Flag

An official website of the United States government

نوٽري/تصديقي
نوٽري خدمتون ملاقات وسيلي سمورين قومن لاءِ دستياب آهن

نوٽيس

Appointments are required for notary services.

جائزو

Hand signing documentنوٽري خدمتون سمورين قوميتن لاءِ دستياب آهن ۽ اُهي رڳو ملاقاتن وسيلي مهيا ڪيونوينديون آهن. عام طور نوٽرائيز ڪيل دستاويز آمريڪا ۾ استعمال لاءِ هوندا آهن، تڏهن به اُن ۾ ڇوٽ ملي سگهي ٿي. جيڪڏهن توهان کي گهڻا دستاويز تصديق يا نوٽرائيز ڪرائڻا آهن، ته هڪ ئي ملاقات ۾ ڪرايو. توهان کي ملاقات جي ڏينهن سفارتخاني يا قونصل خاني ۾ گهربل هر نوٽري مُهر لاءِ 50 ڊالر ادا ڪرڻا هوندا.

ملاقات جي ڏينهن توهان لازمي طور:

نوٽرائيز ڪرائڻ لاءِ صحيُن بنا مڪمل دستاويز آڻيو. ايتري قدر جيڪڏهن اهڙا صفحا، جن تي صحي يا مُهر جي ضرورت ناهي، تڏهن به توهان کي پورو ٿَـهو پيش ڪرڻو پوندو. حڪومت پاران جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ڊرائيونگ لائسنس پيش ڪندا. دستاويزن تي توهان جو نالو اُهو ئي هجڻ گهرجي، جيڪو سڃاڻپ ڪارڊ تي آهي. هر نوٽري سيل لاءِ 50 ڊالر ادا ڪريو. هوشيار رهو ۽ اُن دستاويز کي پروڙيو، جيڪو نوٽرائيز ڪرائڻ گهرو ٿا. قونصلر عملي کي توهان جي اڳيان مواد جي وضاحت ڪرڻ جي اجازت ناهي. جيڪڏهن توهان جي نوٽري خدمتن لاءِ شاهد جي ضرورت هجي، ته توهان کي پنهنجي شاهدن جو بندوبست ڪرڻو پوندو. قونصلر عملو توهان جي دستاويزن جي

شاهدي نٿو ڏئي سگهي.

مفت ۾ ادا ٿيندڙ نوٽري خدمتن جا مثال

ڊي ايس -3053: هڪ ڊي ايس –3053 کي نوٽرائيز ڪرائڻ لاءِ صديقي بيان: 16 سالن کان گهٽ عمر جي نالاباغ کي آمريڪي پاسپورٽ جاري ڪرڻ (پي ڊي ايف-345K) . مهرباني ڪري فارم تي درج هدايتن ۽ معلومات وارن حصن جو جائزو وٺو، جِن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. پنهنجي اصل، درست، حڪومت پاران جاري ڪيل فوٽو آءِ ڊي سان گڏ ٻنهي پاسن جا نقل آڻيو. جيئن آمريڪي پرڏيهي کاتي پابند ڪيو آهي ته اِن فارم کي نوٽرائيز ڪيو وڃي، اها خدمت مفت ۾ مهيا ڪئي ويندي آهي.

Scales, Seal, Penپاور آف اٽارني (آمريڪي پاسپورٽ جي درخواست سان گڏ):

جڏهن ٻئي والدين ٻار جي آمريڪي پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ ذاتي طور پيش ٿيڻ کان لاچار آهن، ۽ هو اِن مقصد لاءِ ڪنهن ٽئين ڌُر کي نامزد ڪرڻ گهرن ٿا ته اُهي نوٽري ماڻهن آڏو پاور آف اٽارني (POA) تي صحي ڪري سگهن ٿا. اِن پي او اي ۾ مخصوص ڊيٽا شامل هجڻ ضروري آهي. مثال، نوٽ ڪريو ته هر والدين جي اصل، درست، حڪومت پاران جاري ڪيل تصويري سڃاڻپ ڪارڊ جي ٻنهي پاسن جا نقل پي او اي سان گڏ هجڻ گهرجن. آمريڪي پرڏيهي کاتي پابند ڪيو آهي ته اهو فارم لازمي نوٽرائيز ڪيو وڃي، اها خدمت مفت ۾ مهيا ڪئي ويندي آهي.

آمريڪي ميونسپل، رياست يا وفاقي اداري جي درخواست تي

پرڏيهي حڪومت جي سڌي ريت درخواست تي

امريڪي يوينروسٽين ۽ سرٽيفڪيٽس جي چڪاس جو ڪم

امريڪا جو سفارتخانو يا قونصل خانو امريڪي تعليمي ادارن مان جاري ٿيل ڊپلوما توڙي ٻين سرٽيفڪيٽ سند جي شناخت ۽ انھن جي صحيح هجڻ وارو سرٽفڪيٽ جاري نه ڪندو آھو جيڪو ٻاھرين ملڪن ۾ ڪنھن مقصد لاءِ استعمال ٿيڻو هجي.ان لاءِ وڌيڪ معلومات لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ويب سائيٽ تي وڃو.