ٺٽو: امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ٺٽي ضلعي جي علائقي جھمپير ۾ قائم ٿيندڙ سنڌ ونڊ ڪوريڊور جو دور ڪيو جتي امريڪا جي خانگي مالي تعاون سان ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ واري بجلي گھر تي ڪم ھلي رھيو آھي. قونصل جنرل شيلٽن دوري دورارن بجلي گھر تي ڪم ڪندڙ ماھرن سان ملاقات ڪئي ۽ يو ايس ايڊ جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ گرڊ اسٽيشن جو دورو پڻ ڪيو. بعد ۾ قونصل جنرل ڪينجھر ڍنڍ پڻ گھمي ڏٺي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو سنڌ ونڊ ڪوريڊور جو منصوبو ثابت ٿو ڪري ته صاف توانائي جا منصوبه پاڪستان جي توانائي جي کوٽ کي منھن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ امريڪا پاڪستان طرفان توانائي جي صاف ۽ متبادل ذريعن جي مد ۾ امداد ڪندو رھندو.
پاڪستان جي خانگي ڪمپني سفائر ونڊ پاور پروجيڪٽ طرفان ھلندڙ منصوبي جي دوري دوران قونصل جنرل کي ٻڌايو ويو ته امريڪا جي خانگي سيڙپ ڪاري واري ڪارپوريشن اورسيز پرائيوٽ انويسٽمنٽ ڪارپوريشن جي مالي تعاون سان جھمپير ۾ ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي مصنصوبي تي ڪم ھلي رھيو آھي جتان شروعاتي طور تي 50 ميگا واٽ بجلي پاڪستان جي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿيندي. قونصل جنرل کي اھو پڻ ٻڌايو ويو ته يو ايس ايڊ جي 43 ملين ڊالرس جي مالي تعاون سان نيشنل ٽرانسمشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني لاءِ نئين گرڊ اسٽيشن جي تعمير ڪئي پئي وڃي جنھن سان 680 ميگا واٽ بجلي سپلاءِ ڪرڻ جو لنگھ پيدا ٿيندو.
جھنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ ڪم ڪندڙ اداري وائلڊ لائف فنڊ جي دعوت تي قونصل جنرل پاڪستان جي ٻئي وڏي ڍنڍ ڪينجھر جو دورو ڪيو، جتي وائلڊ لائف فنڊ جي ڪم جي ساراھ ڪندي چيو ته ھي ادارو جھنگلي جيوت جي حفاظت ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ اھم ڪري رھيو آھي.