Flag

An official website of the United States government

ذاتي ڄاڻ جي رازداري بابت پاليسي

ذاتي ڄاڻ جي رازداري بابت پاليسي- Privacy Policy

اسان ويبسائيٽ استعمال ڪندڙن جي ذاتي ڄاڻ جي رازداري رکڻ واري واعدي تي ڪاربند آهيون. ويب سائيٽ تي وڃڻ وقت توهان جي ڪابه معلومات اسان وٽ جمع نه ٿيندي آهي، جيستائين توهان پاڻ ڄاڻ مهيا ڪرڻ نٿا چاهيو. 

توهان کي ٻڌائيندا هلون ته ويب سائيٽ استعمال ڪندڙن جي ڄاڻ اسان وٽ ڪيئن سنڀالي ويندي آهي: جيڪڏهن توهان ويبسائيٽ تي اچڻ وقت ٻيو ڪجهه به نه ڪريو، پر ويبسائيٽ کوليو، اُن جا صفحا پڙهو يا ڄاڻ ڊائون لوڊ ڪريو ٿا، ته اها ڄاڻ سائيٽ مئنيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي مقصدن جي استعمال لاءِ پاڻمرادو جمع ٿي ويندي آهي.  اسان اها ڄاڻ جمع ڪرڻ ۽ تجزئي لاءِ گوگل اينالائٽڪس (Google Analytics) سافٽ ويئر ڪتب آڻيندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اُن سان توهان جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ويبسائيٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. اسان وٽ ويب سائيٽ تي اُن مواد جي به ڄاڻ جمع ٿي سگهي ٿي، جيڪو  توهان سيڪيورٽي يا وائرس جي خطري ۾ ڏسندا آهيو. اها ڄاڻ توهان جي ذاتي طور نشاندهي نه ڪندي آهي. 

 

اسان وٽ پاڻمرادو معلومات گڏ ٿيندي آهي، جهڙوڪ هيٺ ڄاڻايل طريقن سان توهان ويب سائيٽ تي وڃو ٿا.

انٽرنيٽ ڊومين (مثال طور، جيڪڏهن توهان پرائيويٽ انٽرنيٽ ايڪسيس اڪائونٽ استعما ڪندا ته “xcompany.com”، يا جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي جو ڊومين استعمال پيا ڪريو ته “yourschool.edu” .

توهان جي آءِ پي (Internet Protocol) ايڊريس (آءِ پي ايڊريس هڪ نمبر آهي، جيڪو اُن وقت توهان جي ڪمپيوٽر سان جُڙي ويندو آهي، جڏهن توهان ويب سائيٽ هلائيندا آهيو.) اُن وسيلي توهان اسان جي ويب سائيٽ تي پهچ ملندي آهي. 

برائوزر جو نمونو ۽ ڪم ڪرڻ جو نظام، جيڪو اسان جي ويبسائيٽ تائين رسائي لاءِ استعمال ٿيندو آهي؛ 

توهان پاران ويب سائيٽ تي وڃڻ جو وقت ۽ تاريخ

اهي صفحا، جيڪي توهان ڏٺا ۽ پڙهيا

يوزر نيم، جيڪڏهن ويب سائيٽ تي لاگ اِن ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيو هجي.

جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻـِي ويب سائيٽ وسيلي اسان جي ويب سائيٽ سان جُڙي وڃو ٿا ته اُن جي ايڊريس.

اها ڄاڻ استعمال ڪرڻ سان اسان کي خبر پوندي آهي ته اسان جي ويب سائيٽ تي آيل ماڻهن جو انگ ڪيترو آهي- اها معلومات پنهنجي ويب سائيٽ کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪارگر بڻائڻ ۾ به مددگار بڻجي ٿي.

 

معلومات جي حفاظت- Information protection

اسان گڏ ڪيل معلومات جي ساک، حفاظت ۽ رازداري برقرار رکڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺندا آهيون، جيڪي پرائيويسي ايڪٽ 1974، اِي گورنمينٽ ايڪٽ 2022 ۽ فيڊرل رڪارڊس ايڪٽ ۾ واضح ڪيل هدايتن پٽاندڙ هوندا آهن. اهڙن اپائن ۾  رسائي تي ضابطو شامل آهي، جيڪو رسائي کي گهربل ڄاڻ تائين محدود رکڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجي سسٽم ۾ جمع ٿيل معلومات جي حفاظت لاءِ مختلف قسمن جون حفاظتي ٽيڪنالوجيز استعمال ڪندا آهيون، ۽ حفاظتي اپائن جو معمول موجب جائزو ورتو ويندو آهي ته جيئن اُنهن جو اثر توڙي فعاليت برقرار رهي. 

