رائويسي: ذاتي معلومات بابت بيان:
جڏهن اوهان اسان جي ويب سائيٽ تي اچو ٿا، ان وقت اسان اوهان جي ڪا به ذاتي معلومات (PII) تيستائين نٿا طلبيون، جيستائين اوهان پاڻ اهڙي ڪا معلومات فراهم ڪرڻ نٿا چاهيو. اسان جي ويب سائيٽ ذريعي اوهان جيڪا ڄاڻ اسان کي ڏيو ٿا، سا رضاڪارانه هجي ٿي، پر ايئن ڪرڻ سان اوهان ڄڻ ته اسان کي اها اجازت به ڏيو ٿا ته اهڙي ڄاڻ اوهان جي ڪنهن بيان ڪيل خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اوهان اسان کي مڪمل يا پڪي ڄاڻ نٿا ڏيو ته ان جو نتيجو اهو به نڪري سگهي ٿو ته اسان اوهان کي گهربل خدمت فراهم نه ڪري سگهون. جيڪڏهن اوهان اسان جي ادارتي ويب سائيٽ جي چونڊ ڪندي PII (Personal Identifiable Information) تحت ٻڌايل طريقيڪار مثال طور اتي موجود فارم ڀريو ٿا يا اي ميل ذريعي سموري معلومات ڏياري ٿا موڪليو ته ان جي بنياد تي اسان اوهان کي اهڙي ڪا مدد فراهم ڪري سگهنداسين، جنهن لاءِ اوهان اسان کي گذارش ڪئي آهي. اوهان وٽان جيڪا ڄاڻ اسان تائين پهچي ٿي، سا مختلف به ٿي سگهي ٿي، جو ان جو دارومدار ان ڳالهه تي به هجي ٿو ته اسان جي ويب سائيٽ ڏسي اوهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو.
جڏهن اوهان اسان جي ويب سائيٽ تي اچو ٿا، تڏهن اسان وٽ پاڻمرادو اها ڄاڻ جمع ٿي وڃي ٿي ته اوهان ڪهڙي علائقي مان انٽرنيٽ جو استعمال ڪيو آهي. جنهن تاريخ ۽ وقت تي اوهان ويب سائيٽ تائين رسائي ڪريو ٿو، سا معلومات به پاڻمرادو جمع ٿي وڃي ٿي. ان سان گڏ انٽرنيٽ جي ايڊريس (مثال طور سرچ انجڻ يا لاڳاپيل صفحو) جنهن ذريعي اوهان اسان جي ويب سائيٽ تائين پهچو ٿا، سا معلومات به اسان وٽ جمع ٿيندي وڃي ٿي. ان معلومات مان اسان کي خبر پوندي آهي ته اسان جي ويب سائيٽ تي مختلف صفحا ڏسڻ لاءِ ايندڙن جو تعداد ڪيترو آهي. اهڙي معلومات پنهنجي ويب سائيٽ کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪارگر بڻائڻ ۾ به اسان جي مددگار بڻجي ٿي.
اوهان جي موڪليل اي ميل:
اوهان جيڪڏهن ذاتي معلومات ڏيندي ڪا راءِ ڏيو ٿا يا ڪو سوال پڇو ٿا ته اهڙي معلومات کي استعمال ڪندي اسان پنهنجي معيار ۾ وڌيڪ سڌارو آڻينداسين يا وري اوهان جي مليل اي ميل جو جواب ڏئي سگهنداسين. ڪجهه موقعن تي اسان اوهان جي موڪليل اي ميل امريڪي حڪومت جي ٻين لاڳاپيل اهڙن ادارن ڏانهن به موڪليندا آهيون، جيڪي وڌيڪ بهتر نموني سان اوهان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. قانوني حيثيت رکندڙ اختيارين کان سواءِ ڪا به اي ميل ڪنهن ٻاهرين تنظيم سان ناهي ونڊي ويندي.
ٽئين ڌر جون ويب سائيٽس ۽ قانون جو نفاذ:
اسان جي ويب سائيٽ جو آمريڪا توڙي آمريڪا کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ موجود آمريڪي ايجنسيز، سفارتخانن، مختلف تنظيمن ۽ خانگي ادارن سان ڳانڍاپو آهي. جڏهن اوهان ٻي ڪنهن ويب سائيٽ جي لنڪ تي وڃو ٿا، تڏهن اهو سوچي ڇڏيو ته اوهان جو اسان جي ويب سائيٽ سان وڌيڪ ڳانڍاپو نٿو رهي، ۽ پوءِ ان ويب سائيٽ جي ڏنل پرائيويسي پاليسي ئي اوهان تي لاڳو ٿيندي.
سموريون ڪوششون هڪ صحيح ۽ مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن. جڏهن ته اها پڪ به نٿي ڏئي سگهجي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن غلطيءَ جي ڪا گنجائش نه هوندي. ان ويب سائيٽ تي فراهم ڪيل دستاويزن توڙي معلومات بابت نه سفارتخانو، نه وري ان جا ملازم اهڙي ڪا خاطري ڪرائين ٿا ته ڪن خاص مقصدن لاءِ موجود دستاويز لازمي طور تي درست هجن. سفارتخانو ويب سائيٽ تي فراهم ڪيل ڪنهن به مواد جي درست هجڻ، مڪمل هجڻ يا ڪنهن معلومات جي ڪارگر هجڻ توڙي ڪنهن مصنوعات يا بيان ڪيل ڪنهن طريقيڪار بابت ڪنهن به قانوني ذميواريءَ جو پابند نٿو هجي. نه وري اهو چئي سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جي ڪنهن معلومات، مصنوعات يا عمل دوران ڪنهن جا ذاتي حق متاثر نه ٿيندا.
