امريڪي قونصليٽ طرفان اسپيشل ٻارن لاءِ راندين جي تقريب جو اهتمام


ڪراچي، امريڪي قونصل خاني ڪراچي طرفان عالمي اولپمڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني اسپيشل ٻارن لاءِ راندين جي جو اهتمام ڪيوويو جيڪو اسپيشل اولپڪس پاڪستان جي گڏيل تعاون سان ڪيو ويو. تقريب ۾ قونصل جنرل گريس شيلٽن، اسپيشل اولپمڪس پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل رضوان منصور ۽ سماجي تنظيم آپريشنس ۽ تنظيمي ترقيءَ جي مينجر دانيال علوي شرڪت ڪئي. راندين جي مقابلي ۾ 50 اسپيشل اٿليٽس ۽ 30 شاگردن شرڪت ڪئي جن گڏجي ريس ۾ حصو ورتو ۽ باسڪٽ بال کيڏي.

1

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته  ه ”اڄوڪي تقريب ۾ مونکي پاڪستان جا هي زبردست ٻار ڏسڻ جو موقعو مليو آھي، هنن اسپيشل اٿليٽ ٻارن وٽ توڻي جو مختلف قسم جون صلاحيتون آهن پر تنهن هوندي به هو راندين مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. سي جي شيلٽن چيو ته اسان گڏجي جنھن به مقصد لاءِ ڪوششون ڪيون سي مقصد حاصل ڪري سگھون ٿا. قونصل جنرل اسپيشل ٻارن جي راندين تي توجھه ۽ وقت ڏيندڙ ماڻھن جي ساراھ ڪندي چيو ته ھي ماڻهو پنهجو وقت ڪڍي هنن ذهني ۽ جسماني طور مختلف ٻارن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ۽ هنن ۾ راندين جون نيون صلاحيتون پيدا ڪن ٿا.“

راندين جي هن تقريب ۾ اسپيشل ٻارن سان گڏ امريڪي تعاون سان انگريزي سکندڙ شاگردن گڏجي راندين ۾ حصو ورتو، ٻارن اٿليٽ سان گڏ ٽيبلي ٽينس پڻ کيڏي. ٻارن جي والدين، نوجوان اٿليٽ ۽ امريڪي قونصليٽ جي عملي پڻ راندين ۾ حصو ورتو. تقريب جي آخر ۾ تازو آسٽريليا ۾ ٿيل ايشيا پيسيفڪ اسپيشل اولمپڪس جي راندين ۾ حصو وٺندڙ 16 اسپيشل ٻارن کي اعزاز سان نوازيو ويو.

اسپيشل اومپڪس راندين جو بنياد 1950 ۾ امريڪي صدرجان ايف ڪينيڊي جي ڀيڻ اينس ڪينيڊي شروع ڪيو ھو ڇو ته ھن اسپيشل ٻارن سان ذيادتيون ۽ ناانصافيون پئي ڏٺيون. اسپيشل ٻارن لاءِ پھريون ڀيرو اولمپڪس راندين جو اھتمام 168 ۾ امريڪي شھر شڪاگو ۾ ڪيو ويو ھو جنھن بعد سڄي دنيا ۾ ٻارن لاءِ راندين جو آغاز ٿيو ۽ ھاڻي اھڙي نوعيت جا ھڪ لک پروگرام ٿي چڪا آھن.