اسان ٺيڪيدار ۽ ٽئين ڌُر فراهم ڪندڙن کي ساڳين اعليٰ معيارن تي رکندا آهيون، جيڪي ذاتي معلومات جي حفاظت، رازداري ۽ ساک برقرار رکڻ  لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. اُهي کاتي پاران مڪمل ڪيل ڪم دوران رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. 

 

رضاڪاراڻي طور مھيا ٿيندڙ ڄاڻ- Information that you voluntarily provide

اسان وٽ ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي معلومات جمع نه ٿيندي آھي، جيستائين توھان پاڻ مهيا ڪرڻ نٿا چاهيو. جيڪڏھن توھان ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي معلومات مھيا ڪريو ٿا، (مثال طور، اي ميل ذريعي ڄاڻ ڏيڻ يا فارم ڀري ان کي اسان جي ويبسائيٽ وسيلي درج ڪرڻ)، ته اھا ڄاڻ رڳو اِن مقصد لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جو توھان کي ورندي ڏئي سگھون ۽ گھربل ڄاڻ توڙي خدمتون مھيا ڪري سگھجن. رضاڪاراڻي طور ڄاڻ ڏيڻ جو مطلب آھي ته ڄاڻايل مقصد لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ ۾ توھان جو راضپو شامل آھي. جيڪڏھن توھان ڄاڻ نه چاهيندا ته اسان توھان کي گھربل خدمتون مھيا نه ڪري سگھنداسين. جيڪڏھن اسان توھان کي ڄاڻ ڏيڻ جي گذارش ڪريون، ته ان ۾ اھو به واضح ھوندو ته اھا ڄاڻ ڇو گھربل آھي ۽ اُن کي ھڪ ڌار پرائيويسي نوٽيس ۾ استعمال ڪنداسين. اسان اھا ڄاڻ ڪمرشل ۽ مشھوري جي مقصد لاءِ ڪتب نه آڻيندا آھيون.

 

توهان جي موڪليل اي ميل- If you send us an email

اسان جي گھڻن پروگرامن ۽ ويبسائيٽن ۾ توھان کي اي ميل موڪلڻ لاءِ ھمٿايو ويندو آھي. توھان جي پاران مھيا ڪيل ڄاڻ کي توھان جي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اسان توھان کي اي ميل وسيلي رڳو عام معلومات موڪلينداسين. جڏهن ته توهان کي ڄاڻ هجي ته هڪ اي ميل رُخني يا رنڊڪن کان لازمي طور محفوظ نٿي رهي سگهي. اُنڪري توهان کي صلاح آهي ته اسان کي اي ميل ڪريو ته اُن ۾ پنهنجي حساس ڊيٽا ڪڏهن به نه ونڊيو (جهڙوڪ توهان جو سماجي رابطن وارو نمبر).  جيڪڏهن توهان جي رابطه ڪاري لاءِ اي ميل گهڻي حساس آهي، يا وري حساس معلومات، جهڙوڪ توهان جي بئنڪ اڪائونٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ يا سماجي تحفظ جي نمبر  تي ٻڌل آهي، ته توهان کي اُن جي بدران ٽپال وسيلي اُماڻڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان وٽ ڪو محفوظ ويب پيج دستياب آهي ته اهڙو متبادل طريقو به مواد جمع ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. اليڪٽرانڪ ٽپال وارا ميسيجز يا پيغام فيڊل رڪارڊ ايڪٽ (44 U.S.C. 3101 et seq.) ۾ رڪارڊ جي باري ۾ واضح ڪيل معيار تي پورا لهن ته، اُنهن کي وفاقي رڪارڊ جو حصو تصور ڪري سگهجي ٿو. اِن جو مطلب آهي ته توهان جي اُماڻيل اي ميل فيڊرل رڪارڊ ۾ ڄاڻايل گهرجن تي پوري لهندي ته اُنهن کي مختلف عرصن تائين محفوظ ۽ برقرار رکيو ويندو. اليڪٽرانڪ پيغامن جي گهڻي ضرورت نه هجي ۽ رڪارڊ جو حصو نه هجن ته اُنهن کي خارج ڪيو ويندو آهي.