هن ويب سائيٽ کي محفوظ رکڻ لاءِ ته جيئن هتي ڏنل معلومات سمورن ماڻهن لاءِ موجود رهي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران اهڙا ڪمپيوٽر پروگرام يا سافٽ ويئر استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن ذريعي نگراني ڪندي اهڙين غيرقانوني قسم جي ڪوششن جو پتو لڳايو ٿو وڃي، جن ذريعي هتي موجود معلومات کي تبديل ڪرڻ يا ڪو نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هن ويب سائيٽ تي موجود معلومات کي تبديل ڪرڻ يا هتي ڪا نئين معلومات اپ لوڊ ڪرڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل آهي، جو اهو هڪ غيرقانوني عمل آهي، ۽ Computer Fraud and Abuse Act of 1986 تحت اهو قابل سزا عمل آهي. اهڙي نگرانيءَ دوران اسان وٽ پهچندڙ معلومات جانچ ڪندڙ قانون وارا ادارا به استعمال ڪري سگهن ٿا. پر اهو سڀ ڪجهه انهن تي لاڳو نه ٿيندو، جيڪي اهڙي قسم جي ڪنهن به سرگرميءَ ۾ شريڪ نٿا هجن، ۽ معمول موجب انٽرنيٽ استعمال ڪندي اسان جي ويب سائيٽ تي اچن ٿا. جيئن اسان مٿي چئي آياسين ته غيرقانوني طور تي ڪا نئين معلومات اپ لوڊ ڪرڻ يا اڳواٽ موجود معلومات کي تبديل ڪرڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل آهي، ۽ جيڪڏهن ڪير ايئن ڪندو ته ان خلافComputer Fraud and Abuse Act of 1986 هيٺ ڪيس هلندو، جنهن کي 18 U.S.C. Sec.1001 and 1030جو عنوان ڏنو ويو آهي.
رسائيءَ لاءِ گڏ ٿيندڙ معلومات (Cookies):
مختصر مواد جو هڪ اهڙو ننڍڙو فائل جيڪو استعمال ٿيندڙ ويب سائيٽ اوهان جي ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ڪري ٿي، ان کي ڪمپيوٽر جي فني زبان ۾ Cookie چئجي ٿو. اهو فائل انٽرنيٽ تي ويهڻ دوران اوهان جي گذريل ويهڪ (Session) بابت يادگيري فراهم ڪرڻ ۾ اوهان جي مدد ڪندو. Cookie ۾ ڏنل معلومات فقط اها ويب سائيٽ کڻي سگهي ٿي، جنهن اهڙو فائل (Cookie) اوهان ڏانهن منتقل ڪيو آهي، ڪا ٻي ويب سائيٽ اهڙي ڪا به معلومات کڻي نٿي سگهي. اهڙن فائلن (Cookies) جا ٻه قسم آهن.
Session Cookies (عارضي ويهڪ وارا فائل):
هي فائل فقط تيستائين موجود رهن ٿا، جيستائين اوهان جي ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ (Browser) هلندڙ آهي، جيئن ئي اوهان انٽرنيٽ بند ڪندا، اهي فائل پاڻمرادو ميسارجي ويندا. يعني Session Cookies عارضي فائل هجن ٿا. ويب سائيٽ انهن عارضي فائلن (Session Cookies) کي فني مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون. مثال طور اوهان جنهن شيءِ جي ڳولا ۾ آهيو، ان ڳولا کي وڌيڪ آسان ڪرڻ ۾ سائيٽ اوهان جي مددگار ٿي سگهي ٿي، يا ڪنهن ويب سائيٽ تي وڃڻ لاءِ اوهان جي ترجيحات ۾ تبديلي جي سلسلي ۾ به اوهان جي مدد ٿي سگهي ٿي.
Persistent Cookies (مستقل فائل) :
هي مستقل فائل (Persistent Cookies) ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊرائيو ۾ محفوظ ٿي ويندا آهن، جن جي مدد سان اهو فيصلو ٿي سگهندو آهي ته ويب سائيٽ تي ڪهڙا نوان ماڻهو آيا آهن، يا ڪهڙا واپس ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ بار بار ايندڙن جي رستا روڪ ڪئي ويندي آهي ته جيئن مطمئن ڪندڙ سروي لاءِ ڪا درست دعويٰ ڪري سگهجي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ عارضي يا مستقل فائلن (Cookies) جي آمد کي روڪڻ جا خواهشمند آهيو ته اوهان انهن جي آمد کي بند به ڪري سگهو ٿا. ان باوجود اسان جي ويب سائيٽ تائين اوهان جي رسائي ٿي سگهندي. جڏهن ته Cookies جي آمد کي بند ڪرڻ سان ممڪن آهي ته ڪجهه ويب سائيٽس تي وڃڻ وارو عمل متاثر ٿئي. اها ڳالهه ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته پنهنجي Browser تي Cookies کي روڪڻ سان اوهان جيڪي ٻيون ويب سائيٽس ڏسو ٿا، اتي پڻ اهڙي عمل جا اثر پوندا.
ٻاهرين ويب سائيٽس سان ڳانڍاپو: