امريڪي قونصل خاني طرفان سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو

ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ پروقار فوڪ موسيقيءَ جي محفل سجائي وئي. قونصل جنرل گريس شيلٽن سنڌي ميڊيا جي نمائندن، صحافين، ثقافتي اڳواڻن ۽ ٻين معزز ماڻھن کي ڀليڪار ڪيو. لوڪ موسيقيءَ جي محفل جو عنوان ھو ”موسيقيءَ ۽ ثقافت جي ذريعي ماڻھن کي ڳنڊڻ“، جنھن ۾ ٿر کان آيل ستار جوڳي مرليءَ تي ڏنون وڄايون، بدين کان آيل استاد ارباب خان کوسو سنڌ جي مشھور ساز الغوزي تي ڌنون پيش ڪيون ۽ آخر ۾ ناموري فنڪار احمد مغل محفل
۾ شريڪ سوين ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو.
img_8695

ان موقعي تي ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته سنڌ صوبي ۾ مقرري ٿيڻ بعد  ھي سندس پھريون ڀيرو ثقافتي ڏينھن ۾ شرڪت ڪري رھي آھي. ھن چيو ته سنڌ صوفين، شاعرن ۽ درويشن  جي سرزمين آھي، ھن ڌرتيءَ جي ماڻھن ھڪ پيار، سھپ ۽ رواداريءَ تي ٻڌل سماج قائم ڪيو آھي. تنھن کي ھن عظيم ثقافتي ڏينھڻ جي موقعي تي امريڪا سنڌ جي ماڻھن کي امن ۽ خوشحاليءَ سان گڏ نيڪ تمنائون ارپي ٿو.

 سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام امريڪي حڪومت جو 155 ملين ڊالرس جو پنجه ساله منصوبو آھي جنھن جو بنيادي مقصد پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردن کي معياري تعليم مھيا ڪرڻ آھي ۽ داخلا ۾ پڻ اضافو ڪرڻ آھي. اھو پروگرام سنڌ جو چونڊ ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آھي. خانگي ادارن سان اسڪولن جي انتظام ھلائڻ جو معاھدو سنڌ حڪومت جي نون پروگرامن جو حصو آھي، سنڌ واحد صوبو آھي جتي تعليم جي شعبي ۾ پبلڪـ ـ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي شروعات ڪئي وئي آھي ته جيئن شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائي سگھجي.

ھن تقريب جو تصويرون ڏسڻ لاءِ ھن لنڪ تي وڃو

https://www.flickr.com/photos/usconsulatekhi/