 

معلومات ڪهڙي طريقي سان استعمال ٿئي ٿي؟ – How information is used

اسان وٽ جيڪا ڄاڻ جمع ٿيندي آهي، اُها مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اسان واضح طور ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته ڄاڻ کي اُن جاءِ تي ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪيو وڃي جتي اُها جمع ٿيندي آهي، ته جيئن ويب سائيٽ استعمال ڪندڙن کي خاطري ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ته اُهي معلومات مهيا ڪرڻ گهرن ٿا يا نه.

 

توهان جي معلومات جي ونڊ- Sharing of your information

جيڪڏهن ڪنهن ايجنسي کي توهان جي باري ۾ جاچ گهربل هجي ته توهان پاران مهيا ڪيل معلومات کي سرڪاري ايجنسي سان ونڊي سگهون ٿا. جڏهن ته ٻين محدود حالتن ۾، مثال طور ڪانگريس يا نجي ماڻهن جي درخواست تي جواب ڏيڻو هجي ته، اسان کي قانون موجب توهان جي فراهم ڪيل ڄاڻ ظاهر ڪرڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي ڄاڻ جمع ڪرڻ کان اڳ، جهڙوڪ آن لائين فارم ڀرڻ، توهان کي ٻڌايو ويندو ته ان جو مقصد ڇا آهي ۽ معلومات کي ڪهڙي ريت استعمال ڪيو ويندو. توهان معلومات جي ونڊ ۽ حفاظت بابت ڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ اسان جي پرائيويسي ايڪٽ سسٽمز آف ريڪارڊز نوٽيسز واري صفحي تي وڃي سگهو ٿا. 

 

معلومات سنڀالي رکڻ ۽ هٽائڻ- Retaining information

اسان وٽ معلومات جنهن مقصد لاءِ جمع ٿيندي آهي، اُهو پورو ٿيڻ بعد اها ڄاڻ هٽائي ويندي آهي- البته قانون يا سرڪاري پاليسي تحت اُن کي ڊگهي عرصي تائين رکڻ جي ضرورت نه هجي. اليڪٽرانڪ طريقي سان جمع ڪيل ڄاڻ کي فيڊرل رڪارڊز ايڪٽ جي قاعدن ۽ نيشنل آرڪائيوز اينڊ رڪارڊز ايڊمنسٽريشن پاران منظور ڪيل ضابطن توڙي رڪارڊ شيڊول مطابق سنڀاليو يا هٽايو ويندو آهي. ڪجهه حالتن ۾ اسان وٽ جمع ٿيل معلومات ايجنسي جي رڪارڊ جو حصو بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري، اُها فريڊم آف انفارميشن ايڪٽ (FOIA) تحت درخواست سان مشروط هوندي آهي.

 

انگ اکرن جو تجزيو – Data Analytics

اسان جون ٽيمون انگ اکرن جي تجزئي لاءِ ڊيٽا اينالائيٽڪس استعمال ڪنديون آهن، جنهن کي خام مواد جي تجزئي جي سائنس به ڪوٺيو ويندو آهي. اُن جي استعمال جو مقصد اسان جي ويبسائيٽ کي ان بنياد تي بهتر ڪرڻ هوندو آهي ته ماڻهو اُن کي سولائي ۽ حقيقي نموني سان ڪيئن استعمال ڪن ٿا.

اسان بنيادي انگ اکرن جي تجزئي لاءِ جيڪو پروگرام استعمال ڪندا آهيون، اُهو ڊجيٽل اينالائيٽڪس پروگرام (DAP) آهي، جيڪو وفاقي سرڪار لاءِ تيار ڪيل گوگل اينالائيٽڪس (Google Analytics) اڪائونٽ آهي. هن پروگرام جو مقصد ويبسائيٽ تي ايندڙ ماڻهو جي تجربي کي بهتر ڪرڻ سان گڏ سرڪاري ادارن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد مهيا ڪرڻ آهي ته ماڻهو سرڪاري خدمتن کي ڪهڙي ريت آن لائين ڳوليندا آهن، ۽ اُنهن تائين پهچ حاصل ڪري استعمال ڪندا آهن. نه اسان ۽ نه ئي وري گوگل کي توهان جي اُنهن مخصوص سائيٽن تائين رسائي حاصل آهي، جن تي توهان ويندا آهيو. اسان جو عملو رڳو مخصوص مُدي تائين ويب سائيٽ استعمال ڪندڙن جا جُملِي انگ اکر ڏسي سگهن ٿا. اسان ويبسائيٽ تي ايندڙن جي تجربي کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀائيوارن ۽ ٺيڪيدارن سان جُملي انگ اکر ونڊي سگهون ٿا. بهرحال، ڊجيٽل اينالائيٽڪس پروگرام جي حصي طور ڳوليل وفاقي حڪومت جا ڪي به انگ اکر گوگل جي اشتهاري ڀائيوارن سان نه ونڊيا ويندا آهن. هن پروگرام ۾ ذاتي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو ڪوبه طريقيڪار موجود ناهي ۽ ايجنسيون به ذاتي معلومات کي هن پروگرام جي اڪائونٽ ۾ منتقل نٿيون ڪري سگهن. اُن سان گڏ، هن پروگرام جو ڪوڊ بلڪل شروع ۾ دستياب نقطي تي آءِ پي ايڊريس کي لڪائي ڇڏيندو آهي، ۽ ڪنهن به مرحلي ۾ اصل آءِ پي ايڊريس کي سنڀالي نه رکيو ويندو آهي. 

