امريڪن قونصل خاني ڪراچي طرفان نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس ۾ امريڪا مان آيل بلو گراس ڪنٽرٿ بينڊ محفل موسيقيءَ جو اھتمام ڪيو ويو. آڊيٽوريم ۾ موجود سوين ماڻھن امريڪا مان آيل بينڊ ”ڪينٽڪي وائينڊرس“ سان واضح طور پنهنجي محبت جو مظاهرو ڪري رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (NAPA) ۾ ”ڪينٽڪي وائينڊرس“ نالي موسيقيءَ جي بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان بينڊ جو شمار امريڪا ۾ بلوگراس موسيقيءَ جي وڏين بنيڊس ۾ ٿئي ٿو. نڪول پاپاس جي سربراهيءَ ۾ قائم ان بينڊ ۾ جيڪي ٻيا موسيقار شامل آهن، تن ۾ بينجي ۽ گٽار تي سيٿ فولسم، بيس پليئر تي نڪ لائيڊ جا نالا اچن ٿا، جيڪو پڻ بينجو ۽ گٽار وڄائيندڙ آهي. بينڊ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي.
بلوگراس امريڪا جي قومي موسيقيءَ جو اها صنف آهي، جيڪا گهڻو ڪري اوڀر امريڪا جي اپالاچي جبلن مان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. پنهنجي بنيادن ۾ اها روايتي انگريزي، آئرش، اسڪاٽش ۽ ويلش موسيقي آهي، جنهن جي ترقيءَ ۾ افريڪن-امريڪي موسيقي جاز جو به وڏو حصو آهي.
”هن قسم جي موسيقيءَ بينڊ جي اچڻ سان ماڻهن کي گڏجڻ جو موقعو ملي ٿو“. اهڙو اظهار ڪراچيءَ جي امريڪي قونصليٽ ۾ مقرر پبلڪ افيئرس آفيسر مارڪ ڪينڊرڪ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته، ”جڏهن اسان هڪٻئي جي موسيقي ٻڌون ٿا، تڏهن اسان هڪٻئي جي باري ۾ وڌيڪ سکون ٿا، ۽ اهو سڀ ڪجهه ئي اسان جي عوامي سفارتڪاري آهي“.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ وڏي عرصي کان پاڪستان ۾ فني ۽ ثقافتي سرگرمين کي همٿائي رهيو آهي. ان پاران نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (NAPA) ۽ ٽيڪساس يونيورسٽي آسٽن (UTA) جي بٽلر اسڪول آف ميوزڪ کي ٽن سالن جي پارٽنرشپ لاءِ هڪ ملين ڊالرز جو فنڊ فراهم ڪيو آهي.
منظور ڪيل رقم ڪمپوزيشن، موسيقيءَ جي ساز و سامان ۽ گائڪيءَ تي خرچ ڪرڻ سان گڏ ٻنهي ادارن جي شاگردن توڙي استادن جي مٽا سٽا لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي. NAPA جا شاگرد ۽ استاد 6 مهينن لاءِ UTA ڏانهن ويندا، جتي هو پاڻ کي موسيقي ۽ فن جي حوالي سان وڌيڪ پختگو ڪندا ۽ کين موسيقيءَ جي ٻين صنفن کي سمجهڻ جو موقعو ملندو. ٻئي پاسي UTA جا استاد NAPA ۾ اچي ورڪشاپ منعقد ڪندا ۽ شاگردن کي ماسٽرس جا ڪلاس پڙهائيندا.
امريڪا جي تعليمي ۽ ثقافتي پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ مهرباني ڪري هن لنڪ تي وڃوwww.eca.state.gov