبادگارن سان گڏ ڪم ڪري رھيو آھي.

فراڊ کي روڪرائڻ لاءِ اينٽي فراڊ هاٽ لائين جو قيام
يو ايس ايڊ پنھجن هلندڙ منصوبن ۾ ڪنھن امڪاني ٺڳيءَ ۽ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ امريڪا جي اداري آفيس آف انسپيڪٽر جنرل (او آءِ جي) جي تعاون سان ٺڳي خلاف هڪ انٽي فراڊ هاٽ لائين جو قيام عمل ۾ آندو آھي. 3 ملين جي ڊالرس سان شروع ڪيل اھا سروس پاڪستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شروع ڪئي وئي جن ۾ اردو، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو شامل آھن. هاٽ لائين جي آفيس ڪراچي ۾ موجود آھي جٿي هڪ مفت فون ڪال ذريعي يو ايس ايڊ جي ڪنھن به هلندڙ منصوبي بابت ٺڳي، دوکي ۽ ڪرپشن جي رپورٽ ڏئي سگھجي ٿي. فون هن مفت نمبر تي ڪري سگھجي ٿي 080084700.

سياسي پارٽين جي واڌاري جو پروگرام
پاڪستان ۾ سياسي پارٽين ۾ ترقي ۽ واڌارو آڻڻ لاءِ هڪ پنج سالا پروگرام 21.5 ملين ڊالرس جي ماليت سان شروع ڪيو ويو آھي. جن سياسي ڌرين جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ نمائدگي آھي انھن جي ميمبرن کي بھتر نظم حڪمراني سان گڏ شفاف حڪمرانيءَ بابت تربيتي پروگرامن ذريعي ڄاڻ ڏني پئي وڃي.

سمال گرانٽس پروگرام
يوايس ايڊ پاڪستان ۾ ٽن ننڊين گرانٽس جي پروگرامن تي ڪم ڪري رھيو آھي. 1) ائمبسڊر جو فنڊ، 2) جينڊر ئيقئيٽي پروگرام ۽ 3) ڪميونٽي بيس اين جو ايز لاِءِ. انھن پروگرام زريعي ڪيترن ئي پروگرامن جي سپورٽ ڪئي پئي وڃي، انھن ۾ تشدد جي متاثرعورتن لاءِ پناھ گاھ، عورتن کي زمينن جا مالڪاڻه حق وٺي ڏيڻ، پاڻي ۽ صحت و صفائي جوانتظام، عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ، آبادگارن جي تنظيمن جي صلاحيت وڌائڻ جو پروگرام وغيره شامل آھن.

ميونسپل سروسز پروگرام
اتر سنڌ جي ضعلن ۾ ميونسپل سرورسز کي بھتر بنائڻ لاءِ يو ايس ايڊ 66 ملين ڊالرس جي ماليت سان هي پروگرام سال 2011 کان شروع ڪيو آھي. بنيادي شھري ضرورتن کي ممڪن بنائڻ هن منصوبي جو مک مقصد آھي. ڪل ماليت مان لڳ ڀڳ 66 سيڪڙو رقم ميونسپل سرشتي جي بحالي ۽ تربيت تي خرچ ٿيندي. 36 ملين ڊالرس پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سالڊ ويسٽ جي انتظام تي خرچ ٿيندا. جيڪب آباد ميونسپل منصوبو اڍائي لک ماڻھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪندو

توانائي
توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان سطح تي شروع ڪيل پروگرام جو هڪ حصو قوئٽا جي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ لائن ۾ ٿيندڙ نقصانن کي گھٽ ڪرڻ سان ڳنڊيل هو. سپلاءِ ڪمپني ۾ سڌارا آڻڻ، ان جو انتظام بھتر ڪرڻ، بجلي جي بلن جي ادائگي کي بھتر ڪرڻ، ڪسٽمر سروس جا قدر متعارف ڪرائڻ شامل آھي.

تعليم
اھليت ۽ ضرورت تي ٻڌل اسڪالرشپ پروگرام
پاڪستاني شاگردن لاءِ ملڪ جي 11 يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو ويو آھي، ان پروگرام هيٺ بلوچستان جي به هڪ يونيورسٽيي شامل آھن بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن، ٽيڪنالاجي، انجينيرنگ ۽ مينيجمنٽ سائنس شامل آھي.

