پاڪستان لاءِ آمريڪي امداد

  1. پاڪستان لاءِ آمريڪي امداد
  2. آمريڪا جي پاڪستان لاءِ امداد

آمريڪا جي امدادي پروگرام، آمريڪي سرڪار جي سمورن شعبن سان گڏ ڪم ڪندي پاڪستان، بين الاقوامي ڊونرز ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي سهڪار سان معاشي واڌ ويجهه ۽ ٻطرفي واپار، توانائي، حڪمراني جي انتظامي معاملن ۾ بهتري،  قانون جي بالادستي، پناهگيرن ۽ ميزبان آبادين، سول سوسائٽي، عوام جي وچ ۾ مٽا سٽا وارن پروگرامن کي هٿي ڏيندڙ منصوبن ۽  ڪووڊ نائنٽين جهڙن موذي مرضن جي خاتمي تي ڌيان ڏنو آهي.

انساني همدردي جي بنياد تي خدمتن جي هڪ ڊگهي تاريخ به آهي، جيڪا اسان جي ملڪن کي پاڻ ۾ جڙيل رکي ٿي. اسان 2005ع ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۽ 2010ع ۽ 2011ع آيل ٻوڏن دوران پاڪستان جي مدد لاءِ موجود هئاسين ۽ اڄ به سموري ملڪ اندر هاڻوڪي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن تائين زندگيءَ جي تحفظ جي ضامن مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ وارين ڪوششن جي اسان قيادت ڪري رهيا آهيون.

آمريڪا گذريل 20 سالن دوران پاڪستان جي عوام کي 32 ارب ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جي سڌي امداد فراهم ڪئي آهي. پر اسان جي سيڙپڪاري ان کان اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسان پاڪستان ۾ “سبز انقلاب” جي حمايت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙن اهم فصلن جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ  جنسون دريافت ٿيون، جنهن سان پاڪستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ معاشي موقعن ۾ ڊرامائي انداز ۾ اضافو ٿيو ۽ سموري ملڪ ۾ ماڻهن جي سراسري ڄمار ۾ واڌ ٿي.

اسان اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو اڳ پاڪستان ۾ بجليءَ جي فراهمي ۾ سيڙپڪاري ڪندي پاڻيءَ جا ذخيرا ۽ پن بجلي گهر تعمير ڪيا هئا، جيڪي اڄ به ڀروسي جوڳي، اثرائتي ۽ صاف توانائي فراهم ڪري رهيا آهن ۽ اهي پاڪستان جي بجليءَ جي پيداوار واري صلاحيت ۾ وڏي پيماني تي اضافي جو ذريعو ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ به پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي گهرن کي بجلي فراهم ڪري رهيا آهن. ذڪر ڪيل آبي ذخيرا پاڻيءَ جي تباهه ڪندڙ کوٽ کي روڪڻ، ٻوڏ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. رڳو منگلا ۽ تربيلا ڊيم ئي پاڪستان مان گذرندڙ پاڻيءَ جو تقريبن ڏهه سيڪڙو حصو ذخيرو ڪري سگهن ٿا. گومل زام ڊيم ذريعي ٿيندڙ آبپاشي ڀرپاسي واري علائقي ۾ زرعي پيداوار کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، هزارين ماڻهن کي خوراڪ ۽ معاشي موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ هاڻوڪي ٻوڏ دوران زندگيون ۽ ڪمائي جا ذريعا بچائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

بنيادي ڍانچي جي اڏاوت کان هٽي ڪري اسان جي ميل جول اسان جي ٻطرفي رشتي جو  شايد جيڪو سڀ کان وڌيڪ حصو مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي، اهو ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ گڏيل لاڳاپن وارو آهي. 1950ع کان اسان جي ٻنهي حڪومتن فلبرائيٽ  جهڙن اعليٰ تعليم جي مٽا سٽا وارن پروگرامن ذريعي هڪ ٻئي کي سمجهڻ واري فهم کي هٿي ڏني آهي. اڄ اسان ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر فلبرائيٽ پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. اسان جي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپن جي طاقت جو اندازو اسان جي مٽاسٽا واري پروگرامن جي اڳوڻن شاگردن تي ٻڌل تنظيم جي 37 هزار متحرڪ ميمبرن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو دنيا اندر پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو سلسلو آهي. اسان جي چوڌاري موجود دنيا ۾ ڀلي ڪجهه به ٿي رهيو هجي، اهي عوامي رابطا اسان جي لاڳاپن کي مضبوط رکن ٿا.

ڪووڊ نائنٽين وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صحت جي شعبي ۾ اسان جي سهڪار پاڪستان کي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر طور تيار رهڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ۽ آمريڪا 8 ڪروڙ  اعليٰ معيار وارين ۽ اثرائتين آمريڪي وئڪسينز جا ڊوز پاڪستان کي عطيو ڪيا. اسان عالمي وبا جو مقابلو ڪرڻ سان گڏ پاڪستان کي مستقبل ۾ امڪاني وبائي مرضن کي منهن ڏيندڙ بنيادي ڍانچي جي اڏاوت ۽ صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد طور 8 ڪروڙ ڊالرز جي سيڙپڪاري به ڪئي آهي.