امريڪا جو نائب صدر

Vice President Mike Penceمائيڪل آر پنس 7 جون 1959 ۾ انڊيانا جي شهر ڪولمبس ۾ جائو، هو ايڊورڊ ۽ نينسي پنس جي 6 ٻارن ۾ جمندڙ هڪ هئو۔ هن جي ڏاڏي جي امريڪي رياست ۾ هجرت ڪانپوء جڏهن هو 17 سالن جو هئو هن جي فيملي مڊويسٽ ۾ آباد ٿي وئي۔ مستقبل جي نائب صدر پنهجي ماءُ پيءُ کي هر اهو ڪم ڪندي ڏٺو جيڪو ڪنھن بہ فيملي، ڪاروبار ۽ سٺو نالو ڪمائڻ لاءِ اهميت رکي ٿو۔  پنهجي ماءُ پيءُ جي نقش قدم تي هلندي جنهن انڊيانا جي ننڍي گوٺ ۾ هڪ ڪامياب ڪنويننس اسٽور جو ڪاروبار شروع ڪيو۔ مائيڪ پنس ننڊپڻ کان هي محنت، يقين ۽ فيملي جي اهميت سجاڻي ويو۔

1981 ۾ نائب صدر پنس تاريخ جي شعبي ۾ پنهنجي بيچلرز جي ڊگري هينوور ڪالج مان حاصل ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن اتي هن پنهنجي مسيحي ايمان کي وري کان نئي طريقي سان عمل ۾ آندو جيڪا هن جي زندگي جي رهنما قوت ٿي وئي۔ بعد ۾ هن انڊيانا يونيورسٽي اسڪول آف لا ۾ به شرڪت ڪئي جتي هو سندس زندگي جي محبت سان مليو، ڪيرن پنس هاڻ سيڪنڊ ليڊي آهي۔

تعليم پوري ڪرڻ ڪانپوء نائب صدر پنس قانون کي عمل ۾ آندو۔ انڊيانا پاليسي ريويو فائونڊيشن هلايائين ۽ انڊيانا ۾ هڪ ريڊيو پروگرام ” دا مائيڪ پنس شو” ۽ هفته وار ٽيليويڙن پروگرام جي ميزباني شروع ڪيائين، انهي سان گڏ هو 3 ٻارن مائيڪل، شارلٽ ۽ اوڊري جو فخر ڪندر پيء ٿيو.

انڊيانا ۾ وڌندڙ، سٺي، محنت ڪندڙ رهاڪن جي گهراني ۾ رهي نائب صدر پنس هميشه اهو چاهندو هئو ته رياست ۽ هن ملڪ کي جنهن هن کي گهڻو ڪجه ڏينو آهي موٽ ڏيڻي آهي. سال 2000 هن پنهنجي امريڪي ڪانگريس جي مسند لاء هڪ ڪامياب مهم هلائي ۽ 40 سالن جي عمر ۾ ايوان نمائندگان ۾ داخل ٿيو.

ايسٽ سينٽرل انڊيانا جي ماڻهن نائب صدر پنس کي چهئين پيري ڪانگريس ۾ نمائندگي لاءِ چونڊيو، ڪيپيٽول هل تي هن پاڻ کي محدود حڪومت، مالياتي ذميواري، معاشي ترقي، تعليمي موقعا ۽ امريڪي آئين جو  چيمپيئن ثابت ڪيو. هن جي ساٿي جلد هن ۾ قيادت سڀالڻ جي صلاحيتن کي تسليم ڪري ورتو ۽ هن کي گڏجي ” هائوس ريپبلڪن ڪميٽي” جو چيئرمين ۽ ” هائوس ريپبلڪن ڪانفرنس” جو چيئرمين منتخب ڪئين. هن ڪردار ۾ نائب صدر حڪومت کي ننڊو ڪرڻ، خرچا گهٽائن ۽ رياستن ۽ مقامي حڪومت کي طاقت واپس ڪرڻ لاء مدد ڪيائين.

2013 ۾ جڏهن انڊيانا ۾ رهندڙ ماڻهن هن کي گورنر چونڊيو تو هن ڪانگريس چڏي، هن ساڳو محدود حڪومت ۽ گهٽ ٽيڪس جو فلسفو انڊيانا رياست ۾ پڻ آندو، بحيثيت گورنر هن انڊيانا جي تاريخ ۾ ٽيڪس گهٺائن جي سڀ کان وڏي مثال قائم ڪئي، هن جي دور ۾ رياستي بيروزگاري جي شرح رڪارڊ گهٽ ٿي.

بحيثيت انڊيانا جي گورنر نائب صدر پنس اسڪول فنڊنگ ۾ واڌارو ڪيو، اسڪول پسندي کي وسعت ڏنائين ۽ انڊيانا جي تاريخ ۾ پهرين پري اسڪول پلان قائم ڪيائين. هن هر هائي اسڪول ۾ فني تعليم ۽ ڪيريئر کي ترجيح ڏني. نائب صدر پنس جي قيادت هيٽ انڊيانا جنهن ڪي ” ڪراس روڊ آف امريڪا” چئبو آهي، سڄي رياست ۾ روڊ کاتي ءُ پل جي تعمير لاء 800 ملين ڊالر سيڙاپا، ريڪارڊ ٽيڪس ڪٽوتي جي باوجود رياست مالي طور تي مستحڪم رهي جيئن تان نائب صدر انڊيانا جي جنرل اسمبلي جي ارڪان سان گڏجي به متوازن بجٽ پاس ڪيو جنهن رياست کي مضبوط مالي ذخيره ۽ AAAڪريڊٽ درجه بندي ڏنا جيڪو قوم جي قديم خواهش هئي.

رياست انڊيانا جي ڪاميابن جي ڪهاڻي، نائب صدر پنس جي قانوني ريڪارڊ ۽ تجربي، سندس مضبوط خانداني قدرن صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هن ڳاله تي راضي ڪيو ته هو مائيڪ پنس کي نائب صدارتي اميدوار منتخب ڪري. امريڪا جي ماڻهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر پنس کي 8 نومبر 2017 تي منتخب ڪيو، 20 جنوري 2017 تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر پنس آفيس ۾ داخل ٿيا.

نائب صدر پنس خدا جي فضل جو شڪر گزار آهي ۽ سندس فيملي جي پيار ۽ حمايت ۽ آزادي جي نعمت جيڪو هر امريڪي جو پيدائشي حق آهي هن تي شڪر گزار آهي. هو امريڪا کي وري زبردست ڏسن لاء امريڪا جي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاء اميد رکي ٿو.

بائيوگرافي سورس: whitehouse.gov