پاڪستان ريڊنگ پروگرام
هي پروگرام پڻ پاڪستان سطح تي شروع ڪيل آھي جنھن ۾ بلوچستان جا 17 ضلعا شامل آھن. هن منصوبي جو مکيا مقصد ڪلاس رومس ۾ سکيا جي عمل کي بھتر ڪرڻ ۽ ان ۾ سڌارا آڻڻ شامل آھن. اسڪولن جو انتظام بھتر ڪرڻ ۽ گھٽ في وارن خانگي اسڪولن جي به همت افزائي ڪرڻ ته جيئن مجموعي سطح تي ملڪ ۾ پڙھائي جي رجحان کي عام ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن.

هائر ايجوڪيشن ڪميشن سپورٽ
يو ايس ايڊ پاڪستان جي 21 يونيورسٽين ۽ عورتن جي ادارن جي مالي مدد ڪري رھيو آھي ته جيئن انھن ادارن ۾ قائم ليبارٽريون، ساز و سامان کي اپگريڊ ڪري سگھجي. گڏوگڏ زريعي يونيورسٽين، انجنيئرنگ، توانائي ۽ ٽيڪنالاجي جي ادارن کي به اپگريڊ ڪري سگھجي.

فل برائيٽ اسڪالرشپس
پاڪستان جي لائق ۽ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ شاگردن لاءِ هي پروگرام کين امريڪا ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ پوسٽ ڊاڪٽورل تحقيق جي ڪم لاءِ سپورٽ ڪري ٿو. امريڪي حڪومت دنيا ۾ سڀ کان وڏو اھڙو اسڪالرشپ پروگرام پاڪستاني شاگردن لاءِ ھلائي رھي آھي.

يوايس پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون
هن پروگرام هيٺ امريڪا ۽ پاڪستان جا اعلا تعليمي ادارا گڏيل طور تحقيقي منصوبه جوڙين ٿا ۽ تحقيق ڪن ٿا.اھڙن منصوبن مان هڪ پاڻيءَ جي وسيلن بابت بلوچستان جي يونيورسٽي سان شروع ڪيل ويو آھي.

ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي
2010 جي ٻوڏ جي ڪري بلوچستان جي ٻن ضلعن جعفرآباد ۽ نصيرآباد ۾ متاثر ٿيل اسڪولن  جي ٻيھر تعمير۽ بحالي لاءِ يو ايس ايڊ 6 ملين ڊالرس مھيا ڪيا.

صحت
ٻارن جون حياتيون بچائڻ

هي پروگرام بلوچستان جي ڪيچ، گوادر ۽ قوئٽا ضلعن ۾ زير عمل آھي. ٻار جي ڄم جي عمل کي محفوظ بنائڻ لاءِ داين جي تربيت ڪئي پئي وڃي. ليڊي هيلٿ ورڪرس جي ذريعي سندن ڳانڊاپو مختلف برادرين ۽ مقامي آبادي سان قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ته ٻارن جي ڄمڻ دوران سندن زندگيءَ لاحق خطرن کان بچائي سگھجي. هن پروگرام هيٺ بلوچستان جي حڪومت کي پڻ سندن ماءِ ۽ ٻار جي صحت واري حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ڏني پئي وڃي.

فيملي پلاننگ جي مد ۾ مدد
فيملي پلاننگ لاءِ گھربل شين جي رسد پھچائڻ ۾ بلوچستان جي حڪومت جي مدد ڪئي پئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻھن تائين انھن خدمتن جي رسائي ٿي سگھي.

معاشي واڌ ۽ زراعت
بلوچستان زرعي منصوبو: هن پروگرام هيٺ صوبي جي افغان سرحد سان ملندڙ 8 ضلعن ۾ 700 غريب آبادين جي ماڻھن جي آمدين ۾ اضافو ڪرڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هي پروگرام مقامي ماڻھن کي پنھجي فصل جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تربيت ۽ مفيد مشوره ڏئي ٿو. هن منصوبي هيٺ آبادگارن کي ايريگيشن، زمين کي ھر ڏيڻ، ھموار ڪرڻ، چوپائي مال ۾ بھتري ڪرڻ  لاءِ گرانٽ پڻ ڏني وڃي ٿي.

