امريڪي لوڪ فنڪارن ڄامشورو ۾ فن جو مظاھرو ڪيو

ميوزڪ گروپ

ڄامشورو امريڪا کان پاڪستان جي دوري تي آيل امريڪي لوڪ فنڪارن سنڌيولوجي، ڄامشورو ۾ پنھجي فن جو مظاھرو ڪيو. ڪينٽڪي وائنڊرس امريڪا جو مشھور ميوزڪ بينڊ آھي، جنھن جو سربراھ نڪوس پاپاس آھي جيڪو وايولن وڄائيندو آھي، بينڊ جي ٻين ميمبرن ۾ سيٿ فالسن جيڪو بينجو ۽ گٽار وڄائي ٿو، نڪ للوئڊ ۽ جيسي ويلس شامل آھن.

بلو گراس امريڪي لوڪ موسيقيءَ جو اھو قسم آھي جيڪو اوڀر امريڪا جي پھاڙن ۾ مشھور آھي، اھڙي موسيقي اڪثر ڪري ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھو شوق سان ٻڌندا آھن.  ان موسيقءِ تي انگريزي، آئرش، اسڪاٽ لينڊ ۽ ويلس جو گھڻو اثر آھي. ان راڳ جي اوسر ۾ افريڪن امريڪن جاز جو به اھم ڪردار آھي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌيولوجي ۾ محفل موسيقيءَ کي خطاب ڪندي امريڪي قونصل خاني جي  پبلڪ افيئرس شعبي جي سربراھ مارڪ ڪينڊرڪ چيو ته ”موسيقيءَ سان پيار اھڙي شي آھي جيڪا مختلف ثقافتن جي ماڻھن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آڻي ٿي. اسين جڏھن هڪ ٻئي جي موسيقيءَ کي ٻڌون ٿا ته اسان کي هڪ ٻئي کي وڌيڪ سمجھڻ جو موقعو ملي ٿو. ۽ اسان جي ڪيترن ئي پروگرامن جو مقصد پڻ اھو ئي آھي ته اسان هڪ ٻئي کي سمجھون.“

امريڪي بينڊ بعد ۾ ڄامشوري جي صوفي راڪ بينڊ اسڪيچز سان گڏجي به ڳايو ۽ پاڪ يو ايس المناءِ جي ميمبرن سان گڏجي ماجھاندو ڪيو. امريڪي فنڪارن جو هي بينڊ پاڪستان جي دوري تي آيل آھي جنھن جو اھتمام امريڪن قنصل خاني ڪراچي طرفان ڪيو ويو آھي.

امريڪي حڪومت جي ثقافتي ۽ تعليمي پروگرامن بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو!
www.eca.state.gov