آفيس آف مئنيجمينٽ اينڊ بجيٽ (OMB) پاران 8 نومبر 2016ع تي پاليسي فار فيڊرل ايجنسي پبلڪ ويبسائيٽس اينڊ ڊجيٽل سروسز  بابت هڪ يادداشتنامو پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي سطح تي استعمال ٿيندڙ سمورين وفاقي ويب سائيٽن لاءِ ڊجيٽل تجزئي جو پروگرام جاوا اسڪرپٽ (Digital Analytics Program JavaScript) جي ڪوڊ تي عملدرآمد لاءِ مرڪزي ايجنسين جي مُکيه برانچ کي ضروري قرار ڏنو ويو آهي. اسان جي ويبسائيٽن تي ايندڙ ماڻهو سندن ويبسائيٽ تي سهيڙيل معلومات جمع ٿيڻ جي اُميد ڪري سگهن ٿا ۽ اسان جي پاران سندن تجربي کي وڌيڪ سولو ڪرڻ لاءِ اُن کي ڪتب آڻي سگهجي ٿو. 

ڊجيٽل اينالائيٽڪس پروگرام جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪريو، dap@support.digitalgov.gov

 

ٽئين ڌُر جون ويب سائيٽون ۽ استعمال- Third-Party Websites and Applications

اداري پاران سوشل ميڊيا سوڌو ٽئين ڌُر جي ڪيترين ئي ويب سائيٽن تي سرڪاري صفحن يا اڪائونٽس جي سنڀال ڪئي ويندي آهي، جنھن جو مقصد امريڪي عوام سوڌو پرڏيھي حقلن سان گڏ سٺي نموني ڪم ڪندي سرگرمين، واقعن، خبرن ۽ معلومات جي باري ۾ ڄاڻ کي ھٿي وٺرائڻ آهي. ٽئين ڌُر جي ويب سائيٽن تي توھان جي سرگرمين جي نگراني انھن ويبسائيٽن جي سيڪيورٽي ۽ رازداري وارين پاليسين تحت ڪئي ويندي آهي. اسان ذاتي ڄاڻ گھرائڻ يا جمع ڪرڻ لاءِ ٽئين ڌُر جون ويبسائيٽون استعمال نه ڪندا آھيون. توھان ته ٽئين ڌُر جي ويبسائيٽ استعمال ڪرڻ کان اڳ پڪ ڪرڻ لاءِ اُن جي رازداري پاليسي جو جائزو وٺو ته توھان جي ڄاڻ امڪاني طور ڪيئن استعمال ڪئي ويندي. توھان کي ٽئين ڌُر جي ويبسائيٽ تي اڪائونٽ ۾ پنھنجي اوليتن سان ٺھڪندڙ پرائيويسي يا رازداري کي ترتيب ڏيڻ گهرجي. 

اسان state.gov ويب سائيٽ سان گڏ سائيٽ استعمال ڪندڙن جي اطمينان تي راءِ ۽ انگ اکر حاصل ڪرڻ خاطر آن لائين سروي لاءِ مستقل بنياد تي فور سي ريزلٽس جي امريڪن ڪسٽمر سيٽسفيڪشن انڊيڪس (ACSI) ڪتب آڻيندا آھيون. اھا سروي مرضي تي ڇڏيل آھي ۽ ذاتي معلومات جمع نه ڪندي آھي. اسان مخصوص مقصدن لاءِ ٻئي محدود وقت جي سروي استعمال ڪري سگھون ٿا، جِن جي وضاحت پوسٽ سان گڏ ڪئي ويندي آھي. 