انٽرپرينوئر پروجيڪٽ
هن منصوبي هيٺ بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڀرت ڀرڻ، هٿ جي هنر ۽ گھرو صنعت سان وابسطه 2000 عورتن کي منڊيءَ تائين رسائي ڏيڻ جي سلسلي ۾ تربيت ڏني وئي. هن پروگرام ۾ عورتن جا مختلف ڪاروبار گروپ جوڙيا ويا کين گڏ ويھاري مارڪيٽ تائين ڪيئن پھچجي ان موضوع تي تربيت ڏني وئي.

فراڊ کي روڪرائڻ لاءِ اينٽي فراڊ هاٽ لائين جو قيام
يو ايس ايڊ پنھجن هلندڙ منصوبن ۾ ڪنھن امڪاني ٺڳيءَ ۽ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ امريڪا جي اداري آفيس آف انسپيڪٽر جنرل (او آءِ جي) جي تعاون سان ٺڳي خلاف هڪ انٽي فراڊ هاٽ لائين جو قيام عمل ۾ آندو آھي. 3 ملين جي ڊالرس سان شروع ڪيل اھا سروس پاڪستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شروع ڪئي وئي جن ۾ اردو، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو شامل آھن. هاٽ لائين جي آفيس ڪراچي ۾ موجود آھي جٿي هڪ مفت فون ڪال ذريعي يو ايس ايڊ جي ڪنھن به هلندڙ منصوبي بابت ٺڳي، دوکي ۽ ڪرپشن جي رپورٽ ڏئي سگھجي ٿي. ان حوالي سان اوھان وٽ به ڪو اطلاع هجي ته هن نمبر تي ڪال ڪري سگھو ٿا. 080084700

سياسي پارٽين جي واڌاري جو پروگرام
پاڪستان ۾ سياسي پارٽين ۾ ترقي ۽ واڌارو آڻڻ لاءِ هڪ پنج سالا پروگرام 21.5 ملين ڊالرس جي ماليت سان شروع ڪيو ويو آھي. جن سياسي ڌرين جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ نمائدگي آھي انھن جي ميمبرن کي بھتر نظم حڪمراني سان گڏ شفاف حڪمرانيءَ بابت تربيتي پروگرامن ذريعي ڄاڻ ڏني پئي وڃي.

سمال گرانٽس پروگرام
يوايس ايڊ پاڪستان ۾ ٽن ننڊين گرانٽس جي پروگرامن تي ڪم ڪري رھيو آھي. 1) ائمبسڊر جو فنڊ، 2) جينڊر ئيقئيٽي پروگرام ۽ 3) ڪميونٽي بيس اين جو ايز لاِءِ. انھن پروگرام زريعي ڪيترن ئي پروگرامن جي سپورٽ ڪئي پئي وڃي، انھن ۾ تشدد جي متاثرعورتن لاءِ پناھ گاھ، عورتن کي زمينن جا مالڪاڻه حق وٺي ڏيڻ، پاڻي ۽ صحت و صفائي جوانتظام، عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ، آبادگارن جي تنظيمن جي صلاحيت وڌائڻ جو پروگرام وغيره شامل آھن.

ملٽي ڊونر ٽرسٽ فنڊ
هي فنڊ ذريعي خيبر پختونخواھ، فاٽا ۽ بلوچستان جي ڪجھ حصن ۾ پائيدار ترقي، ٻيھر بحالي، تعمير ۽ سڌارن لاءِ وقف ٿيل هو جيڪو سال 2009 جي بحران ۽ 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ قائم ڪيو ويو.

ڪلات قوئٽا ۽ چمن روڊ جي تعمير
حڪومت پاڪستان سان هن معاھدي طور ڪلات کان قوئٽا ۽ چمن روڊ جي تعمير۽ بحالي لاءِ امريڪي حڪومت 90 ملين ڊالرس ڏئي رھي آھي