امريڪا جو صدر

President Donald J. Trumpڊونالڊ جي ٽرمپ کي امريڪا جي هڪ واضح ڪامياب ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو. پنهنجي سموري زندگي هو واپار ۽ تجارت جا معيار مقرر ڪندو آيو آهي. ريئل اسٽيٽ، راندين ۽ انٽرٽينمينٽ وارن شعبن ۾ خاص طور ان جي دلچسپي رهي آهي. ساڳي ئي نموني هن جي سياست ۽ عوامي خدمت واري شعبي ۾ جادوئي آمد ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن امريڪي صدارت واري چونڊ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. ان سطح جي عهدي تي ويهڻ هن جو پهريون تجربو آهي.

امريڪا جي Wharton School of Finance مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ريئل اسٽيٽ واري ڪاروبار جي شروعات ڪئي ۽ نيويارڪ جي ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ واري ڪاروبار ۾ داخل ٿي ويو. جلد ئي ٽرمپ جا تعميراتي منصوبا نيويارڪ جي مين هيٽن واري علائقي توڙي سموري دنيا ۾ هڪ عزت ڀرئي سڃاڻپ بڻجي ويا. هڪ ماهر ليکڪ طور ٽرمپ هن وقت تائين 15 کان وڌيڪ اهڙا ڪتاب لکي چڪو آهي، جيڪي وڏي پيماني تي وڪرو ٿيا آهن. هن جو هڪ ڪتاب The art of the Deal سال جو هڪ نمبر ڪتاب ليکيو وڃي ٿو، جنهن کي بزنيس ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي.

16 جون 2015ع ۾ ٽرمپ صدارتي اليڪشن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو ۽ ريپبليڪن جي 17 اميدوارن جي مهم معطل ٿيڻ کان پوءِ جولاءِ 2016ع ۾ ريپبليڪن پاران صدارتي اميدوار طور ٽرمپ جي نالي جو اعلان ڪيو ويو. 8 نومبر 2016ع تي ٽرمپ وڏي پيماني تي اليڪٽورل ڪاليج پنهنجي حق ۾ ڪري صدارتي چونڊ کٽي ويو. 28 سالن کان پوءِ اها ريپبليڪن جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي. هن سموري ملڪ مان 2600 ڪائونٽيز کٽيون، جيڪو انگ 1984ع ۾ ريگن جي ڪاميابيءَ کان به وڌيڪ آهي. ان سان گڏ هن 62 ملين پاپولر ووٽ به حاصل ڪيو، جيڪو ريپبليڪن جي ڪنهن اميدوار کي هن وقت تائين مليل پاپولر ووٽن واري انگ کان وڌيڪ آهي. هن 306 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا، جيڪو 1988ع ۾ جارج ڊبليو ايڇ بش کان پوءِ وڌ کان وڌ انگ آهي. جڏهن مسٽر ٽرمپ پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ۽ جمود کي ٽوڙڻ جو پيغام ڏنو ته لکين ماڻهو سندس حق ۾ نڪري آيا. اها حقيقي طور تي هڪ قومي ڪاميابي ۽ تاريخي گهڙي هئي.

ٽرمپ پنهنجي مهم جو زور انهن هنڌن تي ڏنو، جتي ريپبليڪنس جي ڪاميابي ڪنهن قدر مشڪل هئي. مثال طور فلينٽ، مشيگن، ڪليولينڊ شهر اندر چارٽر اسڪول ۽ فلوريڊا ۾ هسپانوي چرچ وغيره، ڇاڪاڻ جو هو چاهي پيو ته امريڪي معيشت جي استحڪام وارو پيغام هو سمورن امريڪن تائين پهچائي. پنهنجي ووٽ ذريعي لکين نون ريپبليڪنس پاران ٽرمپ مٿان اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو هن جو زور سٺي واپار ذريعي خوشحالي آڻڻ هو، ان جو ئي نتيجو آهي، جو هن کي انهن علائقن ۾ به ڳڻپ جوڳي ڪاميابي ملي، جيڪي ڪمزور علائقا هئا. اهو واضح آهي ته مسٽر ٽرمپ جي ڪاميابيءَ هر پسمنظر جي امريڪين کي هنڌ گڏ ڪيو آهي ۽ هو پهرين ڏينهن کان قوم کي مثبٿ نتيجا ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ پنهنجي مدي جي هر ڏينهن اهڙا نتيجا ڏيندو رهندو.

مسٽر ٽرمپ 12 سال اڳ ملانيا سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس Barron نالي هڪ پيٽ آهي. ان ساگڏ ٽرمپ کي 4 ٻيا وڏا ٻار به آهن، جن ۾ Don, Jr., Ivanka, Iric ۽ Tiffany شامل آهن. جڏهن ته 8 ڏوهٽا ۽ پوٽا به شامل آهن.