امريڪا ۾ تعليمي موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ميلو منعقد ٿيو

ڪراچي: پاڪستان ۾ موجود ٻن امريڪي ادارن EducationUSA (ايجوڪيشن يو ايس اي) ۽ U.S. Educational Foundation (يو ايس ايجوڪيشن فائونڊيشن) گڏيل طور تي ڪراچيءَ ۾ تعليمي ميلو منعقد ڪيو. پاڪستان جي سوين شاگردن امريڪا جي 40 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙهي نڪتل شاگردن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي امريڪي قونصليٽ جو عملو ويزائن، امريڪي طرز زندگي ۽ داخلا لاءِ درخواستن بابت سوالن جا جواب به ڏيندو رهيو.

ميلي جي موقعي تي وقتي قونصليٽ جنرل چاڊ پيٽرسن چيو ته، ”امريڪا ۾ پرڏيهي شاگردن جي انگ ۾ هر سال اصافو ٿي رهيو آهي.“ هن چيو ته، ”امريڪا تعليمي معيار ۽ ان جي چونڊ ۾ متوازن آهي، ان ڪري امريڪا گهڻي کان گهڻن شاگردن لاءِ ڪشش رکندڙ ملڪ آهي.“ ڊاڪٽر پيٽرسن وڌيڪ چيو ته، ”امريڪي ڊگرين جي اها خصوصيت آهي، جو اهي محدود ڪونهن، اهي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍيل آهن، انهن ۾ تحقيقي موقعن توڙي گهڻ مدي واري روزگار جا روشن امڪان هجن ٿا.“

ان موقعي تي EducationUSA (ايجوڪيشن يو ايس اي) جي مشاورتي مينيجر عمير خان چيو ته، ”اسان هيءُ ميلو ان ڪري لڳايو ته جيئن شاگردن کي اها معلومات ملي سگهي ته امريڪا ۾ ڇا پڙهايو پيو وڃي. هتان جا شاگرد امريڪا ۾ پڙهائي پوري ڪري نڪتل شاگردن سان ملن ۽ امريڪا ۾ رهڻ توڙي اتان جي تعليم بابت انهن جو حقيقي موقف ڄاڻي سگهن.“ محترم خان موجب EducationUSA Pakistan  ۽ USEFP پاران اهڙي قسم جو ميلو لاهور ۾ 5 سيپٽمبر ۽ اسلام آباد ۾ 20 سيپٽمبر منعقد ڪيو ويندو.

USEFP اهو ادارو آهي، جنهن پاران تعليم ۽ ثقافتي مٽا سٽا جي ذريعي امريڪا ۽ پاڪستاني ماڻهن لاءِ هڪٻئي کي سمجهڻ کي فروغ ڏنو ويندو رهيو آهي. 1950 ۾ هن اداري جي قيام کان وٺي اٽڪل 5000 پاڪستاني ۽ 900 امريڪي USEFP جي مٽا سٽا واري پروگرام جو حصو بڻجي چڪا آهن. جنهن جو Fulbright سڀ کان وڏو پروگرام آهي.

امريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دلچسپي رکندڙ شاگردن جي مشاورت توڙي مدد لاءِ هن اداري (USEFP) جون آفيسون اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم آهن. USEFP داخلا لاءِ گهربل ٽيسٽن جهڙوڪ TOEFL, SAT, GRE جا مرڪز قائم ڪيا آهن، جيڪي اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود آهن. وڌيڪ معلومات لاءِ اداري جي ويب سائيٽپاڪستان جي ويب سائيٽ ۾ گڏيل قومن جي ايجوڪيشنل فائونڊيشن  يا وري EducationUSA جي فيس بوڪ صفحي ڪريوتي به وڃي سگهجي ٿو.