 

ويب تي ٻڌل اي ميل وسيلي لهه وچڙ جي ايپليڪيشن- GovDelivery 

عالمي معاملن بابت پرڏيهي کاتي جي بيورو (GPA) پاران رُڪنيت وٺندڙ يا سبسڪرائيب ڪندڙ ماڻھن ڏانھن پيغام اماڻڻ لاءِ گووَ-ڊليوري جي ايپليڪيشن استعمال ڪئي ويندي آھي. عالمي ويب پليٽ فارمن بابت جي پي اي جو دفتراداري جي گوو-ڊليوري لاءِ مُک عيوضي جو ڪم ڪندو آھي، جڏھن تھ اھا بھ نگراني ڪندو آھي تھ اداري ۾ ڪنھن کي اي ميل بليٽن اماڻڻ، موضوع ٺاھڻ يا ھدف طئھ ڪرڻ تائين پھچ حاصل آھي.

گووَ-ڊليوري سبسڪرائيب ڪرڻ جو ويب تي ٻڌل اي ميل سسٽم آھي، جيڪو ھڪ ماڻهن (User) کي www.state.gov کان ڄاڻ يا خبرون وٺڻ لاءِ رُڪنيت وٺڻ (Subscribe) جو  دڳ مھيا ڪندو آھي.  GovDelivery استعمال ڪندڙ پنھنجي پسند جا موضوع چونڊيندا آھن. جڏھن ته اداري پاران اُنهي موضوع جي باري ۾ ڪابه  معلومات تيار ڪئي ويندي آھي ته اُھا سبسڪرائيبر تائين ھڪ اي ميل وسيلي پھچي ويندي آھي. يوزر جي سبسڪرپشن وارو خاڪو سندس اي ميل ايڊريس ۽ اُنھن موضوعن تي ٻڌل ھوندو آھي، جِن بابت نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ھُنن چونڊ ڪئي هئي. ويب سائيٽ استعمال ڪندڙ مرضي موجب معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي سبسڪرپشن واري خاڪي (Profile) کي پنهنجي حساب سان ترتيب ڏئي سگهي ٿو. جڏھن ته ڪهڙي به مهل اُها سبڪرپشن ختم ڪري سگهجي ٿي. 

اداري جي گوو ڊليوري سسٽم تي رُڌل ماڻهو اُميد ڪندو آهي ته اداري سان لهه وچڙ وقت سندن ذاتي معلومات جي رازداري رکي ويندي آهي. اسان سبسڪرائيبر پاران مهيا ڪيل اي ميل ايڊريس کي گوو ڊليوري سسٽم ۾ چونڊيل موضوعن بابت ميل پيغام يا خبرون اُماڻڻ لاءِ ڪتب آڻينداسين. جڏھن ته اڳيان ڄاڻايل شين لاءِ گوو ڊليوري سسٽم ۾ استعمال نه ڪيو ويندو آهي. 1- يوزر پاران اڻ چونڊيل موضوعن بابت اي ميل پيغام اُماڻڻ. 2- ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي معلومات ڳولڻ. 3- اسان جي رازداري واري دفتر مان ڇوٽ بنا ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي معلومات ڳولڻ يا اُن وسيلي ڳولا ڪرڻ- ھڪ ماڻھو ان حد تائين اداري جي گوو ڊليوري سسٽم ڏانھن ذاتي طور سڃاڻپ جوڳي معلومات پوسٽ ڪري ٿو يا اُماڻي ٿو، ته اسان قانون، ايگزيڪيوٽو آرڊر يا ضابطن تحت مجاز مقصد پورو ڪرڻ لاءِ اُن جو گهربل يا گھٽ ۾ گھٽ استعمال ڪندا آھيون. ادارو هجي يا گوو ڊليوري سسٽم، ٻنهي مان ڪير به يوزر جو سبسڪرپشن خاڪو (اي ميل ايڊريس سوڌو) پرائيويسي آفيس جي اجازت کانسواءِ نٿو ونڊي سگهي. 

 

يادگيري يا رسائي لاءِ ملندڙ معلومات جا ننڍا فائل-  Cookies

مختصر مواد جو هڪ اهڙو ننڍڙو فائل جيڪو استعمال ٿيندڙ ويب سائيٽ اوهان جي ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ڪري ٿي، ان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي ۾ Cookie چئجي ٿو. ڪوڪيز بنيادي متن جا ننڍڙا ٽڪرا يا فائل ھوندا آھن، جيڪي يا ڪنھن ويھڪ (Session cookies) جي مُدي لاءِ استعمال ٿيندا آھن، يا وري استعمال ڪندڙ جي ھارڊ ڊرائيور ۾  محفوظ ڪيا ويندا آھن، ته جيئن اڳئين ڀيري جڏھن اُھو ماڻھو ڪنھن ويبسائيٽ تي لاگ اِن ڪري ته سندس ڄاڻ جي باري ۾ سڃاڻپ ڪري سگھجي (Persistent cookies).  جيڪڏھن توھان پنھنجي ڪمپيوٽر مشين تي ويھڪ (Session) يا مستقل فائل گڏ ڪرڻ نٿا گھرو ته توھان پنھنجي برائوزر ۾ ڪوڪيز کي بند ڪري سگھو ٿا. توھان کي پوءِ به اسان جي ويب سائيٽن تي سموري ڄاڻ ۽ وسيلن تائين پھچ حاصل ھوندي، پر ڪوڪيز کي بند ڪرڻ سان ڪجهه ويب سائيٽن جو ڪم متاثر ٿي سگھي ٿو. اِن ڳالهه کان آگاهه رهو ته توھان جي برائوزر ۾ ڪوڪيز کي غيرفعال ڪرڻ سان توھان جي ٻين سمورين ويبسائيٽن تي به ڪوڪيز جي استعمال تي اثر پوندو.

 

ٻان سان آن لائين لهه وچڙ

هتي 13 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي تعليمي مواد آڇي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اداري جي ويب سائيٽ جو 13 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي باري ۾ ڄاڻ جمع ڪرڻ جو ارادو هجي ته، اسان ٻارن لاءِ آن لائين پرائيوسي پروٽيڪشن ايڪٽ مطابق ڄاڻ ۽ هدايتون مهيا ڪندا رهنداسين. ويب جي صفحي تي واضح هوندو ته معلومات کي ڇا لاءِ استعمال ڪيو ويندو، اُن کي ڪير ڏسندو ۽ اُن کي ڪيتري دير تائين رکيو ويندو.

 

ٻين ويب سائيٽن جو استعمال

هي ويب سائيٽ  ۾  وفاقي ايجنسين، عالمي تنظيمن، نجي ۽ ڪجهه ڪمرشل ادارن  جي ويب سائيٽن جون لنڪون هونديون. توهان هڪ دفعو اسان جي ويب سائيٽ کان هٽي ٻي سائيٽ تي وڃو ٿا، ته توهان نئين سائيٽ جي رازداري ۽ حفاظت وارين پاليسين سان جُڙي ويندا آهيو. توهان جنهن به ويب سائيٽ تي وڃو، ته اُن جي ذاتي معلومات جي رازداري واري پاليسي جو جائزو وٺڻ سٺي ڳالهه آهي.  اسان ڪنهن به لاڳاپيل ويب سائيٽ ۾ موجود ڄاڻ جي درستگي، ڳانڍاپو، وقت ۽ پورائي جي ضمانت نه ڏيندا آهيون. اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي ڏنل لنڪ سان لاڳاپيل ادارن توڙي ماڻهن جي به ضمانت نه ڏيندا آهيون، جيڪي پنهنجا ويچار، شيون ۽ خدمتون آڇين ٿا. 

 

ذاتي معلومات جي رازداري بابت رابطي لاءِ ڄاڻ

جيڪڏهن توهان وٽ ذاتي معلومات جي رازداري بابت پاليسي ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جي حوالي سان ڪي سوال آهن ته پُڇي سگهو ٿا، اسان توهان جي سوالن ۽ راءِ  جي آجيان ڪريون ٿا. اسان جي رازداري تي عملدرآمد جا مواد، پرائيويسي امپيڪٽ اسيسمينٽ (PIA) ۽ سسٽمز آف رڪارڊز نوٽيسز (SORN) www.state.gov/privacy تي دستياب آهن. ذاتي معلومات جي رازداري بابت پاليسي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ privacy@state.gov تي پرائيويسي آفيس سان رابطو ڪريو يا اسان کي اي ميل ڪريو.

آفيس آف گلوبل انفارميشن سروسز

پرائيويسي آفيس- اي/جي آءِ ايس/پي آر وي

اسٽيٽ انيڪس 9

آمريڪي پرڏيهي کاتو

واشنگٽن ڊي سي، 20006